مواد ڏانھن هلو

گل محمد شھدادڪوٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مولانا الحاج ميان گل محمد :(انگريزي: Mian Gul Muhammad Mekan )، علامهمولانا نُور محمد صاحب شهدادڪوٽيءَ جا وڏا فرزند هئا. 21 رجب 1240 هجريءَ ۾، شهر ڪنڊو،تحصيل ڀاڳ، رياست قلات ۾ تولد ٿيا. علامه ميان گل محمد صاحب ڪجهه تعليم ڪنڊي (بلوچستان)، ۽ ڪجهه شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي. سمورو علم پنهنجي والد مولانا نُور محمد صاحب کان حاصل ڪيائون. آخر، تعليم ڏيڻ جي غرض سان، پنهنجي والد بزرگوار سان گڏ، بلوچستان مان هجرت ڪري، شهدادڪوٽ سنڌ ۾ اچي رهيا. سندن ڏاڏاڻن ۾ مشهور بزرگ علامه عبدالعليم ڪنڊائي عليه الرحمة هو، جنهن جي مزار شريف روهڙي ضلعي سکر جي لڳ ٽڪريءَ تي زيارتگاهه خلائق آهي. علامه ميان گل محمد صاحب مرحوم ٻاويهن سالن جي عمر ۾ فارغ التحصيل ٿيا، ۽ سرائي پير بخش صاحب کهاوڙ جي اصرار ۽ طلب موجب شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيا. مولانا گل محمد صاحب مرحوم کان ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيا، جن مان سندن ننڍو ڀاءُ مولانا غلام صديق صاحب شهدادڪوٽي، مولانا قاضي داد محمد صاحب (مڪران)، مولانا عبدالحڪيم صاحب افغان (ساڪن ڪابل)، ۽ مولانا محمد حسين صاحب حيدرآبادي ڪافي مشهور آهن. سندن همعصرن ۾مولانا عبدالغفور صاحب همايوني، مولانا محمد هاشم صاحب ڳڙهي ياسيني، ۽مولانا عبدالرحمان صاحب سکرائيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. مولانا جي طريقت جو سلسلو قادريه هو. پاڻ عمدة العارفين مولانا ميان غلام حيدر صاحب قادري ڪٽباري (تحصيل لهڙي، رياست قلات) واري جا مريد هئا. سندن سلسلو مخدوم محمد صديق مهيسر (تعلقو گهوٽڪي) سان ملحق آهي، جنهن جو سلسلو حضرتسلطان العارفين باهو عليه رحمة سان ملي ٿو. حاجي سائينداد مستوئي بلوچ ابتدا ۾ سندن سخت مخالف هو. هو اهل علم کان پري ڀڄندو هو. هڪ دفعي علامه صاحب جي هڪ مريد اچي کين عرض ڪيو ته ”سائينداد خان مستوئي منهنجا سؤ رپيا کائي ويو آهي سي مون کي وٺي ڏيو“. ميان صاحب ٽي دفعا سائينداد کي ماڻهو موڪلي گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر هن ٽيئي دفعا چوائي موڪليو ته ”آءٌ مُلي وٽ هرگز نه ويندس!“ ان تي ميان صاحب چوٿون دفعو چوائي موڪليس ته ”هن مُلي جي در تي تنهنجون جتيون ضرور گسنديون!“ ٿيو به ائين – سائينداد اڌ رات جو سرديءَ ۾ دروازي تي حاضر ٿي ميان صاحب مرحوم کان معافي ورتي، ۽ پڇاڙيءَ تائين حضرت علامه جو سچو مريد ٿي رهيو. مرڻ وقت اولاد کي وصيت ڪيائين ته انهيءَ درگاهه کي نه ڇڏجو، ۽ بزرگن جي عرس جي خيرات ثواب خاطر ڪندا رهجو. علامه صاحب مرحوم 27 ذوالحج 1306ھ ۾ وفات ڪئي. شهر شهدادڪوٽ ۾ پنهنجي درگاهه ۽ مدرسي جي حاطي اندر مدفون آهن. مرحوم حج جي سفر ۽ حرمين شريفين جي زيارت کان به مشرف هئا. مولوي محمد ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسين وارو، مولانا گل محمد صاحب جو شاگرد آهي ۽ وٽس مولانا مرحوم جي ملفوظات ۽ ٻيو قلمي ذخيرو موجود آهي. مولانا مرحوم فارسيءَ جا شاعر هئا. اسان کي سندن ٻه مصراعون هڪ رباعيءَ جون، جيڪا امير خسرو دهليءَ جي رباعيءَ جي ڀران جوڙي هئائون، مليون آهن، جي هيٺ ڏجن ٿيون: امير خسرو: بيکارم در کارم چون مد بحساب اندر،

خاموش بگفتارم چون خط بکتاب اندر،

پابسته برفتارم چون پا برکاب اندر،

در خانہ ببازارم چون شخص بخواب اندر.

مولوي گل محمد: مي سازم، مي سوزم، چون خون بکباب اندر،

مي گريم مي خندم چون برق سحاب اندر.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. منظور احمد حليمي--مولانا گل محمد مرحوم شهدادڪوٽيرسالو:مهراڻ سوانح نمبر 1990 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