ڊونگ منگجو
| ڊانگ منگجو ( Dong Mingzhu) | |
|---|---|
| رھائش | جوھائي، چين |
| قوميت | چيني يا چائنيز |
| پيشو | گري اليڪٽرڪ اپلائينسز انڪارپوريشن جي چيئر وومن |
| ٻار ٻچا | 1 پٽ[1] |
ڊونگ منگجو:سانچو:Chinese name Dong Mingzhu (چيني: 董明珠; پينين: Dǒng Míngzhū ) ( ڄائي :1954) ھڪ چيني بزنس ڪندڙ عورت جو نالو آهي جيڪا گري اليڪٽرڪ اپلائينسز انڪارپوريشن آف جوھائي جي چيئر وومن آھي [1] نيويارڪ ٽائمز مطابق ھي چين جي سڀ کان سخت بزنس وومن آھي[2]
ذاتي زندگي ۽ ڪيريئر
[سنواريو]چين جي بزنس ۾ ھيء ڪامياب عورت مزدور خاندان ۾ پيدا ٿي ۽ ننڍپڻ ۾ ھن فوج ۾ سپاهي بڻجن چاھيو پئي . ھن 1975 ۾ چين جي انھوئي( Anhui ) صوبي جي شھر ووھو (Wuhu) جي ھڪ مخصوص انسٽيٽيوٽ مان شماريات ۾ گريجوئيشن ڪري نانجنگ جي مڪاني حڪومت جي اداري جي ڪيميسٽري جي ليبارٽري ۾ انتظامي نوڪري حاصل ڪئي جتي 15 سال ڪم ڪيائين[2][3] 3 سالن جي عمر ۾ 1990 ۾ بيواھ ٿيڻ کان پوءِ ھن پنھنجي ٽن سالن جي پٽ کي ننڍڙي جي ڏاڏي جي سنڀال ۾ ڏئي ليبارٽري واري نوڪري ڇڏي گئانگ ڊونگ صوبي جي شھر جوھائي ۾ نوڪري جي تلاش ۾ آئي ۽ ھيلي ڪمپني ( گري اليڪٽرڪ اپلائينسز انڪارپوريشن آف جوھائي جو پراڻو نالو) ۾ سيلز پرسن ٿي جتي ھن پنھنجي پرفارمنس تي تڪڙيون ترقيون حاصل ڪيون. 1994 ۾ ھي ڪمپني جي وڪري واري شعبي جي ھيڊ ٿي وئي. 2001 ۾ ھي گري اليڪٽرڪ اپلائينسز انڪارپوريشن آف جوھائي جي پريزيڊنٽ ٿي وئي.[4] 2012 ۾ ھي ڪمپني جي چيئر وومن پڻ ٿي وئي. ڊونگ منگجو جي مينجمينٽ ۾ ڪمپني دنيا جي سڀ کان گھڻا ايئر ڪنڊيشنر يونٽ ٺاھيندڙ ڪمپني بڻجي وئي. 2014 ۾ ھن ڪمپني جو روينيو 140 بلين يوئان ھيو.[5] Gree Electric's company stock has risen 2300% during her stay.[6]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "Dong Mingzhu". Forbes. Forbes. 12 August 2016 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 Tatlow, Didi Kristen. "Setting the Pace With Toughness". Asia Pacific. The New York Times. 5 March 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Ren, Daniel (23 December 2014). "Succeeding by Degrees". South China Morning Post. South China Morning Post. 12 August 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Dong Mingzhu: A Powerful Self-made Chinese Businesswoman". Brand International. Brand International. 12 August 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Borromeo, EL (21 November 2015). "Gree's Dong Mingzhu Top's Fortune's Most Influential Businesswomen in China". Yibada. Yibada. 12 August 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "MPW Asia-Pacific 2015". Fortune. Fortune. 12 August 2016 تي حاصل ڪيل.