ڪارو مادو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ھن وڊيو ڪلپ ۾ ملڪي وي ڪھڪشان ۾ ڪاري مادي جي ورھاست ڏيکاريل آهي جيڪو ڪھڪشان جي چوڌاري نيري روشني جي دائري ۾ ڏسجي ٿو[1]


ڪارو مادو{ٻيا نالا|انگريزي= Dark Matter} جيتوڻيڪ عام مادي سان گڏ ڪو ڳنڊاپو نٿو رکي پر ڪشش ثقل جو اثر ضرور محسوس ڪندو آهي. [2]جڏهن تہ هي ڳالھ بہ درست آهي تہ عام مادي جي نسبت ڪارو مادي جي بليڪ هول ۾ ڪرڻ جو پراسيس مختلف آهي، جڏهن عام مادو ڪشش ثقل جي وجهہ سان بليڪ هول ڏا وڌندو آهي تہ انجي رفتار تيز ٿيڻ لڳندي آهي ۽ ان ۾ موجود ذرڙن جي پنھنجي رڳڙ سان مادو جو گرمي پڌ وڌڻ لڳندو آهي، جيئن جيئن هي مادو بليڪ هول جي ويجهي گردش ڪندي بليڪ هول جي ڏا وڌندو آهي .[3] ائين ائين ان مان حرارت ۽ روشني جي شڪل ۾ گهڻي ڀاڱي توانائي خارج ٿيڻ لڳندي آهي  ان شڪل جي وجهہ سان مادي جي رفتار گهٽ ٿيڻ لڳندي آهي ۽ بليڪ هول ان مادي کي پنھنجي طرف ڇڪي ڪري پنھنجي اندر ضم ڪري ڇڏي ٿو  ها هي مادو فري فال ۾ ناهي رهندو بلڪي انجو بليڪ هول سان فاصلو گهٽ رهندو آهي ۽ آخر ڪار هي مادو بليڪ هول جي event horizon افق کي پار ڪري ڇڏي ٿو يعني بليڪ هول ۾ ضم ٿي ويندو آهي. انجي ابتڙ ڊارڪ ميٽر ڇوجو پنهنجي پاڻ سان بہ ڪو عمل ناهي ڪندو ان لاءِ ان ۾ ڪا رڳڙ پيدا ناهي ٿيندي انجو گرم پڌ مٿي ناهي هوندو ان سان روشني يا حرارت خارج ناهين ٿيندا جنھن وجہ سان انجي حرڪي توانائي ۾ ڪا تبديلي ناهي ايندي ائين ڪارو مادو بليڪ هول ڏا وڌندو آهي انجا گھڻو ڪري پارٽيڪلز تيز رفتاري سان بليڪ هول جي ويجهي کان گذري ويندا آهن  بليڪ هول جي ڪشش جي وجہ سان هي پارٽيڪلز پنھنجو رستو مٽائي ڇڏيندا آهن پر بليڪ هول کي ڇڏي ڪري اڳتي وڌندا آهن[4] جڏھن تہ بليڪ هول جا ڪجھ ذرڙا اهڙي رستي يا مدار تي هوندا آهن تہ اهوئي بليڪ هول جي ويجهي فري فال ۾ اچي ويندا آهن ۽ بليڪ هول جي ويجهي ان طرح گردش ڪرڻ لڳندا آهن جنھن طرح زمين سج جي ويجهي گردش ڪري رهي آهي جڏهن تہ بليڪ هول جي ويجهي ڪارو مادو هڪ دائري جي شڪل ۾ گهمندو رهندو آهي ڇوجو ڪاري مادي ۾ ڪا رڳڙ ناهي ان لاءِ هي ذرڙا توانائي خارج ڪري بليڪ هول جي ويجهي ناهين ويندا ها جيڪڏهن ڪاري مادي جا ڪجھ ذرڙا بليڪ هول جي سڌ ڏا ان طرح ڪرن تہ اهوئي عين بليڪ هول جي مرڪز ڏا وڃي رهيا هجن تہ هي ذرڙا ضرور سڌو بليڪ هول جو event horizon افق پار ڪري بليڪ هول ۾ داخل ٿي ويندا پر ائين ڪرڻ ۾ بہ اهوئي ڪا توانائي خارج نہ ڪندا [5] ائين اسان اهيو چئي سگهو ٿا تہ عام مادي جي نسبت بليڪ هول ۾ ڪاري مادي جي درجہ بندي گھڻي گهٽ رهندي آهي[6] عدم کي ڪجھ بہ نہ چئبو آھي. ائين کڻي چئجي عدم لاموجود آھي. اسان عدم کان آياسين، ھتي موجود آھيون ۽ لاموجود ڏي وينداسين. عدم ۽ لاموجود جو سفر ھر ڪنھن سان ڳانڍاپيل آھي. جنھن کي اسان لاموجود سفر چئون ٿا اھو ڪائنات ۾ موجود آھي ڇوجو اسان لاموجود کان آياسين ۽ موجود اظھار ٿياسين. ڪائنات لاموجود ۽ موجود سفر جي ڳانڍاپي سان پنھنجي اڪاين کي مربوط ڪيون پنھنجو اظھار ڪري ٿي پئي. ڪي شيون موجود آھن جن کي ڏسون ٿا ۽ ڪي شيون لاموجود آھن جن کي ڏسي نٿا سگهون پر احساسن جي ادراڪ سان انهن جي پتي جي ڄاڻ رھي ٿي.[7] فزڪس جا شاگرد جوڙاپت Pair Production ۽ فنا Annihilation جي تجربي شدھ حقيقت کان ضرور واقف ھوندا. جڏھن ھڪ فوٽان Photon ڪنھن نيوڪلي Neuclei سان ٽڪرائي ٿو تہ 2 ليپٽان Lepton پيدا ٿين ٿا جن ۾ ھڪ اليڪٽران Electron سڏرائي ٿو ۽ ٻيو پازيٽران Positron  سڏائي ٿو. فوٽان مادي جو ذرو ناھي يعني فوٽان مادو ناھي ان جي ٽڪراء سان اليڪٽران پيدا ٿين ٿا جيڪي مادي جا ذرا آھن. مطلب عدم موجود مادو  Matter out of nothing پيدا ٿي ويو. جيڪي ماڻھو ڪوانٽم فليڪچوئيشن Quantum fluctuation کان باخبر آھن اھي ڄاڻن ٿا مادي جي عدم مان پيدا ٿيڻ تي موجودھ دور جي فزڪس کي يقين آھي.[8] ھاڻي ڪجھ ڪئار Quarks وٺو ۽ ڪجھ ليپٽان Lepton (اليڪٽران) وٺو انهن جي ميلاپ سان نئون ايٽم Atom تخليق ڪري سگهجي ٿو. ڪيڏي عجيب ڳالھ آھي نئون ايٽم تخليق ڪرڻ ڄڻ تہ مادو تخليق ڪرڻ آھي ڄڻ ڪائنات تخليق ڪرڻ آھي. بھترين اندازا ٻڌائن ٿا ڪائنات ۾ ڪل ايٽمن جي تعداد ھڪ کان پوء ايندڙ انهن ٻڙين جي برابر عددن جيتري آھي. جيڪڏھن ڪائنات جي موجود ستارن ۽ سيارن جو مادو جمع ڪجي تہ ھن ڪائنات ۾ مادي ۽ توانائي جي ڪل مقدار 0.5 بيھي ٿي يعني پورو ھڪ فيصد بہ نہ صرف ھڪ جي اڌ جيترو. جيڪڏھن ھيڊروجن گئس بہ جمع ڪئي وڃي جيڪا ستارن ۽ سيارن جي خلا جي درميان ٿئي ٿي جنھن کي اسان روشني جي موجودگي ۾ ڏسي نٿا سگهون ان کي ملائي ڪائنات ۾ موجود مادو ۽ توانائي 4 فيصد بيھي ٿو.[9]

باقي 96 فيصد ڪارو مادو ۽ ڪاري توانائي آھي جنھن کي اسان ڏسي نٿا سگهون.

  1. 4 سيڪڙو عام مادو
  2. 23 سيڪڙو ڪارو مادو
  3. 73 سيڪڙو ڪاري تونائي.
  4. ڪاري مادي جي عمر 13.7 ارب سال

1920ع تائين سائنسدانن کي ڪھڪشائن جي خبر نہ ھئي. ھبل دوربين ذريعي سائنسدانن کي اڻ کٽ پکڙندڙ ڪھڪشائن جي خبر پئي نہ تہ پھرين ھڪ ڪھڪشان جو تصور ھيو جنھن ۾ اسان رھون ٿا.ان کان پوء بگ بينگ ۽ بليڪ ھولن جا تصور اڀري آيا. ھاڻي اسان کي پھرين ڪشش ثقل کي سمجهون ٿا جيئن اسان کي ڪاري مادي جي وڌيڪ اھميت جي خبر پوي تہ ڪيئن ڪارو مادو پاڻ ۾ وڏي ڪشش ثقل رکي ٿي انهي سان گڏ وڏي ڌڪ رکي ٿو ۽ بي انتھا تيزي رکي ٿو جيڪي عمل ڪشش ثقل ۾ موجود ناھن.

ھي ڪائناتون ھڪ ٻئي کان ڀڄنديون پري ٿينديون رھن ٿيون ڇا اتي توانائي سان پوراء ٿئي ٿو يا ڪشش ثقل سان. ايڏي وڏي ڪائنات جي پکڙجڻ لاء ڪشش ثقل تمام گهٽ آھي ان جو گهڻو مقدار کپي. اسان جي ڪائنات جو سمورو مادو بہ ملي ان جو پوراء نٿو ڪري سگهي. تہ پوء اھا ڪھڙي طاقت آھي جيڪا مادي کي ھڪ ٻئي پرتي ڌڪي رھي آھي.

ڪشش ثقل ڪنهن بہ صورت ۾ ڪائنات جو بنيادي فورس نہ آهي پر هڪ هنگامي حقيقت آهي جيئن گرميءَ جو درجو هڪ هنگامي نتيجو آهي جيڪو خوردبيني ذرڙن جي چرپر مان اڀري ٿو. ٻين لفظن ۾ ڪائنات ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي انهيءَ ۾ ڪشش ثقل هڪ سائيڊ افيڪٽ آهي نہ ڪي سبب. ڪاري مادي جو نظريو خلا Space، وقت Time ۽ ڪشش ثقل Gravity واري نطريي کي يڪسر تبديل ڪري رھيو آھي.

ڪاري مادي جي نظريي اڀرڻ سان اسان مشاهدي هيٺ ايندڙ ڪائنات کي ڏسون ٿا تہ ڪارو مادو ڪائنات جي اندر ڪھڪشائن ۾ موجود ڪشش ثقل Gravity، مادي Matter ۽ گيس Gas جي مجموعي قوت کان وڌيڪ آهي.

ڪاري مادي جو نظريو انقلابي نظريو آھي جيڪو خلا Space ۔ وقت Time ۽ ڪشش ثقل Gravity تي ٻيھر سوچڻ جي دعوت ڏئي ٿو ۽ جھڙوڪر آئينسٽائين جي ڪشش ثقل واري نظريي کي رد ڪري ٿو.

ڪنھن بہ مادي يا شي کي ڏسڻ لاء ضروري آھي تہ اھو مادو روشني کي پاڻ ۾ جذب ڪري ٿو يا خارج ڪري ٿو. جيڪڏھن اھو مادو روشني خارج ڪري تہ اھا شي اسان کي رنگين نظر ايندي، اھو مادو جيڪڏھن روشني کي جذب ڪندو تہ اھا شي ڪاري نظر ايندي. پر اھي علامتون ڪاري مادي ۾ موجود ناھن باقي ڪارو مادو ڪشش ثقل جي تمام وڏي مقدار فراھم ڪري ٿو. ھي مادو لڪل آھي. ڪشش ثقل فراھم ڪرڻ جي بنياد تي ڪارو مادو مختلف ڪھڪشائن جي ترتيب رکيون ويٺو آھي. ڪاري مادي جي ڪري تارا ۽ سيارا ڪھڪشان نٿا ڇڏين. ڪائنات وسيع آھي ڏينھون ڏينھن پکڙجي رھي آھي. اسان جا ستارا ۽ سيارا ڪھڪشان کي ڪاري مادي جي ڪري نٿا ڇڏن جيڪو کين سڪ پڪڙيون بيٺو آھي.

