گئانگشي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گُئَانگشِي ژوئانگ خودمختيار ريجن
Guangxi Zhuang Autonomous Region
چيني خودمختيار ريجن
Map showing the location of Guangxi Zhuang Autonomous Region
نقشي ۾ گئانگشي ژوئانگ آٽونامس ريجن نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 23°36′N 108°18′E / 23.6°N 108.3°E / 23.6; 108.3
ملڪ عوامي جمهوريه چين
نالو پيو 广 گئانگ - "ڪشادو"
西 شي - "اولھ"
لٽ. "اولھندي وسعت"
گادي جو هنڌ
(۽ سڀ کان وڏو شھر)
ناننگ
انتظامي ورهاست 14 پريفيڪچر، 109 ڪائونٽيون، 1396 ٽائون شپ
حڪومت
 • قسم صوبائي حڪومت
 • مجلس گئانگشي پيپلز ڪانگريس
 • چيني ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري لو شينسھي
 • گئانگشي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين لو شينسھي
 • حڪومتي چيئرمين لان تيئانلي
 • پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين سون داويئي
پکيڙ
 • ڪل 237,600 ڪ.م2 (91,700 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو نائون نمبر وڏو صوبو
بلند ترین  پیمائش (ڪٽن جبل) 2,141 ميل (7,024 ft)
آبادي (2016)
 • ڪل 48,380,000
 •  ڪاٿو

  2019

49,600,000
گئانگشي
"گئانگشي" آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ ( ھيٺيون)
چیني نالو
آسان چیني 广西
روایتي چیني 廣西
ھانیو پنین About this sound Guǎngxī
لغوي معنیٰ "گئانگ ل(نان)شي سرڪٽ جو اختصار"
گئانگشي ژوئانگ آٽونامس ريجن
آسان چیني 广西自治区
روایتي چیني 廣西自治區 or 廣西僮族自治區[3]
ویٽنامي نالو
ویٽنامي Quảng Tây
long: Khu tự trị dân tộc Choang Quảng Tây
زوانگ نالو
زوانگ Gvangjsih
long: Gvangjsih Bouxcuengh Swcigih
انگريزي نام
انگريزي /ˈɡwɑːŋˈs/[4]

گئانگشي(انگريزي: Guangxi )[kwɑ̀ŋ.ɕí] (About this sound ٻڌو) جنھن کي پھرين ڪوانگشي(انگريزي: Kwanghsi ) جي نالي سان رومانيو ويو، جنھن جو سرڪاري نالو گئانگشي ژوئانگ آٽونامس ريجن (انگريزي: Guangxi Zhuang Autonomous Region ) آھي، عوامي جمهوريه چين جي ھڪ خودمختيار ريجن جو نالو آهي جيڪا ڏکڻ چين ۾ واقع آهي. ھن ريجن جون حدون ويٽنام، ٽونڪن واري نار سان ملن ٿيون. صوبي جي اولھ ۾ يونان، اتر ۾ گزھو صوبو گزھو، اتراولھ ۾ ھونان، اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ گوئينگڊانگ، ڏکڻ اولھ ۾ ويٽنام ۽ ڏکڻ ۾ ٽونڪن وارو نار واقع آهن. اھا ريجن پھرين چين جو ھڪ صوبو هو پر پوء 1958ع ۾ ان کي خودمختيار ريجن جو درجو ڏنو ويو. ان جو موجوده گادي جو هنڌ ناننگ شھر آھي[5]. ان جي موجوده نالي ۾ گئانگ جي معنيَ وسعت يا ڪشادگي آھي. ان جي نالي م لفظ گئانگ 226ع ۾ شامل ڪيو ويو. جن صوبي کي صوبائي درجو يوئان گھراڻي جي راڄ ۾ مليو. ھن صوبي ۾ جوئانگ ڪميونٽي جي ماڻھن جو تعداد آبادي جو 32 سيڪڙو آھي. ھتي مينڊرين ٻولي کان سواءِ کوڙ ٻيون مقامي ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن جن ۾ پنگھوئا، جوئانگ، ڪينٽوني، ھاڪا ۽ مِن شامل آهن[6]. صوبي جي پکيڙ 237600 چورس ڪلوميٽر آھي ۽ چين ۾ پکيڙ م ھي نائون نمبر وڏو صوبو آھي. صوبي جي آبادي 2016 ۾ 48380000 ھئي جيڪا 2019 ۾ وڌي 49,600,000 ٿي وئي. چين ۾ آبادي ۾ ھي يارھون نمبر وڏو صوبو آھي. صوبي جو سڀ کان اوچو مقام ڪٽن جبل يا ٻلونگڙو جبل آھي جنھن جي بلندي 2141 ميٽر آھي.


معيشت[سنواريو]

گادي جي هنڌ ناننگ جو منظر جيڪو صوبي جو معاشي مرڪز آھي.

ھن صوبي جي زراعي پيداوار ۾ چانور، مڪئي، مٺا پٽاٽا، ڪمند، مڱيرا، تماڪ ۽ ڪيناف شامل آهن. دنيا ۾ باديان خطائي جو 85 سيڪڙو ھن صوبي ۾ پيدا ٿئي ٿو جنھن جو استعمال اينٽي وائرل دوا اَوسَيلٽامِوَر (Oseltamivir) ۾ بطور اھم جز ٿيندو آهي[7]. ھي صوبو نرم ڌاتن جي پيداوار جو پڻ مرڪز آھي جن ۾ ٽين ۽ ميگنيز شامل آهن. چين ۾ انھن ڌاتن جي ذخيرن جو ٽيون ھن صوبي ۾ ملي ٿو[8]. لئجو (Liuzhou) ھن صوبي جو وڏو صنعتي مرڪز آھي خاص طور تي موٽر گاڏين جي مينيوفيڪچرنگ جو مرڪز آھي جيڪو جنرل موٽرز ۽ SAIC-GM- وولنگ آٽوموبائيل ڪمپني جي جوائنٽ وينچر جو مينيوفيڪچرنگ جو اڏو آھي. اتي اسٽيل مل ۽ ان سان لاڳاپيل کوڙ صنعتون پڻ واقع آهن. ھن صوبي جي ناليوار جي ڊي پي 2017ع ۾ 2.04 ٽرلين يوئان ھئي.

حوالا[سنواريو]

  1. (ٻولي ۾ Chinese). Statistical Bureau of Guangxi https://web.archive.org/web/20180622111413/http://www.gxnews.com.cn/staticpages/20180426/newgx5ae13988-17262837.shtml. وقت 2018-06-22 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2018-06-22.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  2. "Sub-national HDI - Subnational HDI - Global Data Lab". globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2020-04-17. 
  3. "Archived copy". وقت 2016-12-21 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2016-12-07.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. "Guangxi" آرڪائيو ڪيا ويا 2018-04-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Collins English Dictionary.
  5. (en ۾) The Yearbook of China's Cities. Yearbook of China's Cities Publishing House. 2006. pp. 327. https://books.google.com/books?id=F8TjAAAAMAAJ&q=nanning+city. 
  6. "Zhuang Minority & Yao Minority in Guangxi Zhuang Autonomous Region". www.chinadiscovery.com. وقت 2017-09-13 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2019-06-11.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. http://epaper.gxnews.com.cn/ngjb/html/2009–05/07/node_303.htm[مئل ڳنڍڻو]
  8. "Archived copy". وقت 2011-10-08 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2011-11-01.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)