گرڙ پکي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گُرُڙُ پکي پراڻي دور جي آکاڻين ۾ گُرڙُ پکيء جو ذڪر گهڻو ٿيندو هو. اهو آکاڻين وارو گرڙ پکي ايڏو وڏو هوندو هو جو جيئري جاڳندي انسان کي پنھنجي چنبن ۾ پڪڙي اڏامي ويندو هو. هن جي رهائش بلند پھاڙن تي هوندي هئي. سنڌباد جي سفرنامن واري قصي ۾ بہ گرڙ پکيء جو ذڪر آهي. فارسي ۾ ان کي هما ۽ سيمرغ چوندا آهن. قديم دور کان وٺي هن پکي کي ڀاڳ بخت جي علامت ليکيندا آهن. چوندا آهن تہ جنھن ماڻهو تي هما پکيء جو پاڇولو پوندو اهو ضرور بادشاه بڻجي ويندو. اهو بہ چيو ويندو هو تہ جيڪو هن پکي کي ماريندو اهو چاليھن ڏينھن ۾ پاڻ بہ ضرور مرندو.

هي عجيب و غريب ۽ منفرد پکي انگريزيءَ ۾ lammergeier ۽ Bearded vulture جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن جي سائنسي سڃاڻپ Gypaetus barbatus جي نالي سان ٿيندي آهي. ھي ڳجهہ جو ڪو قسم نہ آھي هن کي نہ ڳجهہ ۾ شامل ٿو ڪري سگهجي ۽ نہ ئي ٻين شڪاري پکين ۾. هن جي کاڌ خوراڪ 80 کان 90 سيڪڙو صرف هڏا هوندا آهن. مئل جانورن جا هڏا. هڏن کائڻ لاءِ بہ هي ڏاڍو دلچسب طريقو استعمال ڪندو آهي. وڏي سائز جا هڏ چنبن ۾ کڻي فضا جي بلنديءَ تان انھن کي پٿرن تي ڪيرائندو آهي تہ ڀڄي ڀري پون ۽ سولائي سان کائي سگهي. قدرتي طور هن جو معدي جي تيزابيت بہ تمام گهڻي هوندي آهي جيڪا ماهرن موجب +1 ph تائين ٿيندي آهي. اها تيزابيت هن کي سخت هڏا هضم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. سخت ۾ سخت هڏو بہ هن جو معدو 24 ڪلاڪن ۾ صفا ڳاري ڇڏيندو آهي.

گرڙ پکيءَ جي پيمائش 94 کان 125 سينٽي ميٽر ٿيندي آهي ۽ پرن جي پکيڙ 7.6 فوٽن کان 9.3 فوٽن تائين هوندي آهي. هن جو سراسري وزن سوا 6 ڪلوگرام ٿيندو آهي. آفريڪي جنس ان کان ڪجهہ هلڪي ٿيندي آهي.

هي پوري دنيا ۾ ٿيندو آهي، سنڌ جي جابلو علائقي ۾ بہ 20ھين صديءَ تائين هن جي رهائش هوندي هئي مگر 80 ۽ 90 وارن ڏهاڪن ۾ دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هن جي آبادي تمام گهڻو گهٽجي وئي هئي تنھن کان پوء مختلف علائقن ۾ هن جو نسل بچائڻ جو ڪوششون تيز ڪيون ويون ۽ هاڻي هن جي آبادي ٻيھر مستحڪم ٿيڻ لڳي آهي.

گرڙ پکي بلند جبلن تي پٿرن ۾ ڪاٺين سان پنھنجو آکيرو ٺاهيندو آهي. آکيرو بہ تمام وڏو هوندو اٿس عام طور تي چار فوٽ گولائي ۾ ۽ سوا ٻہ فوٽ گهرو. ڪٿي ڪٿي تہ 7-8 فوٽ گولائي ۽ 3 فوٽ اونهائي وارا آکيرا بہ لڌا ويا آهن. هن جي مادي سال ۾ صرف هڪ ڀيرو سياري جي آخر ۾ هڪ يا ٻہ آنا لاهيندي آهي. 55 کان 60 ڏينھن جي آري کان پوء آني مان ٻچو نڪرندو آهي. 100 کان 130 ڏينھن تائين ٻچو آکيري ۾ رهندو آهي. ان کان پوءِ اڏام لائق ٿيندو آهي. اڏرڻ لائق ٻچو پوء بہ تقريبن 2 سال پنھنجي والدين سان گڏ گذاريندو آهي. گرڙ پکين جي سراسري عمر 22 سال ليکي ويندي آهي پر ڪجهہ پکي 45 سالن جي عمر تائين بہ زنده رهندي ڏٺا ويا.