اسان ڄاڻون ٿو ڪائناتون لڳاتار وڌيڪ پکڙجي رھيون آھن. انهن جي پکيڙ جي رفتار کي ڪيئن ماپجي؟ حاضر دور جي فلڪياتدانن وٽ رفتار جي پيمائش جو ھڪ طريقو رھيو اھو ھيو سپرنووا جي ڦٽجڻ جو منظر. سپرنووا ڌماڪو ھڪ مرندڙ ستاري جو آخري ڌماڪو ٿئي ٿو جنھن کان پوء ڦاٽي پوي ٿو ۽ تمام وڏو شعلو طاقتور دوربينن ذريعي آسمان تي ڏسي سگهجي ٿو. سپرنووا جو ھي قسم ڪائنات جي پکيڙ جي رفتار جي پيئمائش جو مناسب ترين وسيلو آھي.

ھن ٽيڪنڪ جو طريقو ھن ريت ھيو جيڪڏھن سپرنووا وڌيڪ چمڪ ۽ ڌماڪي سان ڦاٽي ٿو تہ اھو ويجهو آھي جيڪڏھن مدھم چمڪ ۽ ڌماڪي سان ڦاٽي ٿو تہ دور آھي. پيمائش جو ھڪ ٻيو طريقو جڏھن ستارا اسان جي ويجهو اچن ٿا تہ اھي نيرا نظر اچن ٿا جڏھن ستارا اسان کان دور وڃن ٿا تہ اھي ڳاڙھا نظر اچن ٿا جيترو تارو گهڻو ڳاڙھو اھو اسان کان اوترو دور وڃي ٿو. ڪھڪشائون ڳاڙھيون نظر اچن ٿيون مطلب اسان کان دور آھن. جڏھن اسان ھڪ رخ ۾ ٻہ ڪھڪشائون ڏسون ٿا ھڪ گهٽ ڳاڙھي ۽ ٻي گهڻي ڳاڙھي اسان چوندا آھيون گهڻي ڳاڙھي ڪھڪشان گهٽ ڳاڙھي ڪھڪشان کان دور وڃي رھي آھي اسان کان بہ. ھڪ ڪھڪشان ٻي ڪھڪشان کان ٻيڻي يا وڌيڪ رفتار سان دور ٿي رھي آھي. ان ڪري ڪھڪشان جو رنگ ان جي رفتار کي ظاھر ڪري ٿو.

ڪھڪشائن جي پيمائش جي ٻنهي طريقن تي سائنسدانن ۾ ڪوبہ اختلاف ناھي. 1998ع ۾ اھا ئي ٽيڪنڪ استعمال ڪندي ٻہ وڏا تجربا ڪيا ويا جنھن ۾ ڏور کان ڏور سپرنووا جي رفتار جو مطالعو ڪيو ويو. تجربن مان معلوم ٿيو تہ ڪائنات جي پکيڙ وارن نظرين مطابق پيش ڪيل پيشنگوين جي نسبت ڪائنات جي سڀ کان دور سپرنووا قدرن وڌيڪ مدھم ھيو مطلب ستارا فاصلي کان وڌيڪ گهڻو گهڻو دور ھيا. اھڙو نتيجو ڏسي ماھر تجسس ۾ پئجي ويا. ايستائين سمجهيو پئي ويو تہ ڪشش ثقل صرف قوت آھي ۽ ستارا ڏور کان ڏور وڃن ٿا پيا ان ڪري ئي ڪائنات جي پکيڙ جي رفتار سست کان سست ٿيندي پئي وڃي اھو ئي حساب ڪتاب لڳائي 1998ع جا تجربا ڪيا ويا. سائسدانن کي يقين ھيو تہ انهن ڏور کان ڏور موجود سپرنووا جي فاصلي جو اندازو ڪشش ثقل جي عددي شمار سان لڳايو ھو جيڪو بلڪل درست ھيو پر ھاڻي سپرنووا اندازي کان وڌيڪ مدھم نڪتو تہ سائنسدانن کي وڌيڪ حيرت وٺي وئي ڄڻ ڪائنات جا ستارا ڪشش ثقل مطابق لڳايل اندازن تي پورا نہ اتريا. حيرت وارا تجربن مطابق ڪائنات جي پکيڙ جي رفتار گهٽ نٿي رھي آھي پر وڌي رھي آھي.ھن نتيجي سائنسدانن کي چڪرائي ڇڏيو. انهن جي نظريي مطابق ھنن جي حساب سان ڪائنات جي رفتار کي وقت جي حساب سان سست ٿيڻ کپندو ھيو پر 1998ع جو تجربو ڊيٽا حاصل ڪيل پراڻي تجربي جي نفي ڪري رھيو ھو. نتيجو اخذ ڪيو ويو تہ ڪائناتون جنھن حساب سان ھڪ ٻئي کان دور وڃي رھيون آھن ۽ جنھن تيزي سان انهن جي رفتار وڌي رھي آھي ان مان انهن کي معلوم ٿيو تہ ڪھڪشائن کي ھڪ ٻئي کان ڌڪي پري ڪرڻ واري ھڪ ٻئي قسم جي ڪشش ثقل آھي جيڪا شين کي ھڪ ٻئي کان ڌڪي دور ڪري ٿي.

