کڏي وارو مدرسو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪراچيءَ جي محلي کڏي ۾ ”مظهرالعلوم“ مدرسي جو بنياد مولوي محمد سليمان ٻنويءَ ۽ مولوي ميان عبدالله ولد مولوي عبدالڪريم (ميان محمد صادق جي والد) رکيو هو. مدرسي جي ڪم ۾ مدد لاءِمولوي احمد الدين چڪوالي جهڙي جيد عالم جون خدمتون حاصل ڪيائون، جو ان وقت هندستان جي مشهور عالمن مان هو ۽ عربي ۽ فارسي علمن تي عبور رکندڙ هو. انهن ٽنهي بزرگن جي محنت ۽ خلوص سان ڪم ڪرڻ سبب، هي مدرسو جلد ئي ترقي ڪري، اعليٰ پيماني تي ديني تعليم جو ادارو بڻجي پيو..[1] کڏي جو ”مظهر العلوم“ مدرسو آزاد خيال تعليم ۽ تربيت جو مرڪز هو. جلاوطنيءَ کان واپس اچڻ بعد، مولانا عبيدالله سنڌي به ڪجهه وقت اتي مقيم ٿيو هو، جتيبيت الحڪمت کوليائين ۽ شاهه ولي الله جي فلسفي جو درس ڏيڻ شروع ڪيائين. اهو مدرسو مولوي محمد صادق کڏي واري جي ڪوشش ۽ اثر ڪري هلندو پئي آيو. سندس ذريعي ڪيترا غير مسلمان اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيا. سندس مدرسي مان سنڌ، سرحد، ايران، جاوا، ملايا، چيني ترڪستان ۽افغانستان وغيره ملڪن جا شاگرد پڙهي ويا هئا. پاڻ مدرسي جو ڪم اعزازي طور تي ڪندو هو. سندس گذر معاش جو مدار طبابت تي هو..[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو