مواد ڏانھن هلو

گڏيل جنسي تعليم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گڏيل تعليم پاران: چارلس الئن ونٽر، 1915ع

گڏيل جنسي تعليم يا گڏيل تعليم يا ڪو-ايجوڪيشن (انگريزي: Mixed gender education) يا (Mixed sex education) يا (Co-education) تعليم جو ھڪ اھڙو نظام آھي جنھن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي تعليم حاصل ڪندا آهن. يونائيٽيڊ ڪنگڊم يا برطانيا ۾ ان نظام لاء مڪسڊ لفظ استعمال ٿيندو آهي. اڻويھين صدي عيسويءَ کان پهرين دنيا ۾ ھڪ جنسي تعليمي نظام وڌيڪ مروج ھيو جنھن بعد مغرب ۾ مخلوط تعليمي نظام ھڪ معيار بڻجي ويو. ھڪ جنسي تعليمي نظام اڪثر مسلمان ملڪن ۾ قائم رھيو. دنيا جو قديم مخلوط تعليمي نظام وارو اسڪول آرچبشپ ٽينيسن واري چرچ جو انگلينڊ ھاء اسڪول آھي جيڪو 1714ع ۾ يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي شھر ڪروئيڊن ۾ قائم ٿيو جتي اڄ تائين مخلوط تعليمي نظام جاري آهي.[1] دنيا جو سڀ کان پراڻو بورڊنگ وارو مخلوط تعليمي نظام وارو اسڪول ڊالر اڪيڊمي اسڪاٽلينڊ جي ڊالر نالي پارش ۾ واقع آهي جيڪو 1818 ۾ قائم ٿيو ۽ جتي 1250 کن 5 کان 18 سالن تائين عمر جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڙھن ٿا.[2] دنيا جي پھرين مخلوط تعليم واري ڪاليج اوبرلن ڪاليجيئيٽ جي انسٽيٽيوٽ آھي جيڪا آمريڪا جي رياست اوھيو جي شھر اوبرلن ۾ 3 ڊسمبر 1933 ۾ قائم ٿي. [3]. برطانيا جي پھرين مڪسڊ تعليم واري يونيورسٽي برسٽل يونيورسٽي ھئي جيڪا 1876 کان مخلوط تعليم ڏئي رھي آھي جنھن کي شروع ۾ يونيورسٽي ڪاليج، برسٽل سڏيندا هئا.[4].

تاريخ

[سنواريو]

سورھين صدي عيسويءَ ۾ رومن ڪيٿولڪ چرچ جي اٽلي جي شهر ٽرينٽو ۾ ٽرينٽ واري ڪائونسل ٻارن جا مفت پرائمري اسڪول قائم ڪيا جتي ھر طبقي جي ٻارن کي گڏيل تعليم ڏني وئي.[5] اصلاحتن بعد اولھ يورپ ۾ مخلوط يا گڏيل تعليم متعارف ٿيڻ شروع ٿي. ان وقت پروٽيسٽنٽ عيسائين ڇوڪرن سان گڏوگڏ ڇوڪرين کي بہ بائيبل پڙھائڻ تي زور ڏنو. اھا روايت اتر انگلينڊ ۾ زور وٺي وئي ۽ گڏوگڏ اسڪاٽلينڊ ۽ انگلينڊ جي ٻيٺڪن ۾ پڻ گڏيل تعليم کي فروغ مليو. آمريڪا ۾ پڻ انقلاب بعد چرچ طرفان قائم ڪيل تعليمي ادارا گڏيل تعليمي نظام وارا ھيا. 1900 تائين آمريڪا جا پبلڪ ھاء اسڪول اڪثر گڏيل تعليمي نظام وارا ھيا.[6] ويھين صديءَ جي شروعات ۾ گڏيل تعليمي نظام دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ جاري ٿي چڪو ھيو. فرانس ۾ 1957 ۾ مخلوط تعليم ملڪ جي سمورن پرائمري اسڪولن ۾ لازمي ڪئي وئي ۽ 1975 ۾ اھا ملڪ جي سموري يونيورسٽين ۾ پڻ لازمي ڪئي وئي[7] آمريڪا جي پھرين مڪسڊ تعليم واري سرڪاري يونيورسٽي 1855 ۾ قائم ٿي جنھن جو نالو يونيورسٽي آف آئيووا آهي.[8].

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ "Archbishop's school, 300 years later". The Church Times. 27 November 2019 تي حاصل ڪيل.
  2. ↑ "About Dollar". Dollar Academy. June 10, 2017 تي حاصل ڪيل.
  3. ↑ "History | About Oberlin | Oberlin College". Oberlin College and Conservatory. 2016-05-17 تي حاصل ڪيل.
  4. ↑ Bristol, University of. "History of the University - About the University - University of Bristol". www.bristol.ac.uk.
  5. ↑ "Coeducation." (n.d.): Funk & Wagnalls New World Encyclopedia. Web. 23 October 2012.
  6. ↑ "coeducation". Encyclopædia Britannica. Encyclopædia Britannica Online. Encyclopædia Britannica Inc., 2012. Web. 23 October 2012.
  7. ↑ "Réflexions sur la mixité scolaire en France" (فرانسيسي ۾). Ettajdid.org. 2013-09-16 تي حاصل ڪيل.
  8. ↑ May, A.J. "University of Rochester History"{{cite web}}: CS1 maint: postscript (ڳنڍڻو)