ان کي اسان ڌڪ ڪشش ثقل (قوت دفع واري ڪشش ثقل) Repulsive Gravity چئي سگهون ٿا. نھايت حيرت جي ڳالھ آھي جڏھن آئنسٽائن نظريو اضافيت General thery of relativity پيش ڪيو تہ ھن پنھنجي مساوات ۾ ستارن کي ھڪ ٻئي کان پري رکڻ لاء Cosmological Constant ڏنو ھو يعني آئنسٽائن بہ  ڌڪ ڪشش ثقل فرض ڪئي ھئي. ھن کي فرضي ڪشش ثقل جي ان ڪري ضرورت پيش آئي جو خلا مادي جي قربت ۾ ڏوڙ کائي ٿي ۽ ڪشش ثقل کي قوتي ڪشش بنائي ٿي. ھن ڄاتو پئي تہ ڪشش ثقل جي ڪشش ڪنھن ڌڪ ڪشش ثقل جي غيرموجودگي ۾ ڪائنات کي واپس پوئين پير ڇڪي سڪيڙي ڇڏيندي. پر بعد ۾ ھبل ٻڌايو تہ ڪائنات تيزي سان ٻاھر پکڙجي رھي آھي تہ آئنسٽائن پنھنجي ڪاسمولوجيڪل ڪانسيپٽ کي مساواتن مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ان کي پنھنجو عظيم غلطان  Biggest Blunder سڏيو پر ھاڻي جي تجربن مان پتو پيو آھي تہ اسان جي مشاھدن جي تسڪين ان وقت تائين ممڪن ناھي جيستائين اسان اسان ڌڪ ڪشش ثقل Repulsive Kind of Gravity جھڙي ڪشش کي تصور ۾ نہ آڻيون ڄڻ تہ آئنسٽائن جو پھريون خيال ڌڪ ڪشش ثقل طرف مبذول ھيو. 1998ع جي تجربن بعد نين ڳالهين جو پتو پيو تہ ڪائنات جي ھر ڪھڪشان ٻاھر طرف پکڙجي رھي آھي ۽ ان جي رفتار ۾ ھر گذرندڙ وقت سان گڏ واڌ ٿي رھي آھي ايتري بي پناھ توانائي جيڪا سيارن ۽ ستارن کي بي پناھ قوت سان ٻاھر ڌڪي رھي آھي ڇا اھا ڪشش ثقل جو وسيلو ٿي سگهي ٿي؟

سائنسدان ان نتيجي تي پھتا تہ ڪائنات ۾ ھڪ خاص قسم جي توانائي موجود آھي جيڪا طاقت ۾ بيحد آھي اھا ئي توانائي جيڪا فلڪي جسمن کي ٻاھر ڌڪي رھي آھي ۽ ان ئي رفتار سان تيزي پيدا ڪري رھي آھي يعني ان جي رفتار لڳاتار وڌي رھي آھي سائنسدانن موزونيت سان ان کي ڪاري مادي جو نالو ڏنو.

ڪاري مادي جو پتو ان وقت پيو جڏھن پروفيسر فرٽز وڪي قوما ڪلسٽر ڪھڪشان جو مشاھدو ڪري رھيو ھو. مشاھدي دوران ھن پاتو ڪھڪشائن جي حرڪت تمام تيز آھي يعني ڪھڪشائون ايتري تيز حرڪت ڪري رھيون آھن جو ايتري حرڪت انهن جي وس ۾ ناھي مطلب اھڙو ڪو مادو موجود آھي جو انهن ڪھڪشائن کي حرڪت ڏيڻ ۾ مدد ڪري رھيو آھي پر ڏسڻ ۾ نٿو اچي. سائنسدانن ان مادي جو نالو ڪارو مادو تجويز ڪيو. اھڙي ريت ڪاري مادي جو نظريو وجود ۾ آيو.

جڏھن اسان ڪنھن تاري کي ڏسندا آھيون تہ ستاري مان اچڻ واري روشني سڌو اسان طرف اچي ٿي. پر پنھنجي ۽ ستاري جي درميان ڪا ڳري شي رکو تہ سڌي اچڻ واري روشني سڌو اوھان طرف نہ ايندي پر اھا ڪھڪشان جي ڪري ڏوڙي ٿي ويندي جيڪو ان وڏي ڪھڪشان جي ڪاري مادي جي ڪشش ثقل جي ڪري ٿيندو. ھي بلڪل ائين آھي جيئن ھڪ اپٽيل بلور Convex lens روشني کي موڙي ٿو ان عمل کي اسان ڪشش ثقلي بلور Gravitational lensing جو عمل چئون ٿا. ھن ڪشش ثقلي بلوريت Gravitational lensing جي مدد سان اسان ڪنھن بہ ڪھڪشان جي جسامت ۽ روشني تي ڪشش ثقلي ڇڪ Gravitational pull جو اندازو لڳائي سگهون ٿا. اھڙي طرح 1998ع ۾ چوڪور  Causar کان اچڻ واري روشني مڙي رھي ھئي سائنسدانن جي مشاھدي ڪرڻ تي معلوم ٿيو تہ روشني ٻن چوڪور causar کان اچي رھي آھي حقيقت ۾ اھا ھڪ آھي جيڪا روشني کي موڙي رھي آھي ائين ڪاري مادي جي موجودگي يقيني ٿي وئي.

اسان ڄاڻون ٿا ڪارو مادو موجود آھي ۽ ان ۾ ڪشش بہ موجود آھي. ڪشش ان وقت ممڪن آھي جڏھن ڪنھن آبجيڪٽ جو مايو Mass يقيني ھجي تہ بغير مايي جي ڪنھن شي جي ڪشش ثقل نٿي ٿئي. ڪارو مادو ڪائنات جي رازن مان ھڪ راز آھي جنھن کي ڏسي نٿو سگهجي پر ڪاري مادي جي ڪشش ثقل جي جاچ ڪري سگهجي ٿي ڇوجو ان ڪشش ثقل جي ڪري ڪھڪشائن جي رفتار بہ متاثر ٿئي ٿي. ڪارو مادو اھو واحد مادو آھي جيڪو ھڪ ٻئي وٽان گذري ٿو پر ٽڪرائي نٿو ۽ ڪارو مادو سڄي ڪائنات ۾ موجود آھي ۽ اسان جي آسپاس بہ.

    ڪارو مادو نظر نٿو اچي ۽ ھر ھنڌ موجود آھي پر ڳولجي سوال ذھن ۾ اچي ٿو ۽ اتي جواب اڀري ٿو. روشني جا شعاع مادي جي قريب گذرن ٿا تہ اتي موڙ کائن ٿا جنھن کي ڪائناتي موڙ Universal curvature سڏيو وڃي ٿو يعني روشني جا شعاع جڏھن ڪنھن گرھ جي قريب گذرن ٿا تہ اتي موڙ کائن ٿا. سائنسدانن ڪائنات ۾ روشني جي پيدا ٿيندڙ موڙن Curves جو مطالعو ڪيو انهن کي پتو پيو تہ دور پولارن مان سيارن جي حصن کي لڳي روشني جا شعاع موڙ کائن ٿا جڏھن تہ اتي ڪابہ شي موجود ناھي. اتي اھا روشني موڙ ڇو ٿي کائي؟. روشني گرھن جي حصي سان لڳي موڙ کائي ٿي لڳي ٿو اتي جسم موجود آھي پر اسان ڏسي نٿا سگهون. انهن موڙن جي بنياد تي ڪاري مادي جا نقشا ٺاھيا ويا.

