ڪراچي يونيورسٽي ڪيمپس جي ڀرسان قديم آثار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڪيمپس واري علائقي ۾ ٽين صدي عيسوي جي زماني جي هڪ وسندي جا آثار مليا آهن. پٿر جا ننڍا ننڍا اوزار ۽ ٻيون اهڙيون ئي قديم شيون ڪافي ايراضي ۾ ڪنهن زماني پکيڙيل هيون. اهي اوزار ۽ آثار، قديم آثارن جي ماهرن موجب گهڻي اهميت وارا آهن. قديم آثارن جي ماهرن موجب انهن آثارن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرئين قسم جي آثارن ۾ قديم پٿر جي آخري دور جا اوزار مليا آهن ۽ ٻئي قسم جي آثارن ۾ ان دور کان پوءِ جا اوزار مليا آهن.

مشهور محقق جناب روف خان موجب، ”ڪراچي يونيورسٽي جي علائقي ۾ صفوران ڳوٺ تائين موهن جي دڙي جي زماني جي هڪ برباد ڳوٺ جا آثار دريافت ٿيا آهن ۽ يونيورسٽي روڊ ڪنٽري ڪلب کان وارو علائقو اين اي ڊي (NED) يونيورسٽي تائين ان زماني جي آڳاٽن سنڌين جو صنعتي علائقو هو. جتي پٿر سان شيون ٺاهيون وينديون هيون. انهن شين ۾ ٿانوَ، رانديڪا، هٿيار ۽ گهرن اڏڻ جو سامان شامل هو، ڪراچي رهندڙ آڳاٽن سنڌين جو هي صنعتي علائقو نه رڳو سنڌ جو پر بين الاقوامي واپار جو مرڪز هو.

گلستان جوهر (Gulistan-e-Jauhar) واري علائقي ۾ جيڪو ڪراچي يونيورسٽيءَ (Karachi University)واري علائقي سان لڳ آهي اڏواتي کوٽائي دوران هتي پٿر جي دور جي انسانن جا ڍانچا مليا آهن. ڪراچي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ قديم قبرن جي باري ۾ جن کي ڪافرن جون قبرون چيو وڃي ٿو ته محققن جو خيال آهي ته اهي يونانين جا آهن، جيڪي سڪندر يوناني جي دور ۾ هتي آيا ۽ اهي يوناني ڪيشيا کان به اڳ هتي سنڌ ۾ آيا هئا.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. Sindhi Adabi Board Online Library (History)
  2. ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي، باب: تاريخ جي وساريل ورقن کان ڪراچي تائين جو سفر