مواد ڏانھن هلو

گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جو ادارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جو ادارو
فائل:UNEP logo.svg
يو اين اي پي جو لوگو
مخففيو اين اينوائرنمينٽ
تشڪيل5 June 1972
قسمپروگرام
قانوني حيثيتسرگرم
صدر مقامنيروبي, ڪينيا
جڳھ
جڳھون
سربراھ
 ناروي ايرڪ سولھيئم
سنڀاليندڙ تنظيم
گڏيل قومن جو ادارو
ويب سائيٽhttps://www.unenvironment.org/


گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جو ادارو يا يونائيٽيڊ نيشنس اينوايرونمينٽل پروگرام(انگريزي: United Nations Enviorment Programme UNEP)اصل ۾ 1972ع ۾ اسٽاڪ هوم ۾ گڏيل قومن جي طرفان سڏايل ڪانفرنس جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو هو. ڪانفرنس جو مقصد دُنيا جي مُلڪن کي ماحول دوست سرواڻ ۽ ڀائيچارو فراهم ڪندي، ڄاڻ، اُتساهه ۽ سهائتا ذريعي انساني زندگيءَ جو معيار وڌائڻ ۽ ايندڙ نسلن تي نظر رکڻ، دُنيا ۾ ماحولياتي جاڳرتا لاءِ پتوڙڻ، گڏيل قومن جي ماحولياتي سرگرمين کي هڪٻئي سان سلهاڙڻ، ماحولياتي ڀلائيءَ لاءِ دُنيا جي مختلف خطن وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ، اُسرندڙ ملڪن ۾ ماحولياتي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن جي مدد ڪرڻ آهي. ماحوليات جي حوالي سان بين الاقوامي قانون سازيءَ لاءِ هاڪاري ماحول پيدا ڪرڻ جي حوالي سان، هن اداري ساراهه جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي. اداري جو مرڪزي آفيس نيروبي، ڪينيا ۾ آهي ۽ دُنيا جي ڪيترن ٻين مُلڪن ۾ ان جون علائقائي آفيسون پڻ آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]