انهي مان ثابت ٿيو تہ ڪارو مادو موجود آھي ۽ ڪارو مادو ۽ ڪاري توانائي ھر جڳھ موجود آھن. انهن جا ڪروڙين ذرڙا اسان جي جسم مان آرپار گذرن ٿا پر اسان ڏسي ۽ محسوس نٿا ڪري سگهون.

ڪارو مادو پنھنجي ماھيت ۾ عام مادي کان ڪافي مختلف آھي. ھن جا ذرا اسان جي مادي جي ذرن کان ڳرا ٿين ٿا. انهن تي برقي مقناطيسي چارج بہ ٿئي ٿي. پر تجسس واري ڳالھ تہ اسان جي روشني جي شعاع سان انهن جو گڏيل اثر (تعامل) Interaction بلڪل نٿو ٿئي جيئن عام مادي جي ذرن ۾ ٿئي ٿو سواء ان جي تہ روشني شعاع ڪاري مادي جي ڪشش ثقل Gravity ۾ موڙ کائن ٿا. اھڙو ڪو ٻيو تعلق روشني جي شعاعن ۽ ڪاري مادي يا ڪاري توانائي جي درميان نٿو پاتو وڃي.

ڪھڪشائن ۾ اھڙو مادو ٿئي ٿو جيڪو نہ روشني منعڪس ڪري ٿو نڪي ڪنھن قسم جي توانائي ڪڍي ٿو پر ھي ڪھڪشائن ۾ موجود آھي ان ڪري ڪھڪشائون پنھنجي موجود شڪل ۾ موجود آھن. سائنسدانن مطابق ڪارو مادو ڪائنات ۾ ڍانچي طور ڪم ڪري ٿو. هن کي ڪارو مادو ان ڪري چيو وڃي ٿو جو عام مادي جي مقابلي ۾ هي ڪنهن بہ مادي سان عمل ڪونہ ڪندو آهي.

ڪارو مادو نہ تہ روشني جذب ڪندو آهي نہ ئي روشني خارج ڪندو آهي پر ان جي ڪشش ثقل جو اثر عام مادي تي پوندو آهي.

ڪائنات جي ابتدا ۾ ڪاري مادي ٻج وانگر ڪم ڪيو جنھن سان جڙي عام مادي کي ڪھڪشائن ۽ ٻين وڏن جسمن ٺاھڻ جو موقعو مليو.

ان جي باري ۾ ڄاڻ صرف ان جي ڪشش ثقل Gravity جي   ڪري حاصل ٿي سگهيو.  اهو ڪشش ثقل Gravity پري تائين موجود ڪهڪشانن جي  طرفان ايندڙ روشني کي موڙي ڇڏي ٿي ان عمل کي ثقلي بلوريت يا ثقلي عدسو Gravitational lensing چيو ويندو آهي.ان عمل جي مدد سان فلڪياتي ماهرن ڪاري مادي جي  پوشيده رازن کي ظاهر ڪيو.

سائنسدان سمجهن ٿا ڪارو مادو ڪو ھڪ ڪوانٽم ذرو آھي جو عام مادي تي بلڪل اثر نٿو ڪري پر ان جو شاھديون ڪائنات ۾ موجود روشني جي ثقلي بلوريت Gravitatioal lensing جي عمل مان گذرڻ جي ڪري ملن ٿيون ڇوجو تمام مادن وانگر ھي ثقالت پيدا ڪري ٿو ۽ ھي ثقالت وڏين وڏين ڪھڪشائن جي جهنڊن ۾ روشني کي موڙڻ جو ڪم ڪري ٿي ڄڻ تہ ڪاري مادي جي بنيادي ذريعي کي دريافت ڪرڻ اڃان باقي آھي پر پڪي ثبوت  سان چئي سگهجي ٿو تہ ڪارو مادو وجود رکي ٿو.

