گجرات، پاڪستان
Gujrat گُجرات | |
---|---|
شھر | |
مغلن جي دور جي عيدگاھ مسجد | |
جاگرافي بيهڪ: 32°34′26″N 74°4′44″E / 32.57389°N 74.07889°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | پنجاب ،پاڪستان |
ضلعو | گجرات |
گجرات (انگريزي: Gujrat) پنجاب، پاڪستان جي ھڪ شھر جو نالو آهي.[1] >اھو گجرات ضلعي جو صدر مقام آهي ۽ آبادي ۾ پاڪستان جو 18 وڏو شهر آهي.[2] سيالڪوٽ، گجرات ۽ گوجرانوالا کي ملائي صنعتي ۽ برآمدات واري معيشيت جو ٽڪنڊو ڪري سڏيندا آهن.[3]
تاريخ
[سنواريو]ھن شھر وارو علائقو شير شاھ سوري جي دور ۾ آباد ٿيو.[4] اھا به روايت آهي ته شير شاھ جي وقت اھو ٻيو دفعو آباد ٿيو ڇو تہ اڳ اتي شھر موجود ھيو پر 1303 ۾ منگولن حملو ڪري شھر اجاڙي ڇڏيو، پوء اتي نئون شھر روھتاس ۾ مقرر شير شاھ سوري جي گورنر خواص خان جي نالي سان خواص پور نالي سان ھي شھر آباد ڪيو ويو.[5] اڪبر بادشاھ جي دور ۾ ھن شھر ڪافي ترقي ڪئي، اڪبر 1580 ۾ اتي ھڪ قلعو (گجرات فورٽ) تعمير ڪرايو [6] 1596 ۽ 1597 ۾ اڪبر علائقي جي گوجر قبيلي جي ماڻهن تي زور وڌو تہ ھو ان شھر ۾ رھن. جنھن بعد ان تي گجرات نالو پئجي ويو .1605 ۾ اڪبر ھي شھر سيد عبداقاسم کي جاگير طور ڏنو. جھانگير بادشاھ جي دور ۾ بادشاھ ڪشمير وڃڻ لاء گجرات جي رستو کان گذرندو ھيو.[7] گجرات جو صوفي بزرگ شاھ دولا اتي ڪافي مشھور آھي جنھن لاء روايت آھي تہ ان 1620 ۾ گجرات ۾ ترسي شھر کي حملي آور گرو ھرگوبند سنگھ جي ڏمر کان بچايو ھو .[8] مغل دور ۾ گجرات کي چوڌاري ڀت ڏئي ان ۾ پنج دروازا نصب ڪيا ويا ھيا انھن دروازن مان ھن وقت شاھ دولا دروازو اڃان تائين محفوظ آھي.[9]
1707 ۾ اورنگزيب جي يا وفات بعد مغل سلطنت جو زوال شروع ٿيو ان حالتن دوران ايران جي افشري خاندان جي بادشاھ نادر شاھ گجرات تي حملو ڪيو. ڪجهه عرصي بعد 1741۾ شھر تي راولپنڊي جي گکر قبيلي قبضو ڪيو. 1765 ۾ شھر تي ڀانگي ڏکن جي سردار گجر سنگھ جو قبضو ٿيو.1797 ۾ سکن افغانين کي گجرات واري جنگ ۾ 29اپريل 1797 تي شڪست ڏني. 1798 ۾ ڀانگي ليڊر صاحب سنگھ رنجيت سنگھ جي سڪرچاڪيا سان وفاداري جو اقرار ڪيو جنھن کانپوءِ رنجيت سنگھ جي فوج گجرات شھر پنھنجي قبضي ۾ آندو اھڙي طرح سکن جي بادشاهي جو حصو ٿي ويو.22 فبروري 1849 ۾ انگريزن ۽ سک ايمپائر وچ ۾ گجرات واري جنگ ۾ سکن شڪست کاڌي ۽ انھن جي ايمپائر ۽ ٻي اينگلو سک جنگن جو خاتمو ٿيو، اھڙي طرح گجرات انگريزن جي حاڪميت ۾ آيو. 1867 ۾ گجرات کي ميونسپلٽي جو درجو ڏنو ويو.
جاگرافي
[سنواريو]گجرات پاڪستان جي قديم شھرن مان ھڪ آھي جيڪوجھلم درياء درياء چناب جي وچ ۾ آهي. ان جي اتر اوڀر ۾ جمون ۽ ڪشمير آھي، اتر اولھ ۾ درياءَ جھلم آھي،اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ درياءَ چناب اٿس، جيڪو کيس گوجرانوالا ۽ سيالڪوٽضلعن کان علحده ڪري ٿو.ان جي اولھ ۾ منڊي بھاول الدين ضلعو اٿس. گجرات ضلعي ۾ ٽي تعلقا آهن: سرائي عالمگير،خاریان ۽ گجرات
گجرات جي آبهوا
[سنواريو]موسمي رڪارڊ : Gujrat | |||||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
مھينو | جنور: | فبرو: | مارچ | اپريل | مئي | جون | جولاء | آگسٽ | سيپ: | آڪٽو: | نومبر | ڊسمبر | سال |
اوچي پد جي سراسري°C (°F) |
19.2 (66.6) |
22.1 (71.8) |
27.4 (81.3) |
33.7 (92.7) |
39.1 (102.4) |
41.1 (106) |
36.3 (97.3) |
34.6 (94.3) |
35.1 (95.2) |
33.1 (91.6) |
27.2 (81) |
21.2 (70.2) |
30.84 (87.53) |
روزاني سراسري°C (°F) | 12.4 (54.3) |
15.1 (59.2) |
20.3 (68.5) |
26 (79) |
31.1 (88) |
34 (93) |
31.4 (88.5) |
30.2 (86.4) |
29.4 (84.9) |
25.3 (77.5) |
18.7 (65.7) |
13.5 (56.3) |
23.95 (75.11) |
گھٽ پد جي سراسري°C (°F) |
5.6 (42.1) |
8.1 (46.6) |
13.3 (55.9) |
18.4 (65.1) |
23.2 (73.8) |
26.9 (80.4) |
26.6 (79.9) |
25.8 (78.4) |
23.8 (74.8) |
17.6 (63.7) |
10.2 (50.4) |
5.8 (42.4) |
17.11 (62.79) |
سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) | 38 (1.5) |
37 (1.46) |
36 (1.42) |
21 (0.83) |
19 (0.75) |
47 (1.85) |
182 (7.17) |
205 (8.07) |
83 (3.27) |
12 (0.47) |
5 (0.2) |
18 (0.71) |
703 (27.7) |
Source: https://en.climate-data.org/location/964104/ |
گجرات جا ماڻهو
[سنواريو]- چوڌري پرويز الاهي ، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ اڳوڻو وزير اعلي
- ياسمين قريشي برٽش ميمبر پارليامينٽ
- رضوان چيما، ڪينيڊين ڪرڪيٽر
- اعجاز دراني، پاڪستاني ايڪٽر
- چوڌري ظھور الاھي پاڪستاني سياستدان
- مونس الاهي، سياستدان
- انور مسعود، شاعر
- عصمت بيگ، سائنسدان
- اعتزاز احسن، بئريسٽر
- چوڌري احمد مختار، اڳوڻو دفاع جو وفاقي وزير
- چوڌري شجاعت حسين، پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم
- فخر زمان، شاعر ۽ اسڪالر
- فضل الاهي چوڌري،پاڪستان جو اڳوڻو صدر
- ميان عمران مسعود، اڳوڻو وزير تعليم پنجاب.
