گري اليڪٽرڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گري اليڪٽرڪ اپلائينسز انڪارپوريشن آف جوھائي
قسم پبلڪ ڪمپني
تجارت بطور سانچو:Szse
صنعت اليڪٽرانڪس، گھرو استعمال واري مشينري
قيام 1989
صدر دفتر چين جو شھر جوھائي(Zhuhai)، چين
خدمتي علائقو پوري دنيا ۾
اھم شخصيتون ڊونگ منگجو
چيئر وومن ۽ پريزيڊنٽ
صنعتي پيداوار وڏي ۽ ننڍي اليڪٽرانڪ مشينري واريون شيون
مالڪ گري گروپ %18.22
ويب سائٽ www.gree.com.cn
حاشي / حوالا
[1]


Gree Electric Appliances Inc. of Zhuhai
سادہ چینی 珠海格力电器股份有限公司
روایتی چینی 珠海格力電器股份有限公司

گري اليڪٽرڪ اپلائينسز انڪارپوريشن آف جوھائي: Gree Electric Appliances Inc. of Zhuhai : چين جي وڏي اليڪٽرانڪ مشينري واريون شيون ٺاھيندڙ ڪمپني جي صدر مقام جوھائي (Zhuhai)، صوبو گئانگ ڊونگ آھي.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

ھيء ڪمپني دنيا جي سڀ کان وڏي ايئر ڪنڊيشنر مينيوفيڪچرر آھي. [2]ڪمپني گھرو ۽ ڪمرشل ٻن قسمن جا ايئر ڪنڊيشنر ٺاھي پئي.ان کان سواءِ بجلي وارا پکا، پاڻيءَ جا ڊسپينسر، ھيٽر، چانورن جا ڪڪر (Rice cookers), ايئر پيوريفائر، بجليءَ واريون ڪٽليون ، ھيومڊيفائر (humidifier) ۽ انڊڪشن ڪڪر، (induction cooker), ۽ ٻيون شيون پڻ ٺاھي پئي. ڪمپني پنھنجون تيار ٿيل شيون چين ۽ ٻاھرين ملڪن ۾ نالي Gree جي برانڊ سان وڪرو ڪري ٿي.

تاريخ[سنواريو]

گري Gree جوھائيZhuhai، گئانگ ڊونگ Guangdong ۾ 1989 ۾ وجود ۾ آئي ان وقت ڪمپني جو نالو جوھائي سٽي ھئلي ڪولنگ انجنيئرنگ ڪمپني لميٽيڊZhuhai City Haili Cooling Engineering Company Limited (چيني: 珠海市海利冷气工程股份有限公司). 1994 ۾ ھن جو نالو گري اليڪٽرڪ اپلائينسز انڪارپوريشن آف جوھائيGree Electric Appliances Inc, of Zhuhai رکيو ويو. ڪمپني بغير نالي جي ھڪ فيڪٽري قائم ڪئي جنھن ۾ 200ملازم ھئا ۽ ان جي سالياني پيداوار 20000 يونٽ ھئي.1996 ۾ ڪمپني شينجين(Shenzhen) اسٽاڪ ايڪسچينج جي لسٽ ۾ شامل ٿي[3] 2008 ۾ ڪمپني جو %46 واڌارو ٿيو ۽ 23 ارب ڊالرن جا بڪنگ وارا معاھدا ٿيا.ھاڻي اھا ھڪ ملٽي نيشنل اينٽرپرائيز enterprise بڻجي وئي آهي جنھن ۾ 70000 ھزار ملازم ڪم ڪن ٿا. ان جي سالياني پيداوار ھن وقت 65.5 ملين يونٽ آھي.اپريل 2011 ۾ ھن ڪمپني پنھنجي سال جي پھرين چوٿائيfirst-quarter جي نج آمدني (net income ) ۾ پوئين سال جي ڀيٽ ۾ 46 سيڪڙو اضافي جي پڌرائي ڪئي جڏھن تہ 2010 جي سالياني نج آمدني 934.7 ملين يوئان ظاھر ڪئي.[4]

ڪمپني ۾ شراڪت[سنواريو]

31 ڊسمبر 2015 تي ڪمپني ۾ وڏي ۾ وڏو حصيدار گري گروپ، ٻئي نمبر تي ھيبي شنگھائي انويسٽمنٽ گارنٽي ٪8.91، ان بعد چائنا سيڪيورٽيز فائننس ٪ 2.99، سينٽرل ھئيجين انويسٽمنٽ ٪ 1.4، فوريسيا لائيف انشورنس ۽ ٻيا ڪيترائي مالياتي گروپ ان جا حصيدار آهن.2001 ۾ گري گروپ ڪمپني 50.289 پرسنٽ حصيدار ھيو. .[5]

حوالا[سنواريو]

  1. "2015 Annual Report" (PDF). Gree Electric (ٻولي ۾ Chinese). Shenzhen Stock Exchange. حاصل ڪيل 10 December 2016. 
  2. Businessweek.com. "[1]." Guangdong Visions: Forging China's Future. Retrieved on 2016-08-08.
  3. [http://fingad.duedee.com/2008/7/23/Gree-Electric-Appliances-Inc-of-ZhuHai---Depressing-Performance/37375/ Gree Electric Appliances Inc, of ZhuHai http://fingad.duedee.com/2008/7/23/Gree-Electric-Appliances-Inc-of-ZhuHai---Depressing-Performance/37375/ Gree Electric Appliances Inc, of ZhuHai] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 112 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  4. "China Stocks: Air China, Chalco, Chengde Lolo, Gree Electric - Bloomberg". bloomberg.com. حاصل ڪيل 19 May 2011. 
  5. "2001 Annual Report" (PDF). Gree Electric (ٻولي ۾ Chinese). Shenzhen Stock Exchange. حاصل ڪيل 10 December 2016.