گجرات، پاڪستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Gujrat

گُجرات
شھر
مغلن جي دور جي عيدگاھ مسجد
مغلن جي دور جي عيدگاھ مسجد
Gujrat is located in Punjab, Pakistan
Gujrat
Gujrat
Gujrat is located in Pakistan
Gujrat
Gujrat
جاگرافي بيهڪ: 32°34′26″N 74°4′44″E / 32.57389°N 74.07889°E / 32.57389; 74.07889مڪانيت: 32°34′26″N 74°4′44″E / 32.57389°N 74.07889°E / 32.57389; 74.07889
ملڪ پاڪستان
صوبو پنجاب ،پاڪستان
ضلعو گجرات

گجرات (انگريزي: Gujrat) پنجاب، پاڪستان جي ھڪ شھر جو نالو آهي.[1] >اھو گجرات ضلعي جو صدر مقام آهي ۽ آبادي ۾ پاڪستان جو 18 وڏو شهر آهي.[2] سيالڪوٽ، گجرات ۽ گوجرانوالا کي ملائي صنعتي ۽ برآمدات واري معيشيت جو ٽڪنڊو ڪري سڏيندا آهن.[3]

تاريخ[سنواريو]

ھن شھر وارو علائقو شير شاھ سوري جي دور ۾ آباد ٿيو.[4] اھا به روايت آهي ته شير شاھ جي وقت اھو ٻيو دفعو آباد ٿيو ڇو تہ اڳ اتي شھر موجود ھيو پر 1303 ۾ منگولن حملو ڪري شھر اجاڙي ڇڏيو، پوء اتي نئون شھر روھتاس ۾ مقرر شير شاھ سوري جي گورنر خواص خان جي نالي سان خواص پور نالي سان ھي شھر آباد ڪيو ويو.[5] اڪبر بادشاھ جي دور ۾ ھن شھر ڪافي ترقي ڪئي، اڪبر 1580 ۾ اتي ھڪ قلعو (گجرات فورٽ) تعمير ڪرايو [6] 1596 ۽ 1597 ۾ اڪبر علائقي جي گوجر قبيلي جي ماڻهن تي زور وڌو تہ ھو ان شھر ۾ رھن. جنھن بعد ان تي گجرات نالو پئجي ويو .1605 ۾ اڪبر ھي شھر سيد عبداقاسم کي جاگير طور ڏنو. جھانگير بادشاھ جي دور ۾ بادشاھ ڪشمير وڃڻ لاء گجرات جي رستو کان گذرندو ھيو.[7] گجرات جو صوفي بزرگ شاھ دولا اتي ڪافي مشھور آھي جنھن لاء روايت آھي تہ ان 1620 ۾ گجرات ۾ ترسي شھر کي حملي آور گرو ھرگوبند سنگھ جي ڏمر کان بچايو ھو .[8] مغل دور ۾ گجرات کي چوڌاري ڀت ڏئي ان ۾ پنج دروازا نصب ڪيا ويا ھيا انھن دروازن مان ھن وقت شاھ دولا دروازو اڃان تائين محفوظ آھي.[9]

گجرات جي اليگزنڊريہ نالي پل چناب نديءَ تي واقع آهي جيڪا انگريزن جي دؤر ۾ ٺاھي وئي ھئي

1707 ۾ اورنگزيب جي يا وفات بعد مغل سلطنت جو زوال شروع ٿيو ان حالتن دوران ايران جي افشري خاندان جي بادشاھ نادر شاھ گجرات تي حملو ڪيو. ڪجهه عرصي بعد 1741۾ شھر تي راولپنڊي جي گکر قبيلي قبضو ڪيو. 1765 ۾ شھر تي ڀانگي ڏکن جي سردار گجر سنگھ جو قبضو ٿيو.1797 ۾ سکن افغانين کي گجرات واري جنگ ۾ 29اپريل 1797 تي شڪست ڏني. 1798 ۾ ڀانگي ليڊر صاحب سنگھ رنجيت سنگھ جي سڪرچاڪيا سان وفاداري جو اقرار ڪيو جنھن کانپوءِ رنجيت سنگھ جي فوج گجرات شھر پنھنجي قبضي ۾ آندو اھڙي طرح سکن جي بادشاهي جو حصو ٿي ويو.22 فبروري 1849 ۾ انگريزن ۽ سک ايمپائر وچ ۾ گجرات واري جنگ ۾ سکن شڪست کاڌي ۽ انھن جي ايمپائر ۽ ٻي اينگلو سک جنگن جو خاتمو ٿيو، اھڙي طرح گجرات انگريزن جي حاڪميت ۾ آيو. 1867 ۾ گجرات کي ميونسپلٽي جو درجو ڏنو ويو.

