گووندا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پورو نالو گووِند اَرون آھوجا (پيدائش 21 ڊسمبر 1963ع)، گووِندا جي نالي سان گھڻو ڄاتو ويندڙ، ھندوستاني اداڪار، مزاح ڪار، ناچ ڪندڙ ۽ اڳوڻو سياستدان. ھندي فلمن ۾ ڪيل سندس ڪم جي ڪري گھڻو سُڃاتو وڃي ٿو. ھن ٻہ فلم فيئر اسپيشل ايوارڊ ۽ بھترين مزاح ڪاري تي ھڪڙو فلم فيئر ايوارڊ حاصل ڪيو آھي.

Govinda, looking pensive in a purple satin shirt
Govinda at Katrina Kaif's birthday party in 2008

جيون ڪٿا[سنواريو]

بالي ووڊ جي اداڪار گووندا (سڄو نالو گووندا ارجن آهوجا) جي وڏن جو ڳوٺ پاڪستان جي صوبي پنجاب جو گجرانوالا آهي، جِتي سندس پيءُ ارون آهوجا 1917ع ۾ ڄائو، جنهن لاهور جي انجنيئرنگ ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. ان زماني جي هڪ پروڊيوسر محبوب خان کيس 1937ع ۾ ممبئي وٺي آيو ۽ پنهنجي فلم ”ايڪ هي راستا“ ۾ هيرو جو پارٽ ڏنائين. گووندا جي والد جي ائڪٽنگ جا جوهر 1940ع ۾ ٺهيل ”عورت“ فلم ۾ نظر اچن ٿا.

گووندا (Govinda) جي ماءُ نسيم (Naseem) مسلمان هئي، انگريزي وڪيپيڊيا موجب انڊين اداڪار گوندا جو بڻ سنڌي ۽ پنجابي آهي. اهو ته طئي آهي ته سندس والد پنجابي هو، ان جو مطلب ته گووندا جي ماءُ نسيم سنڌياڻي هئي. شادي کان پوءِ گووندا جي ماءُ نسيم پاڻ کي نرملا ديوي (Nirmala Devi) سڏائڻ لڳي. ارون (گووندا جو پيءُ) ۽ نسيم (ماءُ) پهريون دفعو سويرا فلم ٺهڻ دوران هڪ ٻئي سان مليا ۽ 1941ع ۾ شادي ڪيائون. چون ٿا ته ارون کي پوءِ پنهنجيون فلمون ٺاهڻ جو شوق ٿيو، پر پهرين ئي فلم جنهن جو هو پروڊيوسر ٿيو سخت ناڪامياب (فلاپ) وئي، کيس وڏو نقصان ٿيو، جنهن جي صدمي ۾ هو کٽ تي ڪريو ته مرڻ تائين بيمار ئي رهيو. سندن گهر ممبئي جي ڪارٽر روڊ تي هو، اهو وڪڻي ممبئي جي اتر ۾ ٻهراڙيءَ واري علائقي ويرار ۾ اچي رهيو، جِتي گووندا 1963ع ۾ ڄائو. گووندا سندس والد ارون جي ڇهن ٻارن مان سڀني کان ننڍو آهي. ان ڪري هن کي ننڍي هوندي کان وٺي گهر ۾ ”چي چي“ سڏين ٿا. ”چي چي“ پنجابي ٻولي جو لفظ آهي، جيڪا اڄ به گووندا جي گهر ۾ ڳالهائي وڃي ٿي ۽ ان لفظ جي معنيٰ آهي چيچ (هٿ جي ننڍي آڱر). گووندا جو پيءُ جيئن ته فلم نه هلڻ جي غم ۾ بيمار رهيو ان ڪري گووندا جي ماءُ نرملا ديويءَ هن کي نپائي وڏو ڪيو.

حوالا[سنواريو]

[1] [1][2]

  1. بنارس کان برمودا (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-11 
  2. ڪتاب جو نالو:بنارس کان برمودا، الطاف شيخ