گڏيل بادشاهت جي انتظامي جاگرافي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يونائيٽيڊ ڪنگڊم جا انتظامي يونٽ
نقشو يونائيٽيڊ ڪنگڊم جا ليفٽننسي وارا علائقا ڏيکاريل آھن جن جو نگران شاھي حڪمران جو نمائندو لارڊ ليفٽيننٽ ھوندو ھيو

يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي انتظامي جاگرافي(انگريزي: Adminstrative Geography of United Kingdom ) ھڪ پيچيده موضوع آھي. يونائيٽيڊ ڪنگڊم ھڪ خودمختيار رياست جو نالو آهي جيڪا يورپ جي اتر اولھ ۾ واقع آهي جنھن ۾ انگلينڊ، اتر آئرلينڊ، اسڪاٽلينڊ ۽ ويلز شامل آهن . مڪاني حڪومت ۾ انھن مان ھر ھڪ جو انتظامي جاگرافي جو ھڪ الڳ نظام آھي[1]. انھن نظامن ۾ استعمال ٿيندڙ الڳ الڳ نالن جي ڪري ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ اھي چار الڳ ملڪ آھن[2] انھن چئن لاء ديسي قومن جو لفظ پڻ استعمال ٿيندو آهي. تاريخي طور تي يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي ذيلي-قومي ورھاست اتان جي ڪائونٽي[3] ۽ ڪليسائي پارش آھن. سياسي ورھاست ۾ وري وارڊ ۽ تڪ اچي وڃن ٿا. گھڻي ڀاڱي تقسيم ليفٽننسي واري علائقن ٿيل آهي.

يو ڪي جي انتظامي ورھاست تي ھڪ نظر
ملڪ يونائيٽيڊ ڪنگڊم [[يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي پارليامينٽ[م]]]
يو ڪي جو حصو انگلينڊ ويلز [م] اسڪاٽلينڊ[م] اتر آئرلينڊ [م]
اختياري وارو علائقو گريٽر لنڊن اٿارٽي ۽ گڏيل اٿارٽي وارا علائقا [ڪ]

۽ ٻيا علائقا

ليفٽننسي وارا علائقا ڪائونٽيون پرزروڊ ڪائونٽيون لييفٽننسي وارا علائقا ليفٽننسي وارا علائقا
ڪائونٽي جو قسم غير ميٽروپوليٽن ميٽروپوليٽن نراليون
ڪائونٽي ڪائونسل وارو علائقو علائقي جي ٻہ سطحي ڪائونسل[ڪ] وحداني اختياري [ڪ][و] ڪوبه نہ ڪوبہ نہ لنڊن جو شھر [ڪ] سيلي ٻيٽ[4]

[ڪ][س]

مکيه علائقا

ڪائونسل وارو علائقو [ڪ] ضلعا [ڪ]
ضلعو غير ميٽروپوليٽن ضلعا [ڪ][ب] ميٽروپوليٽن [ب] لنڊن بورا[ڪ]
پارش شھري پارشون[ڪ][+] وارڊ شھري پارشون ڪميونٽيون[ش] ڪميونٽيون شھري پارشون
نوٽ

مٿي ڏنل نشانين جو ھيٺيون مطلب آهي:

[ب] شھري بورو يا شاھي بورو جو مقام مليل
[ڪ] ڪائونسل وارو شھر يا علائقو
[م] مقننه يا قانونساز اسيمبلي وارو
[ش]شايد ڪائونسل وارو
[س] سئي جينرس يا وحداني اختياري. جيڪا ڪائونٽي يا ڪارنوال واري حيثيت نه رکندي آھي پر ان جا اختيار ڪائونٽي وانگر ھوندا آھن
[+]شھر، ڳوٺ يا ڪنھن قريبي شناخت واري. انگلينڊ جا سڀ علائقا پارشون نه ھوندا آھن
[و] ڪائونسل جو علائقو جيڪو ھڪ ضلعي تي مشتمل. ڪائونسل يا ڪائونٽي جي ھوندي آھي يا وري ضلعي جي

تاريخ[سنواريو]

