گري اليڪٽرڪ
گري ڪمپني جو لوگو | |
چين جي شھر نينچينگ ۾ گري ڪمپني جو اسٽور | |
| ڪمپني جو قسم | پبلڪ ڪمپني |
|---|---|
| سانچو:Szse | |
| صنعت | اليڪٽرانڪس، گھرو استعمال واري مشينري |
| قائم ٿيل | 1989 |
| ھيڊڪوارٽر | چين جو شھر جوھائي(Zhuhai) ،
|
خدمت ڪيل علائق | پوري دنيا ۾ |
اھم ماڻھو | ڊونگ منگجو
چيئر وومن ۽ پريزيڊنٽ |
| مصنوعات | وڏي ۽ ننڍي اليڪٽرانڪ مشينري واريون شيون |
| آمدني | 200,024,000,000 رينمنبي (2018) |
| مالڪ | گري گروپ %18.22 |
| ويب سائيٽ | www.gree.com.cn |
| حاشيا / حوالا [1] | |
| Gree Electric Appliances Inc. of Zhuhai | |||
|---|---|---|---|
| سادہ چینی | 珠海格力电器股份有限公司 | ||
| روایتی چینی | 珠海格力電器股份有限公司 | ||
| |||
گري اليڪٽرڪ اپلائينسز انڪارپوريشن آف جوھائي: Gree Electric Appliances Inc. of Zhuhai : چين جي وڏي اليڪٽرانڪ مشينري واريون شيون ٺاھيندڙ ڪمپني جي صدر مقام جوھائي (Zhuhai)، صوبو گئانگ ڊونگ آھي.
تفصيلي تعارف
[سنواريو]ھيء ڪمپني دنيا جي سڀ کان وڏي ايئر ڪنڊيشنر مينيوفيڪچرر آھي. [2]ڪمپني گھرو ۽ ڪمرشل ٻن قسمن جا ايئر ڪنڊيشنر ٺاھي پئي.ان کان سواءِ بجلي وارا پکا، پاڻيءَ جا ڊسپينسر، ھيٽر، چانورن جا ڪڪر (Rice cookers), ايئر پيوريفائر، بجليءَ واريون ڪٽليون ، ھيومڊيفائر (humidifier) ۽ انڊڪشن ڪڪر، (induction cooker), ۽ ٻيون شيون پڻ ٺاھي پئي. ڪمپني پنھنجون تيار ٿيل شيون چين ۽ ٻاھرين ملڪن ۾ نالي Gree جي برانڊ سان وڪرو ڪري ٿي.
تاريخ
[سنواريو]گري Gree جوھائيZhuhai، گئانگ ڊونگ Guangdong ۾ 1989 ۾ وجود ۾ آئي ان وقت ڪمپني جو نالو جوھائي سٽي ھئلي ڪولنگ انجنيئرنگ ڪمپني لميٽيڊZhuhai City Haili Cooling Engineering Company Limited (چيني: 珠海市海利冷气工程股份有限公司 ). 1994 ۾ ھن جو نالو گري اليڪٽرڪ اپلائينسز انڪارپوريشن آف جوھائيGree Electric Appliances Inc, of Zhuhai رکيو ويو. ڪمپني بغير نالي جي ھڪ فيڪٽري قائم ڪئي جنھن ۾ 200ملازم ھئا ۽ ان جي سالياني پيداوار 20000 يونٽ ھئي.1996 ۾ ڪمپني شينجين(Shenzhen) اسٽاڪ ايڪسچينج جي لسٽ ۾ شامل ٿي[3] 2008 ۾ ڪمپني جو %46 واڌارو ٿيو ۽ 23 ارب ڊالرن جا بڪنگ وارا معاھدا ٿيا.ھاڻي اھا ھڪ ملٽي نيشنل اينٽرپرائيز enterprise بڻجي وئي آهي جنھن ۾ 70000 ھزار ملازم ڪم ڪن ٿا. ان جي سالياني پيداوار ھن وقت 65.5 ملين يونٽ آھي.اپريل 2011 ۾ ھن ڪمپني پنھنجي سال جي پھرين چوٿائيfirst-quarter جي نج آمدني (net income ) ۾ پوئين سال جي ڀيٽ ۾ 46 سيڪڙو اضافي جي پڌرائي ڪئي جڏھن تہ 2010 جي سالياني نج آمدني 934.7 ملين يوئان ظاھر ڪئي.[4]
ڪمپني ۾ شراڪت
[سنواريو]31 ڊسمبر 2015 تي ڪمپني ۾ وڏي ۾ وڏو حصيدار گري گروپ، ٻئي نمبر تي ھيبي شنگھائي انويسٽمنٽ گارنٽي ٪8.91، ان بعد چائنا سيڪيورٽيز فائننس ٪ 2.99، سينٽرل ھئيجين انويسٽمنٽ ٪ 1.4، فوريسيا لائيف انشورنس ۽ ٻيا ڪيترائي مالياتي گروپ ان جا حصيدار آهن.2001 ۾ گري گروپ ڪمپني 50.289 پرسنٽ حصيدار ھيو. .[5]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "2015 Annual Report" (PDF). Gree Electric (Chinese ۾). Shenzhen Stock Exchange. 29 April 2016. 10 December 2016 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو) - ↑ Businessweek.com. "." Guangdong Visions: Forging China's Future. Retrieved on 2016-08-08.
- ↑ [http://fingad.duedee.com/2008/7/23/Gree-Electric-Appliances-Inc-of-ZhuHai---Depressing-Performance/37375/ Gree
Electric Appliances Inc, of ZhuHai http://fingad.duedee.com/2008/7/23/Gree-Electric-Appliances-Inc-of-ZhuHai---Depressing-Performance/37375/ Gree Electric Appliances Inc, of ZhuHai].
{{cite web}}: Check|url=value (مدد); Missing or empty|title=(مدد); line feed اکر in|url=at position 112 (مدد) - ↑ "China Stocks: Air China, Chalco, Chengde Lolo, Gree Electric - Bloomberg". bloomberg.com. 2011. 19 May 2011 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "2001 Annual Report" (PDF). Gree Electric (Chinese ۾). Shenzhen Stock Exchange. 15 March 2002. 10 December 2016 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو)