ڪوٽا سسٽم جي تاريخ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪوٽا وزيرآعظم لياقت علي خان نالاڳو ڪئي هئي. پناهگيرن جي ان وقت ٻه سيڪڙو آبادي هئي، پر انهن لا۽ ويه سيڪڙو نوڪرين ۾ ڪوٽا رکي وئي. جيڪا سراسر ميرٽ جي لتاڙ ھئي.

ٻئي واري 1970ع ۾ ون يونٽ ٽٽو ۽ صوبا بحال ٿيا ته مارشل لا اختيارين کان مهاجرن آفيسرن رڳو سنڌ ۾ %40 اربن ۽ %60 رورل ڪوٽا مقرر ڪرائي. ٻين صوبن ۾ اهو فرق نه رکيو ويو. ان وقت سموري سنڌ ۾ مهاجر آبادي %12 کان گهٽ هئي.

ٽين واري مهاجرن 1972ع ۾ ٻولي جا وڳوڙ ڪرائي ساڳيو اربن رورل ڪوٽا گھُر ورجائي. ذوالفقار ڀٽي جي سرڪار کين سنڌ جي %12 سيڪڙو آبادي هوندي به %20 آڇيو. جيڪو هنن رد ڪيو. وڳوڙين جي وڳوڙن ۽ پرتشدد واقعن کان بليڪ ميل ٿي اربن سنڌ لاء %40 وارو فارمولو قبول ڪيو. ٻي ڪنهن به صوبي ۾ ائين نه ٿيو.

اربن رورل ڪوٽا گذريل اڌ صدي کان سنڌ ۾ ھڪ ڌر جي بليڪ ميلنگ ۽ گھُرن تحت لاڳو آهي. ان کان اڳ لياقت خان واري ڪوٽا ان ڌر لاءِ مخصوص هئي. انهن ڪوٽائن جي ڪري سنڌي ماڻهن مٿان سنڌ جي اهم شهرن ۾ روزگار ۽ تعليم جا دروازا اڄ سوڌو بند آهن.

هونئن به 2013ع کان اربن رورل ڪوٽا جو آئيني مدو ختم ٿي چڪو آهي. هن وقت اهو غير آئيني، غير قانوني ۽ غير اخلاقي طور لاڳو آهي. [1] [2] [3]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪوٽا سسٽم جي تاريخ؛ گل ميتلو
  2. سندھ میں نسلی منافرت پھیلانے کی ایک اور کوشش؛ جي اين مغل
  3. https://jang.com.pk/news/500007