برطانوي ٻيٽن جو ايولر ڊائگرام

1707ع ۾ ويلز جي پرنسپلٽي سميت انگلينڊ جي بادشاھت ۽ اسڪاٽلينڊ جي بادشاھت ٻنھي جي وچ ۾ يونين وارو معاھدو[5] عمل ۾ آيو جنھن سان گريٽ برطانيا جي بادشاھت وجود ۾ آئي جيڪا 1800ع تائين قائم رهي. 1800ع ۾ گريٽ برطانيا جي بادشاھت ۽ آئرلينڊ جي بادشاھت پاڻ م ملي گريٽ برطانيا ۽ آئرلينڊ جي يونائيٽيڊ ڪنگڊم جو بنياد وڌو. 1922ع ۾ آئرش آزاد رياست جي قيام سان آئرلينڊ ورھائجي ويو جنھن سان برطانيا جي رياست موجوده گريٽ برطانيا ۽ اتر آئرلينڊ جي يونائيٽيڊ ڪنگڊم بڻجي وئي. انگريزي قانوني نظام م ويلز 1535ع کان 1542ع تائين واري قانونسازي ذريعي شامل ٿي چڪو ھيو جنھن جي ڪري انگلينڊ ۽ ويلز ساڳي قانون ھيٺ اچي چڪا هئا پر اسڪاٽلينڊ ۽ اتر آئرلينڊ جو پنھنجو الڳ قانوني نظام ھيو [6]. اتر آئرلينڊ پھريون علائقو ھيو جنھن کي گورنمينٽ آف آئرلينڊ ايڪٽ، 1920 ذريعي حڪومت ٺاھڻ جا اختيار مرڪز کان مليا جيڪي 1972ع تائين جاري رھيا ۽ ان سال کان اتر آئرلينڊ جي پارليامينٽ معطل ڪئي وئي ۽ ان تي مرڪز يعني ويسٽ منسٽر گورنمينٽ طرفان سڌي طرح 24 سال حڪومت ڪئي وئي. 1998ع ۾ اتر آئرلينڊ جي اسيمبلي جو قيام عمل ۾ آيو[7].

مڪاني حڪومتن جو نظام[سنواريو]

انگلينڊ[سنواريو]

انگلينڊ ۾ يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي مرڪز طرفان اختياري منتقلي سان قائم ڪيل ڪابہ علحده حڪومت يا قانونساز ادارو ڪانه آهي. انگلينڊ 9 خطن ۾ ورھايل آھي جن ۾ لنڊن ريجن پڻ ھڪ آھي جنھن کي گريٽر لنڊن سڏيندا آهن جيڪا وري ٻن حصن ۾ ورھايل آھي جن مان ھڪ حصو لنڊن شھر ۽ ٻيو حصو 32 لنڊن بورا تي مشتمل آهي. لنڊن ريجن يا گريٽر لنڊن جو انتظام گريٽر لنڊن اٿارٽي سنڀاليندي آھي جنھن ۾ لنڊن جي اسيمبلي شامل آھي جنھن جي سڌي سنئين چونڊ ٿيندي آهي. انگلينڊ جا باقي 8 خطا ميٽروپوليٽن ڪائونٽين، غير ميٽروپوليٽن ڪائونٽين ۽ وحداني اٿارٽين ۾ ورھايل آھن. ڪائونٽيون وري ضلعن ۾ ورھايل آھن. ضلعن کي انگلينڊ ۾ شھر، شاھي بورا، ميٽروپوليٽن بورا پڻ چوندا آهن. انگلينڊ ۾ وحداني اٿارٽي ساڳي وقت ڪائونٽي ۽ ضلعي وارو ڪم ڪندي آهي. ضلعا وري تقريبن شھري پارشن ۾ ورھايل آھن. پارش کي شھري ڪائونسل پڻ چون ٿا جن ۾ ننڍڙا شھر ۽ ڳوٺ شامل ھوندا آھن.وڏن شھرن اندر ۾ شھري پارشون يا شھري ڪائونسلون ڪانه ھونديون آھن. اھا انتظامي ورھاست پنھنجي جاء تي پر انگلينڊ جي ھڪ ٻہ جاگرافيائي ورھاست پڻ ٿيل آھي جيڪا رسمي ورھاست سڏبي آھي جنھن جو انتظامي ورھاست سان تعلق ناھي. ان ۾ انگلينڊ جون رسمي ڪائونٽيون شامل آھن جيڪي لڳ ڀڳ تاريخي ڪائونٽين تي مشتمل آھن. انھن ڪائونٽين ھڪ لارڊ ليفٽيننٽ مقرر ٿيل آهي جيڪو شاھي نمائندو سڏبو آهي ، ان ڪري انھن ڪائونٽين کي ليفٽننسي پڻ چون ٿا.

