گلان جو مقبرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بيگم گلان (Bagum Gulaan) جو مقبرو يا ماڳ ڪلھوڙن جي صاحبي 1873-1800ع واري زماني جو اڏيل آهي. ميان نورمحمد ڪلھوڙي جو قبرستان ديھ ۽ ڳوٺ نورمحمد تعلقو دولتپور، ضلعو نواب شاھ. ھن ماڳ جي ڏکڻ ۾ اٽڪل ھڪ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي نم جو ڳوٺ، اوڀر ۾ ھڪ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي لنڊڪي ڪئنال، مقيم ڏاھري جو ڳوٺ ھتان کان 3 ڪلو ميٽر اولھ ۾ ۽ مورو شھر ھتان کان 16 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي. ھي ماڳ اتر ويڪرائي ڦاڪ26032\'50\'\' ۽ اوڀر ڊگھائي ڦاڪ 6804\'8\'\' ڊگرين تي موجود آھي. بيگم گلان ميان نورمحمد ڪلھوڙي جي گھر واري ۽ ميان غلام شاھ ڪلھوڙي (Miyaan Ghulam Shah Kalhorro) جي ماءُ ھئي. سندس مقبرو رٿ ۾ مستطيل آھي. جنھن کي -اوڀر- ۾ ونگن سان دروازو ڏنل آھي. مھاڙي چئن اڀن ۽ پنجن سڌن پانيلن سان سينگاريل آھي. اڀرندي پاسي کي ڇڏي باقي ھر پاسي واري ديوار ۾ پنج اڀا ۽ پنج سڌا پانيل ٺھيل آھن. ڏکڻ ۾ نوڪدار ونگ سان روشندان (ventilator) لڳل آھي. ڇڄھري مقبري جي چوڌاري ڦريل آھي، جنھن جي ڪنڊن وٽ برجيون (Turrets) ٺھيل آھن. مقبري کي محرابي ڇت آھي؛ جنھن جي مٿان ڪوڻيءَ جو ابتو گل ٺھيل آھي ان جي مٿان ڪلس ڏنل آھي. اندران ٻاھران گچ گاري سان لنب ٿيل آھي. گل ٻوٽن جا ڌنڌلا عڪس اڃا بيٺا آھن. اندر اولھ واري ديوار تي اندرئين پاسي ونگاوان پانيل ٺھيل آھن. اھڙي طرح ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ به اھڙا گھڻ راسي ونگن وارا پانيل ڏنل آھن. ڀتيون اندرئين طرف چٽيل آھن. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد