هند۔يورپي ٻوليون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(هند يورپي ٻوليون کان چوريل)

ڪيترن سوين ٻولين سان تعلق رکندڙ ٻولي جي خاندانن ۽ لسانيات واري وڏي ٻولي.


ٻولين جي کوجنا[سنواريو]

پندرهينءَ ۽ سورهينءَ عيسوي صديءَ ۾ پورچوگيزن، ڊچن، فرينچن ۽ انگريزن، هڪ ٻئي جي پٺيان، واپار سانگي هندستان ۾ اچي ڪوٺيون وڌيون، ته منجهائن ڪن سنسڪرت تي ڌيان ڏنو. هنن ڏٺو ته سنسڪرت ۾ گهڻيئي اهڙا لفظ آهن، جي ساڳيا ڪيترين يوروپي ٻولين ۽ پارسيءَ ۾ آهن. مثلاً سنسڪرت ”ماتر“ (ماتا، ماءُ) ۽ ”ڀراتر“ (ڀاءُ) جا اُچار پارسيءَ ۾ ”مادر“ ۽ ”برادر“ ۽ انگريزيءَ ۾ ”مدر“ (Mother) ۽ ”بردر“ (Brother) آهن. اهڙا ٻيا ڪئين ساڳيا لفظ ڏسي حيران ٿيا؛ پر سمجهي نٿي سگهيا، ته اهي لفظ يورپ، ايران ۽ هندستان ۾ ڪيئن عام ٿيا.

سن 1783ع ۾ سر وليم جونس (1746-1794ع) منڍ بنگال جو چيف جسٽس مقرر ٿي آيو، تنهن سنسڪرت جو اونهو اڀياس ڪري ظاهر ڪيو، ته سنسڪرت، ايراني ۽ ڪيتريون يورپي ٻوليون ساڳئي بنياد مان آهن، تنهنڪري ڪيترا لفظ ساڳيا اٿن ۽ نحوي بناوت به ڪيتري قدر هڪجهڙي اٿن. سنه 1816ع ۾ جرمنيءَ جي نامور عالم فرئنسس باپ (Francis Bopp) هڪ گرامر ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ سنسڪرت، گريڪ (يوناني) لئٽن، جرمن ۽ پارسي ٻولين جي گردانن يا ڦيرن جي هڪجهڙي ترتيب ڄاڻائي، وگيانڪ ريت ثابت ڪيائين، ته سر وليم جونس جو قياس سچو هو، ۽ اهي ٻوليون برابر اهڙيءَ قديم ٻوليءَ مان پيدا ٿيون آهن، جا هن وقت دنيا جي ڪنهن به ڀاڱي ۾ ڳالهائڻ ۾ نٿي اچي. يوروپي عالمن کي علم لغات (Comparative Philology) جو پتو انهن ٻولين جي ڀيٽ ڪرڻ سان پيو. انهن سڀني هنڌن جي ٻولين جو هڪ يڪو خاندان انڊو – يورپين نالي سان ڪوٺڻ لڳا، ته سمجهڻ ۾ اچي ته هندستان ۽ يورپ جون ٻوليون انهيءَ ساڳئي خاندان مان آهن.

تاريخ جون کوجنائون: يوروپي لوڪن لاءِ هاڻ هڪ وڏو مسئلو پيدا ٿيو هو. چوڻ لڳا ته هندستان ۽ ايران، جي يورپ کان گهٽ ۾ گهٽ ته ٽي هزار کن ڪوهه پري آهي، تن جي ٻولين جو پاڻ ۾ ههڙو جگري ناتو ٿيو ڪيئن؟ هيءَ پرولي سلي ڪير؟ سگهو ئي هندن جي رگ ويد مان پتو پين ته اهي آريه لوڪ هئا، جي پنهنجي نشاني اهي ويد ڇڏي ويا آهن. پارسين جي زنداوستا مان سڌ پين، ته خود ”ايران“ لفظ اصل ۾ آهي ”آئرين“ يعني ”آرين جو ملڪ.“ ايران طرف دارا بادشاهه جا اُڪرايل ڪي ڪتبايا اُڪريل نوشتا لڌائون، جن ۾ سندس خاندان جو شجرو ڏنل آهي، ۽ منڍ ۾ لکيل آهي ته ”آئون آريا آهيان ۽ آريا جو پٽ آهيان“. هن مان ظاهر ٿيو ته ايراني اصل ۾ آريا هئا ۽ پنهنجي آريا نسل جو ججهو فخر هون. هوڏانهن يورپ ڏي آئرلئنڊ (Ireland) آهي، جو اصل ۾ آهي آريه لئنڊ يعني آرين يا شريفن جو ملڪ. آئرلئنڊ جو قومي نالو ايرين (Eren) آهي ۽ اهو لفظ به اصل ۾ آهي ”آرين“ رڳو انهن نالن منجهان ئي جيڪر هرڪو آرين جو هو. هنن حقيقتن يوروپي عالمن کي هيڪاري حيرت ۾ وڌو، تنهنڪري انهيءَ سموري ايراضيءَ جي مکيه ٻولين جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪيائون، ۽ ساڳئي وقت تاريخ جي کوجنائن ۾ پيا، ته من ڪو وڌيڪ پتو پوي.

تايخ جي کوجنا لاءِ هيءُ رستو اختيار ڪيائون، جو هندن، ايرانين، آڳاٽن يونانين، رومن ۽ ٻين يوروپي قومن جا ڪيترا ڌرمي پستڪ هڪ ٻئي سان ويهي ڀيٽيائون. هندن جي پراڻن ۽ اتهاسن ۾ ڏٺائون ته آڳاٽن راجائن ۽ رشين جا پيڙهيءَ به پيڙهيءَ احوال ڏنل آهن. انهن مان يقين ٿين ته اهي سچا پچا تاريخي احوال آهن، پر اتي ئي ڪي ڳالهيون اهڙي نموني لکيل آهن، جي ڏند ڪٿائون پييون ڀانئجن. سگهو ئي معلوم ٿين ته ٻين ملڪن ۾ به تاريخ جي شروعات انهيءَ ريت ٿي هئي. پروفيسر مئڪڊونيل پنهنجيءَ جوڙيل سنسڪرت ساهت جي تاريخ ۾ ۽ ٻين ڪن يوروپي عالمن به پنهنجي ليکن ۾ پهريائين ائين پئي ڄاڻايو ته آڳاٽن آرين کي ”تاريخ“ جوڙڻ جو هنر هئوئي ڪونه، پر پوءِ جيڪي حقيقتون مليون، تن مان ظاهر ٿيو، ته اڳي هندستان، ايران، يونان ۽ ٻين هنڌ تاريخ، جاگرافي، کگول وديا، جوتش وغيره جون ڳالهيون، آکاڻين جي نموني لکندا هئا، ته ماڻهن کي ياد ڪرڻ سوليون ٿين.[1][2][3][4][5][6]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2020-10-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-08 
  2. Iran, Eran, Airan, the Airiyana of the Avesta. is the land of the Aryans. "Edward G. Browne: A Literary History of Persia. Page 4
  3. At the time at which we begin to know them, 'Arya meant noble, exalted'. Venerable; the name had become something almost sacred, it embodies the Aryan Peoples' national pride, -or a feeling deeper still more intense enduring. And inspiring: their pride of race, and that down to a very late period: for was not Dareios, the great
  4. Persian King, careful to preface his family genealogy in his famous inscriptions by the statement: 'I am an Aryan, the son of an Arya'?" L.A. RogozinL vedic India, Page 62
  5. "Eran, Eranian is only a slightly altered form of Aryan: so is Erin, the national name of Ireland." L.A. RagozineL Vedic India. Page 62. footnote
  6. ڪتاب: قديم سنڌ، ليکڪ: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي