گليل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سادي گليل

گليل (slingshot) يا ٽيٽڪ، ھڪ ننڍو ھٿيار آھي جنھن ۾ رٻڙ جي رسن کي ٻن پاسن واري ڪاٺي، پلاسٽڪ، لوھ وغيرہ جي سادي ٻِہ-منھي شڪل واري ڳن ۾ ٻڌبو آھي. رٻڙ جي رسن جي ڇيڙن تي چمڙي يا ٻي نرم پر سخت مود سان چيلو ٺاھيو ويندو آھي. گليل کي ھلائڻ لاءِ ھڪ ھٿ ۾ ڳن کي مضبوطيءَ سان جھلي ٻي ھٿ ۾ چيلي ۾ ڪو ڳوڙھو يا پٿر وجھي ڇڪيو ويندو آھي جنھن کي ڇڏڻ سان ڳوڙھو نشاني ڏانھن تيزي سان ويندو آھي. گليل کي پکين جي شڪار ۽ يا ماڻھن سان جھيڙي ۾ استعمال ڪيو ويندو آھي.