سائنسدانن مطابق مادي جا ذرا اليڪٽران ۔ پروٽان ۽ نيوٽران نظر اچن ٿا تيئن ڪاري مادي جا ذرا ٿين ٿا اھي تمام ڳرا ٿين ٿا ۽ بيحد باريڪ بہ ۽ ھر جڳھ موجود ٿين ٿا..

پوري ڪائنات تاريڪ مادي سان ڀريل آھي اھي ھر شي مان آرپار ٿي وڃن ٿا اسان جي جسمن مان بہ. ھر وقت اسان جي جسمن مان ڪاري مادي جا ڪروڙين تاريڪ ذرڙا گذرندا رھن ٿا. اسان جي جسمن جي ڇا حيثيت آھي ڪاري مادي جا اھي ذرڙا زمين يا ٻين گرھن مان ائين گذرن ٿا جيئن ڇاڻي مان اٽو. ڪاري مادي جا ذرا عام فوٽانن Photons ۽ نيوٽرانن Neutrons وانگر .... عام ايٽم جا Nuclei ھن سان ٽڪرائي پنھنجي موجودگي جو عام طور تي اظھار نٿا ڪن. سائنسدانن ايتري عرصي ۾ ڪنھن بہ ھڪ ذري جي ٽڪراء کي نوٽ ناھي ڪيو ڇوجو ڪاري مادي جا ذرا زمين يا گرھن مان ھيٺ تائين ائين گذرن ٿا جيئن زمين جي مٿان ٻيا ذرا يعني مادي جي عام ذرن يا نيوٽرونن جي موجودگي ائين نٿي ٿئي جھڙي طرح انهن جي زمين مٿان ٿئي ٿي. سائنسدانن غارن ۾ اھڙيون ليباريٽريون نصب ڪيون آھن ۽ انهن ۾ اھڙا جاچڻا Detecter لڳل آھن جيڪي زيرو گرمي پد تي بہ ھروقت اھڙي ذرڙي کي پڪڙڻ لاء بي تاب رھن ٿا جيڪو ڪاري مادي جو ذرو ٿي سگهي ٿو.

سائنسدان ڪاري مادي جي مفروضي سان ڪافي مطمئن آھن پر ھن مھل تائين تجربن جي مدنظر ڪاري مادي جي حقيقت ھجڻ جون حقيقي گواھيون ملن ٿيون[10].

نوٽ :-

ڄاڻڻ کپي تہ ڪارو مادو Dark matter ۽ ضد مادو Anti matter الڳ شي آھي. جڏھن مادو ۽ ضد مادو ھڪ ٻئي جي ويجهو اچن تہ ڌماڪو ٿيندو ۽ تمام گهڻي مقدار ۾ توانائي پيدا ٿيندي. سائنسدانن حساب لڳايو آھي ھڪ گرام ضد مادي مان حاصل ٿيڻ واري توانائي جي مدد سان ھڪ پوري خلائي راڪيٽ کي ٻاھر موڪلي سگهجي ٿو ۽ ھڪ ڪار کي سڄي زمين جو چڪر لڳرائي سگهجي ٿو.[11]

  1. سانچو:Cite press
  2. سانچو:ڇا ڪارو مادو بہ بليڪ هول مان گذرندو آهي: ليکڪ ، دريا خان سنڌي
  3. {ڇا ڪارو مادو بہ بليڪ هول مان گذرندو آهي: ليکڪ ، دريا خان سنڌي}
  4. {ڇا ڪارو مادو بہ بليڪ هول مان گذرندو آهي: ليکڪ ، دريا خان سنڌي}
  5. {ڪارو مادو: ليکڪ, اصغر ساگر}
  6. {ڪارو مادو: ليکڪ, اصغر ساگر}
  7. {ڪارو مادو: ليکڪ, اصغر ساگر}
  8. {{ڪارو مادو: ليکڪ, اصغر ساگر}
  9. {ڪارو مادو: ليکڪ, اصغر ساگر}
  10. {ڪارو مادو: ليکڪ, اصغر ساگر}
  11. {ڪارو مادو: ليکڪ, اصغر ساگر}