ڪبير والا
ڪبيروالا (انگريزي: Kabirwala) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي خانيوال جو ھڪ شھر ۽ ڪبيروالا تحصيل جو صدر مقام آهي. ھي شھر خانيوال کان اتر طرف ملتان جھنگ روڊ تي ڏھ ڪلوميٽرن ۽ ملتان کان 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھي[1] آبادي م پاڪستان جو 118ھون وڏو شھر آھي جنھن جي آبادي 1998 ۾ 684,000 ھئي جيڪا 2017 ۾ ڏھ لکن تائين ٿي چڪي آهي [2] حضرت بابا پير ڪبير[3] جي نالي سان سڏجندڙ ھي شھر ملتان ضلعي جو حصو ھيو بعد ۾ خانيوال جڏهن ضلعو ٿيو تہ ان کي نئين ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن شھر ۾ مشھور ديوبندي مدرسو دارالعلوم عيدگاھ، ڪبيروالا پڻ واقع آهي جيڪو 1950 واري ڏھاڪي ۾ قائم ٿيو ھيو. نيسلي جو کير جو پروسيسنگ پلانٽ پن قائم ڪيو آهي جنھن ۾ روزانو ويھ لک لٽر کير جي پروسيسنگ جي گنجائش آھي. ان پلانٽ لاءِ ڪمپني علائقي جي تقريبن ھڪ لک چاليھ ھزار واٽن کان کير خريد ڪندي آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Tehsils & Unions in the District of Khanewal آرڪائيو ڪيا ويا 7 August 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. National Reconstruction Bureau, Government of Pakistan
- ↑ Punjab Development Statistics
- ↑ "Baba Pir Kabir ( Great Saint) by Sohail Anjum (Kabir Wala)". wikimapia. 9 February 2011 تي حاصل ڪيل.