ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پھچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج دنيا جي وڏين ڪيپيٽل مارڪيٽن مان ھڪ آھي

ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پهچ: ان جو مطلب ڪنھن ڪمپنيءَ جو ڪيپيٽل مارڪيٽ يا سرمائي واري بازار مان ڊگھي مدي لاءِ رقم حاصل ڪرڻ جي اھليت آھي، جيڪا رقم بطور ايڪئٽي equity يا قرض طور حاصل ٿيندي آهي.ان جو مدار ڪيترين ئي ڳالهين تي ھوندو آھي. مثال طور: ڪمپنيءَ جي مالياتي توانائي، ڪمپني جي قرض ۽ ايڪئٽي جي تناسب ۽ سرمائي جي جوڙجڪ، ڪمپنيء جي مئنيجمينٽ ۽ ملڪيت، ان جي مستقبل جي ڪارڪردگي ۽ نفعي جا امڪان، ۽ ان شعبي ۽ صنعت جا خطرا جن ۾ ڪمپني ڪاروبار ڪندي ھجي. پھچ جو مطلب اھو بہ آهي تہ ڪمپني ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ ڪاروبار ڪري سگھي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {Glossary: Banking & Finance; Shakil Faruqi; State Bank of Pakistan page : 33 }