گلوبي ڊڪشنري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گلوبي ڊڪشنري سنڌي ٻولي جي هڪ آن لائن ڊڪشنري آهي، جيڪا گلوبي ڊاٽ ڪام جي ويب سائيٽ پاران پيش ڪيل آهي. هن ڊڪشنري ۾ سنڌي کان انگريزي، سنڌي کان اردو ۽ انگريزي کان سنڌي، اردو کان سنڌي ۽ سنڌي کان ٻين سمورين ٻولين ۾ انيڪ ٻولَ (لفظن) جي سنڌي ۾ معنيٰ ڏني وئي آهي. هن ڊڪشنري جي خصوصيت اها آهي ته هن تي وڪيپيڊيا وانگر ڪوبه ماڻهو ڀاڱيداريون ڪري سگهي ٿو، لفظن جي معنائن جون درجيڪاريون ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ گلوبي ڊڪشنري جي ويب سائيٽ تي ڀاڱيدريون ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندڙڻ کي پنهنجي فيس بڪ، گوگل جي ميل اڪائونٽ سان لاگِ اِن ٿيڻ سميت رجسٽريشن ڪري اڪائونٽ ٺاهي سگهجي ٿو ۽ لاڳاپيل ٻولي ۾ ٻين ٻولين کان لفظن جي معنيٰ درج ڪري سگهجي ٿي.

حوالا[سنواريو]


ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]