ھائنان(انگريزي: Hainan )海南) عوامي جمهوريه چين جو سڀ کان ننڍو ۽ آخري ڏاکڻي حصي ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ واقع هڪ صوبو آهي جيڪو کوڙ ٻيٽن تي مشتمل آهي جن مان وڏي ۾ وڏو ٻيٽ ھائنان آھي. ھائنان ٻيٽ عوامي جمهوريہ چين جو اختيار ھيٺ پکيڙ ۽ آبادي ۾ سڀ کان وڏي م وڏو ٻيٽ آهي. تائيوان ٻيٽ ان کان وڏو آھي پر اھو عوامي جمهوريه چين جي اختيار ۾ ناھي پر اتي ھاڻي تائيوان جي الڳ ريپبلڪ آھي. ھائنان ٻيٽ صوبي جو 97 سيڪڙو پکيڙ تي مشتمل آهي. ھائنان لفظ جي معني "سمنڊ جو ڏاکڻو پاسو" آهي. اھو نالو ان تي ان ڪري پيو جو اھو چيني سرزمين جي گوئينگڊانگ صوبي جي لائجو اپٻيٽ سان لڳندڙ چيانگجو سامونڊي لنگھ جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. ھن صوبي جي پکيڙ33٬920 ڪلوميٽرزچورس (13٬100 sq mi) جنھن مان ھائنان ٻيٽ 32٬900 ڪلوميٽرزچورس (12٬700 sq mi)
۽ باقي ٻيا 200 ٻيٽ ٽن ٻيٽن جي جھرمٽن: جونگشا، چائشا ۽ نانشا ۾ ورھايل آھن. 1950ع کان 1988ع تائين جي صوبو گوئينگڊانگ صوبي جو حصو ھيو ۽ ان صوبي جي مٿين سطح واري مخصوص معاشي زون جو حصو ھيو. ھن صوبي ۾ لي ماڻھو آبادي جو 15 سيڪڙو آھن جن جي ٻولي ڪارادائي آهي ۽ اھي ھائنان ٻيٽ جا سڀ کان اوائلي رھاڪو آھن. آھي چين جي سرڪاري طور تي تسليم ڪيل 56 نسلي گروهن ۾ شامل آهن. آبادي جو 82 سيڪڙو ھان چيني ماڻھو آھن جيڪي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ آھن جن م مينڊرين، من، ھائناني، يو، ھاڪا ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن[5]. صوبي جي گادي جو هنڌ ھائڪو آھي جيڪو ھائنان ٻيٽ جي اترئين ڀاڱي ۾ واقع آهي. ھن صوبي ۾ ٽي وڏا شھر ۽ ڪائونٽيون واقع آهن جن ۾ سانيا پڻ شامل آهي جيڪو ڏاکڻي ساحل تي واقع ھڪ سياحتي مرڪز آھي. ٻين شھرن ۾ وينچانگ، سانشا، ووجيشا، چيونگھائي شامل آهن.