ڪلان ڪوٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪلان ڪوٽ جا کنڊر


ڪلان ڪوٽ --. Kalaan kot هيءُ ڪوٽمڪليءَ جي ٽڪري کان ڏيڍ ڪوهه پنڌ تي ڏکڻ ڏي آهي. انهيءَ جو قديم نالو ڪلاراج هو ۽ پوءِ ڪلاڪوٽ ٿيو. ڪن جو چوڻ آهي ته اهو لفظ اصل ڪالن ڪوٽ آهي. يعني آرام جو قلعو. ڪلان ڪوٽ جي معنيٰ وڏو ڪوٽ به ٿي سگهي ٿي. ڪن جو ته خيال آهي ته سيوهڻ جي قلعيوانگر هيءُ به سڪندر بادشاهه جي سپه سالار جو ٺهرايل آهي. اتي ٺٽي جا سومرا ۽ سما ڄام رهندا هئا. تڏهين انهيءَ جو نالو تغلق آباد يا طغرل آباد هو. ستر اسي ورهيه ٿيا ته اتي سڙيل ان جو وڏو انبار زمين ۾ پوريل لڌو هو. جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته اهو شهر باهه جو ناس ٿيل آهي. [1]

ڪلان ڪوٽ جي ڦٽل قلعي جي ديوار
ڪلان ڪوٽ جي ڦٽل مسجد


حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو