ڪماري (ديوي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڀگتاپور جي هِڪَ اَڳُوڻِي ڪُماري

ڪُماري انگريزي ٻولي: Kumari, or Kumari Devi, or Living Goddess يا ڪُماري ديوي يا جيوت ديوي- نيپال هِڪَ مذهبي ثقافت آهي، جنهن ۾ هندومت ۽ ٻڌمت ٻُڌاِزم جا مَڃيندَڙ هڪ نوجوان نابالغ ڪُنوري چوڪريءَ کي جيوت (زنده) ديوي جو خطاب ڏئي کيس پوڄا ڪندا آهن ۽ ان ۾ ديوي جي سَمورين طاقتن (شَڪتين) جو تصور ڪندا آهن. اُن کي ڪُماري سَڏيو ويندو آهي. لفظ ڪماري سنسڪرت جي ٻولَ ڪماريا منجهان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ “شهزادي“ آهي۔[1]

نيپال ۾ ڪُماري ثقافت جو رواج وڏي تعداد ۾ ملي ٿو. ڪُماري جي چُونڊَ نيپال جا ٻُڌڌرم مَڃيندڙ نيواري نسل جي وجرچاريا قوم جي ڪنهن ڪُنواري (نابالغ) ڇوڪري جي چُونڊ ڪندا آهن، جنهنکي ڪماري جو خطاب ڏنو ويندو آهي. ڪماري کي ٻڌمت کانسواءِ هندومت جا مَڃيندَڙ پڻ پوڄيندا آهن. ائين ناهي تہ ڇَڙو پُوري نيپال ۾ هڪ ڪماري آهي، پرَ هر شهر ۾ الڳ الڳ ڪماري لاءِ چُونڊ ٿيندي آهي ۽ ڪنهن مهل هڪ ئي شهر ۾ هڪ کان وَڌيڪ ڪماريون هونديون آهن. کٽمنڊو جي شاهي ڪماري ڪماري گهر ۾ رهندي آهي، جنهنکي گهڻو اعزاز حاصل آهي. ڪماري گهر شهر جي وچ ۾ موجود آهي. ڪماري کي چُونڊڻ جو طريقو ڏاڍو مُنجهائِيندڙ آهي. 2017 ۾ شاهي ڪماري جو نالو تريشا شاڪيا هيو، جنهن جي ڄمار رُڳو 3 سال هُئي، جنهن کي سيپٽمبر 2017 ۾ ٻيهر چُونڊيل ماووادي حڪومت پاران نامزد ڪيو ويو هيو، جيڪا سرڪار بادشاهت کي ختم ڪري قائم ڪئي وئي هئي. انکانپوءِ ٻئي درجي جي ڪماري پٽن، نيپال جي مَڃي ويندي آهي، جنهن کي 2014 ۾ نامزد ڪيو ويو هيو ۽ هوءَ ٻئين سڀ کان وڌيڪ جيئري (زنده) مجسم ديوي آهي.[2][3]

ڪُماري جي چُونڊ جو عمل هڪ ڏينهن جي دورانيو وارو هوندو آهي جنهن کي نوراتري ۽ درگا پوجا جي ڏهاڙن ۾ پوڄا ڪئي ويندي آهي. کٽمنڊون وادي ۾ اها روايت گهڻو وهنواري (عام) آهي. ڪماري کي تليجو جو اوتار مَڃيو ويندو آهي. جڏهن ان جي جوان (بالغ) ٿيڻ جو پهريون رَت (ماهواري) ايندو آهي، تڏهن هيئن سمجهيو ويندو آهي تہ ديويءَ ان جي جسم کي الوداع چئي ڇڏيو آهي. انهيءَ ريت زخم، روڳ (بيماري) ۽ رَت جي گهٽتائي کي پڻ ديوي جي رخصت ٿيڻ طور سمجهيو ويندو آهي.

فلسفو ۽ روايت[سنواريو]

نابالغ ڇوڪري جي عبادت ڪرڻ سموري دنيا جي رچنائن ۾ موجود الٰهي شعور جي عبادت سان تعبير ڪيو ويندو آهي. سڀ کان وڏي ديوي يامها ديوي سموري ظاهر سنسار کي پنهنجي بدن سان وجود بخشيو آهي ۽ هوءَ سمورن بي جان ۽ شعور رکندڙ شين ۾ برابر طور موجود رهندي آهي. بي جان مجسمو يا بُت جي عبادت اصل ۾ هڪ حقيقت يا علامت جي عبادت آهي. ڪنهن بہ ديوي يا ديوتا کي پوڄڻ جي لاءِ ان جو مجسمو چِٽيو (ٺاهيو) ويندو آهي ۽ انهيءَ بُت (مجسمو) کي پوڄِيندي اهو تصور ڪيوويندو آهي تہ ان بُت وسيلي ان حقيقي ديوي، ڀڳوان يا ديوتا جي پوڄا ڪئي پئي وڃِي. ڪنهن شعور رکندڙ يا با حيات بُت مخلوق جي عبادت پڻ ان تصور سان ڪئي ويندي آهي تہ ان نابالغ ڇوڪري ۾ مها ديوي جو اوتار موجود آهي ۽ ان ٻارڙي جي پوڄا اصل ۾ مها ديوي جي پوڄا آهي. شڪتي مت جي لکتن ۾ ديوي مهاتميا يا چنڊي بابت هي عقيدو آهي تہ اها دنيا جي سمورين جيئرن نارين جي جسم ۾ موجود رهندي آهي. ڪماري جو پورو فلسفو ان بنياد تي آهي. پر جڏهن دييو مهاتميا جي پوجا جو مسئلو هوندو آهي تہ صرف هڪ نابالغ ٻارڙِي کي ئي چُونڊيو ويندو آهي ڇو تہ ائين مڃيو ويندو آهي ته بالغ ٿيڻ جو رت اچڻ کانپوءِ ڇوڪري جي پويترتا عافيت ويندي رهندي آهي.

هندو لکتون، جهڙوڪ جنانروا رودرامالا تنتر ۾ ڪماري جو نالو ڄمار جي لحاظ کان موجود آهي؛

ڄمار(سال) نالو
1 سنڌيا
2 سرسوتي
3 تريڌمورتي
4 ڪاليڪا
5 سڀاگا
6 پاروتي/اُما
7 دروپدي مالني
8 ڪوبجيڪا
9 ڪالسندرڀا
10 اپاراجيتا
11 روڌراڻي
12 ڀيروي
13 مها لڪشمي
14 پٿانائيڪا
15 ڪشيتراگيا
16 امبيڪا

حوالا[سنواريو]

  1. Karel R. "van" Kooij Religion in Nepal ISBN 90-04-05827-3
  2. Bell, Thomas (3 نومبر 2006). "Goddess status may violate girls' rights, says court". The Telegraph (UK). https://www.telegraph.co.uk/news/worldnews/1533196/Goddess-status-may-violate-girls-rights-says-court.html. Retrieved 8 جولاءِ 2018. 
  3. Living Goddesses of Nepal – Photo Gallery, وقت 2015-05-11 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-02-29