اتر آئرلينڊ[سنواريو]

اتر آئرلينڊ ۾ گڊ فرائيڊي ايگريمنٽ تحت نادرن آئرلينڊ اسيمبلي ۽ نادرن آئرلينڊ ايگزيڪيوٽو قائم ٿيل آھن. جڏھن اتر آئرلينڊ جي حڪومت معطلي ھيٺ ھئي تہ ھتان جا معاملا اتر آئرلينڊ وارو سيڪريٽري آف اسٽيٽ سنڀاليندو ھو ۽ قانون برٽش پارليامينٽ پاس ڪندي ھئي. اھڙي طرح اتر آئرلينڊ اھو عرصو مرڪز جي سڌي سنئين حڪمراني[8] ھيٺ رھيو.
مڪاني حڪومتي نظام ۾ اتر آئرلينڊ 11 ضلعن ۾ ورھايل آھي جن مان ھر ضلعو ھڪ وحداني اختياري آھي. ان انتظامي ورھاست کان علاوہ اتر آئرلينڊ جي ھڪ روايتي ورھاست پڻ ٿيل آھي جنھن جو انتظامي ورھاست سان واسطو ناھي. ان روايتي ورھاست ۾ اتر آئرلينڊ جون 6 روايتي ڪائونٽيون شامل آھن.

اسڪاٽلينڊ[سنواريو]

اسڪاٽلينڊ کي يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي مرڪز پاران اختيارن جي منتقلي ھيٺ 1999 کان وٺي اسڪاٽش پارليامينٽ جي نالي سان ھڪ قانونساز اسيمبلي ۽ ھڪ علحده اسڪاٽش گورنمينٽ ڪم ڪن ٿا.
مڪاني حڪومت جي نظام ۾ اسڪاٽلينڊ 32 ڪائونسلن وارا علائقا آھن. ھر ڪائونسل وارو علائقو ھڪ وحداني اختياري آھي. ان کان علاوه وڌيڪ انتظامي تقسيم طور اھي ڪائونسل وارا علائقا ڪميونٽي ڪائونسلن ۾ تقسيم ٿيل آھي. ڪجهه ٻھراڙيءَ وارين وڏين ڪائونسلن ۾ علائقائي ڪميونٽيون پڻ قائم آھن.

ويلز[سنواريو]

ويلز کي مرڪز طرفان اختياري منتقلي تحت ھڪ الڳ قانونساز ادارو ويلز جي نيشنل اسيمبلي جي نالي سان آھي جنھن ذريعي ويلش حڪومت ڪم ڪري پئي.
مڪاني حڪومت جي نظام ۾ ويلز ۾ 22 وحداني اختياريون قائم آھن جن مان 10 ڪائونٽي بورا، 9 ڪائونٽيون ۽ 3 شھر شامل آهن. انھن 22 ڪميونٽي ڪائونسلن ۾ انگلينڊ وانگر ساڳي اختيار واريون شھري پارشون واقع آھن. ويلز جي ھڪ رسمي ورھاست پرزروڊ ڪائونٽين ۾ پڻ ٿيل آهي جن جو موجوده انتظامي ورھاست سان ڪو تعلق ناهي پر ماڻھن ۾ رسمن ان جو ذڪر ھوندو آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. United Nations Economic and Social Council. "Ninth United Nations Conference on the standardization of Geographical Names" (PDF). unstats.un.org. وقت 30 October 2008 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2008-10-21.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. Scottish Parliament. "Your Scotland questions; Is Scotland a country?". scottish.parliament.uk. وقت 21 June 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2008-08-01. As the UK has no written constitution in the usual sense, constitutional terminology is fraught with difficulties of interpretation and it is common usage nowadays to describe the four constituent parts of the UK (Scotland, England, Wales and Northern Ireland) as “countries”.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. Bryne, T., Local Government in Britain, (1994)
  4. Isles of Scilly
  5. Treaty of Union
  6. Macinnes, Professor Allan I. "Acts of Union: The creation of the United Kingdom". BBC. حاصل ڪيل 13 November 2019. 
  7. Carmichael, Paul (1 June 2003). "The Northern Ireland Civil Service under Direct Rule and Devolution". International Review of Administrative Sciences (International Review of Administrative Services) 69 (2): 205–217. doi:10.1177/0020852303069002006. 
  8. Direct Rule