نيروبي
نيروبي Nairobi | |||
|---|---|---|---|
شھر ء ڪائونٽي | |||
مٿي کان گھڙي وار: مرڪزي ڪاروباري ضلعو، نیروبي نيشنل پارڪ ۾ هڪ زرافو، ڪينيا جي پارليامينٽ جي عمارت، نیروبي سٽي هال ۽ ڪينياٽا انٽرنيشنل ڪنوينشن سينٽر. | |||
| |||
| Nickname(s): "سج م سائو شھر" "The Green City in the Sun" | |||
| Coordinates: 01°17′11″S 36°49′02″E / 1.28639°S 36.81722°E | |||
| ملڪ | ڪينيا | ||
| ڪائونٽي | نیروبي | ||
| Founded | 1899 | ||
| Sub-counties | |||
| حڪومت | |||
| • باڊي | Nairobi City County | ||
| • Legislature | County Assembly | ||
| • Governor | Johnson Sakaja | ||
| ايراضي | |||
| • شھر ء ڪائونٽي | 696.1 چورس ڪلوميٽر (268.8 چورس ميل) | ||
| آبادي (2019)[3] | |||
| • ڪل | 4,397,073 | ||
| • اندازو (2024)[4] | 4,828,000 | ||
| • ڪثافت | 6317.6 في چورس ڪلوميٽر | ||
| • شهري | 4,397,073 | ||
| رهاڪو نالو | Nairobian | ||
| وقتي علائقو | UTC+3 (EAT) | ||
| ڊائلنگ ڪوڍ | 020 | ||
| HDI (2019) | 0.681[5] - medium | ||
| GDP (2023) | 30 billion USD[6] | ||
| GDP PPP (2023) | 90 billion USD[6] | ||
| ويب سائيٽ | nairobi | ||
نيروبي (انگريزي:Nairobi) ڪينيا جي راڄڌاني آهي. هي شهر، سال 1899ع ۾ ٺهرايو ويو ء سال 1907ع ۾، ممباسا جي جاء تي، ملڪ جي گاديء جو هنڌ ٿيو.[7] اهو پڻ نيروبي صوبي جي گاديءَ جو هنڌ آهي. هي شهر ڏکڻ ڪينيا ۾ نيروبي نديءَ جي ڪناري تي سمنڊ جي سطح کان 5,450 فوٽ (1,661 میٽر) جي بلندي تي واقع آهي. نيروبي اوڀر آفريڪا جو سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شھر آھي جنھن جي آبادي سال 2019ع جي مردم شماري مطابق 43,97,073 آھي.[8][9]
سال 1899ع ۾ ريلوي چائوٽي جي طور تي قائم ٿيل،[10] شهر ڪينيا ۾ سڀ کان وڏو ۽ آفريڪا جي وڏي شهرن مان هڪ بڻجي ويو آهي. نيروبي آفريڪا جي اقتصادي ۽ سياسي لحاظ کان اهم ترين شهرن مان هڪ آهي. اهو ڪيترن ئي قومي ۽ بين الاقوامي تنظيمن جون گھر آهي،جيڪا شهر کي ڪاروباري ۽ ثقافتي مرڪز بڻائين ٿيون.
سال 1963ع ۾ آزاد ٿيڻ کان پوء، نيروبي جمهوريه ڪينيا جي راڄڌاني بڻجي ويو.[11] ڪينيا جي شروعاتي دور ۾ شهر ڪافي، چانهه ۽ سيسل ڪاٺ جي صنعتن جو مرڪز بڻجي ويو.[12][13] نیروبي شهر ڪينيا جي ڏکڻ مرڪزي حصي ۾ 1,795 ميٽر (5,889 فوٽ) جي اوچائي تي واقع آهي.
نيروبي ڪينيا جي پارليامينٽ عمارتن جو گهر آهي ۽ ڪينيا جي هزارين ڪاروبار ۽ اهم بين الاقوامي ڪمپنين ۽ تنظيمن جي ميزباني ڪري ٿو، جن ۾ گڏيل قومن جو ماحوليات جو پروگرام (یو این انوائرنمینٹ) ۽ گڏيل قومن جي آفيس نيروبي (UNON) شامل آهن. نيروبي ڪاروبار ۽ ثقافت لاءِ قائم ڪيل مرڪز آهي. نيروبي سيڪيورٽيز ايڪسچينج (NSE) آفريڪا ۾ سڀ کان وڏي اسٽاڪ ايڪسچينج مان هڪ آهي ۽ براعظم تي ٻيو پراڻي ترين ايڪسچينج آهي. اهو واپار جي مقدار جي لحاظ کان آفريڪا جو چوٿون وڏو اسٽاڪ ايڪسچينج آهي، جيڪو هڪ ڏينهن ۾ 10 ملين واپار ڪرڻ جي قابل آهي. شھر ۾ نيروبي نيشنل پارڪ پڻ شامل آهي. نيروبي سال 2010ع ۾ يونيسڪو گلوبل نيٽورڪ آف لرننگ سٽيز ۾ شامل ٿيو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Nairobi County". Infotrak. 8 November 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Nairobi Population 2022". World Population Review. 8 November 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "2019 Kenya Population and Housing Census Volume I: Population by County and Sub-County". knbs.or.ke. اصل نسخو مان 13 November 2019 تي محفوظ ڪيل. 7 November 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "2019 KPHC – Analytical Report on Population Projections Vol XVI". Kenya National Bureau of Statistics. September 2022. ص. 38. 29 February 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Global Data Lab. "Human Development Indices: Sub-national HDI". globaldatalab.org. 22 August 2021 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 Munene, Evans (2019-02-13). "Launch of the Gross County Product 2019 Report". Kenya National Bureau of Statistics (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-03-22 تي حاصل ڪيل.
- ↑ mombasa.go.ke (2018-07-28). "History of Mombasa". Mombasa County. اصل نسخو مان 26 January 2021 تي محفوظ ڪيل. 14 June 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "2019 Kenya Population and Housing Census Volume I: Population by County and Sub-County". Kenya Central Bureau of Statistics. اصل نسخو مان 13 November 2019 تي محفوظ ڪيل. 7 November 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Omwenga, Mairura (2010-09-19). "Nairobi Emerging Metropolitan Region Development Planning and Management Opportunities and Challenges" (PDF). ISOCARP CONGRESS. 46th ISOCARP Congress. Nairobi. ص. 1–5.
- ↑ Roger S. Greenway, Timothy M. Monsma, Cities: missions' new frontier, (Baker Book House: 1989), p.163.
- ↑ britannica.com. "Nairobi History". www.britannica.com/. 18 February 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Production". East Africa Sisal (آمريڪي انگريزي ۾). 2020-05-24 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Rashid, Mahbub (2016-06-16). The Geometry of Urban Layouts: A Global Comparative Study (انگريزي ۾). Springer. ISBN 978-3-319-30750-3.
<ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- Pages using infobox settlement with no map
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- ڪينيا
- راڄڌانيون
- آفريڪا جا شهر
- آفريڪا ۾ راڄڌانيون
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا