ڪشش ثقل
ڪشش ثقل (gravity) اھا قوت آھي جنھن جي ڪري زمين ھر جسم کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿي سادن لفظن ۾ ڪنھن بہ شي جو وزن زمين جي ڪشش ثقل جي ڇڪيندڙ طاقت کي چئبو آھي.[1] فزڪس ۾، ڪشش ثقل هڪ بنيادي تعامل آهي جيڪو بنيادي طور تي سڀني شين جي وچ ۾ باهمي ڪشش جي طور تي مشاهدو ڪيو ويو آهي. ڪشش ثقل، بنيادي ڪشش جي قوتن مان سڀ کان ڪمزور قوت آهي، مضبوط رابطي کان لڳ ڀڳ 1038 ڀيرا ڪمزور، برقياتي مقناطيسي قوت کان 1036 ڀيرا ڪمزور ۽ ڪمزور رابطي کان 29 10 دفعا ڪمزور. نتيجي طور، ذيلي ذرڙن جي سطح تي ان جو ڪو خاص اثر نه آهي.[2] بهرحال، ڪشش ثقل، شيئن جي وچ ۾ وڏي (ميڪرواسڪوپي) پيماني تي، سڀ کان اهم موضوع آهي ۽ اهو سيارن، ستارن، ڪهڪشائن ۽ پڻ روشنيءَ جي حرڪت جو تعين ڪري ٿو.
ڌرتيءَ تي، ڪشش ثقل طبيعي شيئن کي وزن ڏئي ٿي ۽ چنڊ جي ڪشش ثقل ساگرن ۾ سامونڊي لھرن (مد ۽ جزر) لاءِ ذميوار آھي. ملندڙ اينٽي پوڊل ٽائيڊ ڌرتيءَ ۽ چنڊ جي هڪ ٻئي جي چوڌاري گردش ڪرڻ جي جڙت جي ڪري آهي. ڪشش ثقل جا ڪيترائي اهم حياتياتي ڪم به آهن، جيڪي ثقل جي عمل جي ذريعي ٻوٽن جي واڌ ويجهه جي رهنمائي ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ گهڻ-سيلولر جاندارن ۾ رطوبتن جي گردش کي متاثر ڪن ٿا.
ڪائنات ۾ اصل گئسي مادي جي وچ ۾ ڪشش ثقل ان کي گڏ ڪرڻ جو سبب بڻي ٿي ۽ تارا ٺاهيا جيڪا آخرڪار ڪهڪشائن ۾ ڳري ويا، تنهنڪري ڪشش ثقل ڪائنات ۾ ڪيترن ئي وڏي پيماني جي جوڙجڪ لاء ذميوار آهي. ڪشش ثقل جي هڪ لامحدود رينج آهي، جيتوڻيڪ ان جا اثر ڪمزور ٿي ويندا آهن جيئن شيون پري ٿينديون وڃن.
سال 1915ع ۾ البرٽ آئنسٽائن پاران پيش ڪيل ڪشش ثقل جي عام نسبت جي نظريي سان ڪشش ثقل بلڪل صحيح طور تي بيان ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪشش ثقل کي قوت جي طور تي نه، پر خلائي وقت جي وکر جي طور تي بيان ڪري ٿي، جيڪا ماس جي اڻ برابري ورڇ جي ڪري پيدا ٿئي ٿي ۽ جيوڊيسي لائينن سان گڏ هلڻ جو سبب بڻجندي آهي. خلائي وقت جي هن وکر جو سڀ کان وڏو مثال هڪ بليڪ هول آهي، جنهن مان ڪجھ به نه؛ اڃا به روشني به نه، هڪ ڀيرو بليڪ هول جي واقعن جي افق مان اچڻ کانپوء، هڪ ڀيرو فرار نه ٿي سگهي ٿو.[3] جيتوڻيڪ، اڪثر ايپليڪيشنن لاءِ، ڪشش ثقل نيوٽن جي آفاقي ڪشش ثقل جي قانون موجب چڱيءَ طرح لڳندي آهي، جيڪا ڪشش ثقل کي هڪ قوت جي طور تي بيان ڪري ٿي، جنهن جي ڪري ٻه جسم هڪ ٻئي ڏانهن متوجه ٿين ٿا، جن جي شدت انهن جي ڪميتن (masses) جي پراڊڪٽ جي تناسب سان آهي ۽ انهن جي وچ ۾ فاصلي جي اسڪوائر جي بالعڪس متناسب آهي ؛G::m1•m2 /r2
ذرڙي فزڪس جا موجوده ماڊل ان ڳالهه جو مطلب ڪن ٿا ته ڪائنات ۾ ڪشش ثقل جو ابتدائي مثال، ممڪن آهي ته ڪوانٽم ڪشش ثقل، سپر گريوٽي يا ڪشش ثقل جي واحديت جي صورت ۾، عام خلا ۽ وقت سان گڏ، پلانڪ دور (ڪائنات جي پيدائش کان 43-10 سيڪنڊن پوءِ تائين)، ممڪن طور تي هڪ ابتدائي حالت مان، جهڙوڪ ڪوڙي ويڪيوم، ڪوانٽم ويڪيوم يا مجازي ذرو، هن وقت نامعلوم انداز ۾.[4] سائنسدان هن وقت هڪ ڪوانٽم ڪشش ثقل جي نظريي، [5] جيڪو ڪشش ثقل کي هڪ عام رياضياتي فريم ورڪ (هر شيءِ جو هڪ نظريو) ۾ فزڪس جي ٻين ٽن بنيادي ڳالهين سان متحد ٿيڻ جي اجازت ڏيندو تي ڪم ڪري رهيا آهن ڪشش ثقل جو هڪ نظريو جيڪو ڪوانٽم ميڪنڪس سان مطابقت رکي ٿو.
تعريفون
[سنواريو]تاريخ
[سنواريو]جديد تحقيق
[سنواريو]خاصيتون
[سنواريو]تضاد ۽ اختلاف
[سنواريو]متبادل نظريا
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]هي مضمون يا ڀاڱو متان ڪنهن ٻِئي هنڌان کان نقل ۽ ليپو(ڪاپي پيسٽ) ڪيو ويو آهي، ٿي سگهي ٿو تہ هي وڪيپيڊيا جي حق ليک ۽ ڇاپڻ ( حق تصنيف) جي خِلافُ ورزي هجي. |
ھي مضمون ڪن بہ ذريعن جو حوالو نٿو رکي. |
ڪشش ثقل (Gravity) تحرير :- زاھد آرائين
ڪشش ثقل اھا قوت آھي جنھن جي ڪري زمين ھر جسم کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿي سادن لفظن ۾ ڪنھن بہ شي جو وزن زمين جي ڪشش ثقل جي ڇڪيندڙ طاقت کي چئبو آھي.[6] ان سلسلي ۾ ڪيترائي نظريا ملن ٿا جن ۾ نيوٽن ۽ آئنسٽائن جا نظريا سڀ کان بنيادي، مشھور ۽ معتبر آھن. عام طور تي ان جو احساس اسان کي ڪنھن شي جي وزن سان ٿيندو آھي.اصل ۾ ڪنھن جسم جو زمين تي ڪرڻ وارو عمل زمين جي پاڻ ڏانھن ڇڪڻ واري ڪشش جي ڪري ئي ٿيندو آھي. زمين جو مايو (Mass) ان تي ڪرندڙ شين جي نسبت ۾ تمام گھڻو آھي ان لاء زمين شئين کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿي وٺي ۽ اھو اسان ان شئي جي وزن جي ذريعي محسوس ڪيون ٿا. اھو ئي ڪارڻ آھي تہ جئين جئين اسين زمين جي مرڪز کان مٿي ڏور ٿيندي وينداسين تيئن وزن گھٽبو ويندو. زمين تي وزن رکندڙ شيون پڻ زمين کي پاڻ ڏانھن ڇڪين ٿيون پر زمين جي مقابلي ۾ اھا قوت نہ ھئڻ جي برابر ھئڻ ڪري محسوس نٿي ڪري سگھجي. ڪشش جي اھائي قوت آھي جنھن جي ڪري سڀ سيارا سج جي چوڌاري گھمن ٿا ۽ نظام شمسي سان گڏ ٻيا سڀ نظام قائم آھن. ڪائنات ۾ ھر طرف اھائي قوت ڪم ڪري رھي آھي. زمين تي جسمن جو ھئڻ، سمنڊ جو لھڻ چڙھڻ ۽ مايي جي سڀ جزن جو ھڪ ٻئي سان جڙي ڪري ٻيا جسم ٺاھڻ سڀ ڪشش ثقل جي ڪري ئي آھي. ڪشش ثقل ھن ڪائنات جي چئن بنيادي قوتن مان آھي. نيوڪلائي قوت طاقتور نيوڪلائي قوت برقي مقناطيسي قوت ڪشش ثقل انهن چئن قوتن مان ڪشش ثقل ڪمزور قوت آھي پر ھن جي موجودگي کان سوا ڪائنات جو نظام نہ ھلي سگهي ھا. ڌم ڌماڪ Big bang کان پھرين جيڪا قوت رونما ٿي اھا ڪشش ثقل ھئي. ڪشش ثقل ئي پھرين ڪائنات جي آرائش ڪئي. اسان ڪائنات ۾ مادي ۽ توانائي جي شڪل ۾ جيڪا خلا ۽ جوڙ ۽ ترقي ڏسي رھيا آھيون انهن جي معمار ڪشش ثقل ئي آھي. البرٽ آئنسٽائن مطابق خلا چادر وانگر آھي، جيڪو جسم يعني ڌرتي ۔ چنڊ يا ستارو وغيرھ جيترو ڳرو ھوندو اھو ايترو چادر م جهول پيدا ڪري ٿو جنھن جي ڪري ھلڪا جسم ڳري مايي واري جسم کي ڦرن ٿا. اسان مان اڪثر ڄاڻن ٿا تہ سج جي ڪشش ثقل اسان جي زمين کي ان جي بنياد ۔ ان کي صحيح مقام تي رکندي ان کي سج کان دور رکي ٿي. ڪشش ثقل بغير ڪنھن ذريعي جي خلا ۾ تمام تيزي سان سفر ڪري ٿي. ھن ڪائنات جي ھر جسم جي مايي Mass ڪائنات ۾ موجود ٻين جسم کي پنھنجي طرف ڇڪڻ لاء ھڪ قوت کي خارج ڪري ٿي جنھن کي ڪشش ثقل چئجي ٿو. ڪشش ثقل جو وڌيڪ ھجڻ يا گهٽ ھجڻ جسم جي مايي Mass ۽ ٻين جسمن جي درميان فاصلي تي آھي. جيڪو جسم جيترو وڏو ان ۾ ڪشش ثقل اوتري وڌيڪ ۽ جيڪو جسم جيترو ننڍو ھوندو ان ۾ اوتري ڪشش ثقل گهٽ ھوندي. جسمن ۾ فاصلو وڌڻ ڪري ڪشش ثقل بہ ڪمزور ٿي وڃي ٿي. وڏن جسمن ۾ ھي قوت آساني سان محسوس ڪري سگهجي ٿي جڏھن تہ ننڍن جسمن ۾ ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آھي.
نيوٽن ۽ ڪشش ثقل :- نيوٽن مطابق ڪائنات ۾ موجود جسم ھڪ قوت کي خارج ڪن ٿا ۽ ھڪ ٻئي کي پاڻ ڏي ڇڪن ٿا انهي ڇڪ کي ڪشش ثقل چئجي ٿو. جيترو جسم ڳرو اوتري وڌيڪ ڪشش ثقل ۽ جيترو جسم ننڍو اوتري ڪشش ثقل گهٽ ھوندي ۽ جسمن جي وچ ۾ جيترو گهڻو فاصلو ھوندو اوتري ڪشش ثقل گهٽ ٿيندي ۽ جسم جي وچ ۾ جيترو گهٽ فاصلو ھوندو اوتري ڪشش ثقل وڌيڪ ٿيندي.
آئنسٽائن ۽ ڪشش ثقل :- نيوٽن مطابق 2 ڪميت Mass ھڪ ٻئي کي پنھنجي ٻل تي پاڻ طرف ڇڪن ٿا. نيوٽن پنھنجي نظريي ۾ خلا کي شامل نہ ڪيو ھو جيڪو ڪائنات ۾ جسمن کي ھڪ ٻئي کان الڳ ۽ پري رکي ٿو جڏھن تہ آئنسٽائن خلا کي شامل ڪندي چيو تہ ٻہ مايا ھڪ ٻئي کي پنھنجي طرف بغير واسطي جي ڪونہ ڇڪين ٿا پر وڏو مايو زمان ۽ مڪان جي چادر ۾ space & time fabric اھڙو جهول پيدا ڪري ٿو جنھن جي ڪري آسپاس ۾ خلا ۾ ترندڙ ننڍا جسم وڏي مايي جي طرف ڀڄي ڦرڻ لڳن ٿا يعني نيوٽن ڪشش ثقل کي مايي Mass مان نڪرندڙ ڪا قوت سمجهي ٿو جڏھن تہ آئن اسٽائن ڪشش ثقل کي زمان مڪان جي چادر تي ڪنھن ڪميت Mass جي پيدا ڪيل جهول کي چئي ٿو يا جهول واري حالت چئي ٿو. نيوٽن ڪشش ثقل کي قوت چئي ٿو ۽ آئنسٽائن ڪشش ثقل کي وڏي پيماني تي ھڪ حالت Situation چئي ٿو.
مقداري ميڪانيات ۽ ڪشش ثقل :- مقداري ميڪانيات جيڪا شين جو مائڪرواسڪوپڪ ويو ڏئي ٿي ان مطابق ڪڏھن بہ جسم کي نظر نہ ايندڙ ذرن يعني ثقلن Gravitons آھن جيڪي ڪشش ثقل جو سبب بنجن ٿا. ثقلا اڃان تائين دريافت ٿي ناھن سگهيا. گريويٽون لھرن جي صورت ۾ سفر ڪن ٿا. جيڪڏھن ثقلن جو وجود آھي تہ ان جو ڪوبہ مايو نہ ٿيندو ۽ انهن جي حرڪت جو انداز spin or rotate ٿيندو. ڪشش ثقل جسم جي مايي جي تناسب سان ان ڪري ٿئي ٿي ڇوجو ھر شي جيڪا مايو رکي ٿي اھا تمام ننڍن ذرن گريويٽونن تي مشتمل ٿئي ٿي جن خارج ڪري ٿي جيڪي ڪشش ثقل جو سبب بنجن ٿا. جسم جو مايو جيترو وڌيڪ ٿيندو اھو گهڻا گريويٽون خارج ڪندو جن جي ڪري انهن جي ڪشش ثقل وڌيڪ پيدا ٿيندي. گهڻا گريويٽون وڏي جسم جو چوڌاري بادل وانگر گهيريل ھوندا آھن. جڏھن ٻن جسمن جي وچ ۾ فاصلو وڌي ٿو تہ ثقلن جي بادل جي گهاٽائي Density گهٽ ٿي وڃي ٿي جنھن جي ڪري ڪشش ثقل بہ گهٽ ٿي وڃي ٿي. سج جي ڪشش ثقل نظام شمسي کي ٻڌل رکي ٿي. فاصلو وڌڻ سان گڏ ھي ڪشش ڪمزور ٿي وڃي ٿي. قريب ترين سياري تي ان جو گهڻو اثر ٿئي ٿو. ستارا جيڪي سج کان پري ٿين ٿا انهن تي ڪشش ثقل اثرانداز نٿي ٿئي. جڏھن شين کي اوچائي کان ھيٺ ڪيرايو وڃي تہ ڪشش ثقل جي ڪري انهن جي ڪرڻ جي رفتار تيز ٿئي ٿي.
خارجي لنڪس
[سنواريو]ڪشش ثقل بابت وڌيڪ ڏسو وڪيپيڊيا جي ڀينر رٿائن ۾: | |
معني ڏسو وِڪِشنري تي | |
تصويرون ۽ وڊيو ڏسو وڪي ڪامنز تي | |
تربيتي مواد ڏسو وڪي ورسٽي تي | |
چَوِڻيون Quotations وڪي ڪوٽ تان | |
سورس ٽيڪسٽس وڪي سورس تان | |
درسي ڪتاب وڪي ڪتاب تان |
حوالا
[سنواريو]- ↑ درسي ڪتاب علم طبعي ڪلاس نائون ڇپائيندڙ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڄامشورو
- ↑ Krebs, Robert E. (1999). Scientific Development and Misconceptions Through the Ages: A Reference Guide (illustrated ed.). Greenwood Publishing Group. p. 133. ISBN 978-0-313-30226-8. https://archive.org/details/scientificdevelo0000kreb.
- ↑ "HubbleSite: Black Holes: Gravity's Relentless Pull". hubblesite.org. وقت 26 December 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 7 October 2016. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Staff. "Birth of the Universe". University of Oregon. وقت 28 November 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 24 September 2016. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) – discusses "Planck time" and "Planck era" at the very beginning of the Universe - ↑ Overbye, Dennis (10 October 2022). "Black Holes May Hide a Mind-Bending Secret About Our Universe - Take gravity, add quantum mechanics, stir. What do you get? Just maybe, a holographic cosmos.". The New York Times. https://www.nytimes.com/2022/10/10/science/black-holes-cosmology-hologram.html. Retrieved 10 October 2022.
- ↑ درسي ڪتاب علم طبعي ڪلاس نائون ڇپائيندڙ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڄامشورو
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- ڪاپي پيسٽ ڪيل مضمون ۽ ڀاڱا
- سڀئي ڪاپي پيسٽ ڪيل مضمون ۽ ڀاڱا
- مضمون جن ۾ ذريعن جي کوٽ آھي
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- Gravity
- Fundamental interactions
- Acceleration
- Articles containing video clips
- Empirical laws
- طبيعيات