جاگرافي[سنواريو]

گجرات پاڪستان جي قديم شھرن مان ھڪ آھي جيڪوجھلم درياء درياء چناب جي وچ ۾ آهي. ان جي اتر اوڀر ۾ جمون ۽ ڪشمير آھي، اتر اولھ ۾ درياءَ جھلم آھي،اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ درياءَ چناب اٿس، جيڪو کيس گوجرانوالا ۽ سيالڪوٽضلعن کان علحده ڪري ٿو.ان جي اولھ ۾ منڊي بھاول الدين ضلعو اٿس. گجرات ضلعي ۾ ٽي تعلقا آهن: سرائي عالمگير،خاریان ۽ گجرات

گجرات جي آبهوا[سنواريو]

موسمي رڪارڊ : Gujrat
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
19.2
(66.6)
22.1
(71.8)
27.4
(81.3)
33.7
(92.7)
39.1
(102.4)
41.1
(106)
36.3
(97.3)
34.6
(94.3)
35.1
(95.2)
33.1
(91.6)
27.2
(81)
21.2
(70.2)
30.84
(87.53)
روزاني سراسري°C (°F) 12.4
(54.3)
15.1
(59.2)
20.3
(68.5)
26
(79)
31.1
(88)
34
(93)
31.4
(88.5)
30.2
(86.4)
29.4
(84.9)
25.3
(77.5)
18.7
(65.7)
13.5
(56.3)
23.95
(75.11)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
5.6
(42.1)
8.1
(46.6)
13.3
(55.9)
18.4
(65.1)
23.2
(73.8)
26.9
(80.4)
26.6
(79.9)
25.8
(78.4)
23.8
(74.8)
17.6
(63.7)
10.2
(50.4)
5.8
(42.4)
17.11
(62.79)
سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) 38
(1.5)
37
(1.46)
36
(1.42)
21
(0.83)
19
(0.75)
47
(1.85)
182
(7.17)
205
(8.07)
83
(3.27)
12
(0.47)
5
(0.2)
18
(0.71)
703
(27.7)
Source: https://en.climate-data.org/location/964104/

گجرات جا ماڻهو[سنواريو]

ھڪ ڪنڀر مٽيءَ جا ٿانو ٺاھيندي

حوالا[سنواريو]

  1. . Google maps https://maps.google.com/maps?f=q&source=s_q&hl=en&geocode=&q=Gujrat,+Pakistan&aq=0&oq=gujrat,+&sll=22.258652,71.19238&sspn=6.189377,10.821533&vpsrc=0&ie=UTF8&hq=&hnear=Gujrat,+Gujrat+District,+Punjab,+Pakistan&t=m&z=12.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. "Tehsils & Unions in the District of Gujrat – Government of Pakistan". وقت 14 February 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  3. . https://books.google.com/books?id=P5pvAwAAQBAJ&pg=PA2&lpg=PA2&dq=sialkot+gujranwala+gujrat+golden+triangle&source=bl&ots=G3CAFE-Jxj&sig=D24M5cRh6i_UvdwNdWjFFH-GKzI&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwj0v4TAkITZAhViHGMKHeFABDkQ6AEIVDAH#v=onepage&q=sialkot%20gujranwala%20gujrat%20golden%20triangle&f. 
  4. http://dsal.uchicago.edu/reference/gazetteer/pager.html?.  Unknown parameter |objectid= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد)سانچو:Title=Imperial Gazetteer2 of India, Volume 12, page 365 -- Imperial Gazetteer of India -- Digital South Asia Library
  5. (en ۾) Americanized Encyclopaedia Britannica: Rev. and Amended A Dictionary of Arts, Sciences and Literature, to which is Added Biographies of Living Subjects. 96 Colored Maps and Numerous Illustrations. Belford-Clarke Company. 1890. https://books.google.com/books?id=vk7OAAAAMAAJ&pg=PA2966&lpg=PA2966&dq=Gujrat+mughal+-gujarat+punjab&source=bl&ots=I8tJml8UBt&sig=nLG2-6BxhH53vnb5L9gNguSQ-aM&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjUxpaz_IbZAhVPKKwKHZDKAYQ4ChDoAQgwMAM#v=onepage&q=Gujrat%20mughal%20-gujarat%20punjab&f=false. 
  6. "Gujrat | Pakistan" (en ۾). Encyclopedia Britannica. https://www.britannica.com/place/Gujrat. 
  7. Bhat, Muzaffar (2017-09-22). "The Mughal road to Srinagar" (en-US ۾). The Friday Times. http://www.thefridaytimes.com/tft/the-mughal-road-to-srinagar/. 
  8. Malhotra, Anshu; Mir, Farina (2012-02-21) (en ۾). Punjab Reconsidered: History, Culture, and Practice. Oxford University Press. ISBN 9780199088775. https://books.google.com/books?id=_vQtDwAAQBAJ&pg=PT296&dq=Gujrat+history+-gujarat+punjab&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwiCy7eM-IbZAhUOZawKHTpjA4EQ6AEISDAG#v=onepage&q=Gujrat%20history%20-gujarat%20punjab&f=false. 
  9. https://epaper.dawn.com/DetailImage.php?StoryImage=16_06_2016_178_007.  Missing or empty |title= (مدد)