- ميان محمد افضل حيات،اڳوڻو وزير اعلي پنجاب ۽ سفير
- نوابزاده غضنفر علي گل، اڳوڻو وفاقي وزير
- اوريا مقبول جان،ڪالم نگار
- قمر زمان ڪائره سياستدان
- جنرل راحيل شريف، اڳوڻو چيف آف آرمي اسٽاف
- ميجر عزيز ڀٽي، نشان حيدر
- صبيحا خانم ، اداڪارا
- شبير شريف،نشان حيدر
- شريف ڪنجاھي، شاعر
- عارف لوھار، لوڪ فنڪار
- عالم لوھار ، لوڪ فنڪار
- جاويد چوڌري،ڪالم نگار
حوالا
[سنواريو]- ↑ . Google maps https://maps.google.com/maps?f=q&source=s_q&hl=en&geocode=&q=Gujrat,+Pakistan&aq=0&oq=gujrat,+&sll=22.258652,71.19238&sspn=6.189377,10.821533&vpsrc=0&ie=UTF8&hq=&hnear=Gujrat,+Gujrat+District,+Punjab,+Pakistan&t=m&z=12. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ "Tehsils & Unions in the District of Gujrat – Government of Pakistan". وقت 14 February 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.
- ↑ . https://books.google.com/books?id=P5pvAwAAQBAJ&pg=PA2&lpg=PA2&dq=sialkot+gujranwala+gujrat+golden+triangle&source=bl&ots=G3CAFE-Jxj&sig=D24M5cRh6i_UvdwNdWjFFH-GKzI&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwj0v4TAkITZAhViHGMKHeFABDkQ6AEIVDAH#v=onepage&q=sialkot%20gujranwala%20gujrat%20golden%20triangle&f.
- ↑ http://dsal.uchicago.edu/reference/gazetteer/pager.html?. Unknown parameter
|objectid=
ignored (مدد); Missing or empty|title=
(مدد)سانچو:Title=Imperial Gazetteer2 of India, Volume 12, page 365 -- Imperial Gazetteer of India -- Digital South Asia Library - ↑ (en ۾) Americanized Encyclopaedia Britannica: Rev. and Amended A Dictionary of Arts, Sciences and Literature, to which is Added Biographies of Living Subjects. 96 Colored Maps and Numerous Illustrations. Belford-Clarke Company. 1890. https://books.google.com/books?id=vk7OAAAAMAAJ&pg=PA2966&lpg=PA2966&dq=Gujrat+mughal+-gujarat+punjab&source=bl&ots=I8tJml8UBt&sig=nLG2-6BxhH53vnb5L9gNguSQ-aM&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjUxpaz_IbZAhVPKKwKHZDKAYQ4ChDoAQgwMAM#v=onepage&q=Gujrat%20mughal%20-gujarat%20punjab&f=false.
- ↑ "Gujrat | Pakistan" (en ۾). Encyclopedia Britannica. https://www.britannica.com/place/Gujrat.
- ↑ Bhat, Muzaffar (2017-09-22). "The Mughal road to Srinagar" (en-US ۾). The Friday Times. http://www.thefridaytimes.com/tft/the-mughal-road-to-srinagar/.
- ↑ Malhotra, Anshu; Mir, Farina (2012-02-21) (en ۾). Punjab Reconsidered: History, Culture, and Practice. Oxford University Press. ISBN 9780199088775. https://books.google.com/books?id=_vQtDwAAQBAJ&pg=PT296&dq=Gujrat+history+-gujarat+punjab&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwiCy7eM-IbZAhUOZawKHTpjA4EQ6AEISDAG#v=onepage&q=Gujrat%20history%20-gujarat%20punjab&f=false.
- ↑ https://epaper.dawn.com/DetailImage.php?StoryImage=16_06_2016_178_007. Missing or empty
|title=
(مدد)
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- خالي يوآر ايل رکندڙ حوالن سان صفحا
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- Coordinates on Wikidata
- پنجاب، پاڪستان
- پنجاب، پاڪستان جا شھر
- پاڪستان جا شھر
- پاڪستان جا ضلعا
- پنجاب (پاڪستان) جا آباد مقام
- پنجاب جا شهر (پاڪستان)
- پنجاب جا شھر
- گجرات ضلعو