ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڏنگي ۽ بنڊاڙ جا ٻئي ٻيٽ ڪراچيءَ جي ڏکڻ ۾ ابراهيم حيدريءَ ويجهو آهن. ٻئي ٻيٽ اصل ۾ هڪ ڊگهي ٻيٽ جا ٻه ڇيڙا آهن، جنهن مان اولهندي ٻيٽ کي ڏنگي (Ddhingi) ۽ اوڀرندي پاسي کي بنڊاڙ (Band'aarr) سڏيو وڃي ٿو. عالمي سطح تي ماحول جي بچاءَ جي لاءِ ڪم ڪندڙ اداري آءِ يو سي اين جي تيار ڪيل پاڪستان ۾ تمام وڏي ترجيح وارن علائقن بابت رپورٽ موجب اهو ٻيٽ بنڊاڙ / کپرانوالا / موچاڪا وارن ٻيٽن جو حصو آهي، جيڪو آءِ يو سي اين پاران حساس ماحولياتي علائقو پڻ قرار ڏنل آهي. ٻيٽن جو اهو سلسلو 17850 هيڪٽر ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ اهو سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ جي اولهندي ڇيڙي تي ڪورنگي، ڦٽي ۽ جهري ڪريڪن جي لڳو لڳ آهي. انهن ٻيٽن جي بابت سنڌ سرڪار جي دعوا آهي ته اهي ٻيٽ پورٽ قاسم اٿارٽيءَ کي ليز تي نه ڏنا ويا هئا. ايستائين جو پورٽ قاسم اٿارٽي کي بندرگاهه سان لاڳاپيل ڪمن ڪارين لاءِ ليز تي ڏنل ايراضي ۾ به اهي ٻيٽ شامل نه هئا پر اڳوڻي وزير اعظم شوڪت عزيز 14 آڪٽوبر 2006ع تي پنهنجي ڪراچيءَ جي دوري ۾ اهو فرمان جاري ڪيو ته، زمين پورٽ قاسم اٿارٽيءَ جي آهي.

2006ع ۾ جڏهن ارباب رحيم سنڌ جو وڏو وزير هو، تڏهن به دبئيءَ جي هڪ وڏي ريئل اسٽيٽ ڪمپني عمار پراپرٽيءَ کي اهي ٻيٽ وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي[1]. عمار ان رٿا تي 43 ارب ڊالر سيڙائڻ جو واعدو ڪيو هو. 13 سالن اندر هڪ نئون شهر اڏڻ واري رٿا ۾ عمار جو حصو 85 سيڪڙو هجي ها. جڏهن ته پورٽ قاسم اٿارٽيءَ جو رٿا ۾ حصو 15 سيڪڙو هو. ان سودي کي ايترو ته ڳجهو رکيو ويو هو جو سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ارباب رحيم پاڻ اهو چيو هو ته وفاقي حڪومت اهڙي ڪنهن به فيصلي کان اڳ سنڌ سرڪار کي اعتماد ۾ نه ورتو هو، ان ڪري سنڌ سرڪار ان معاملي تي وفاقي سرڪار سان ڳالهائيندي پر اڳتي هلي سنڌ سرڪار هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. سول سوسائٽي ۽ ماحوليات تي ڪم ڪندڙ ڌرين ان رٿا جي مخالفت ڪئي ۽ بعد ۾ چپ چپات ۾ ان رٿا مان هٿ ڪڍيا ويا.

پيپلز پارٽيءَ ان دور ۾ انهن ٻيٽن جي وڪري خلاف سخت موقف اختيار ڪيو هو. وڏي ويزير قائم علي شاهه، صوبائي سيڪريٽري جنرل تاج حيدر، سينيٽر رضا رباني، نثار کهڙو، سيد مراد شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي اهم پ پ اڳواڻ ان رٿا کي سنڌ جا اثاثا نيلام ڪرڻ جي سازش قرار ڏيندا رهيا. اان ئي پارٽيءَ جي سرڪار ۾ جڏهن اهي ساڳيا همراهه اقتدار جي ڪرسين تي ويٺل آهن ته اهي ساڳيا ٻيٽ بحريا ٽائون کي وڪرو ڪيا ويا آهن. 11 مارچ 2013ع تي آمريڪي سيڙپڪار ٿامس ڪريمر ۽ ملڪ رياض جي وچ ۾ مفاهمت يا يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن هيٺ آمريڪي سيڙپڪار ۽ بحريا ٽائون سيف سٽي نالي اڏاوتي رٿا کي عمل هيٺ آڻيندا. بحريا ٽائون جي ترجمان موجب اهو شهر ڏهن ورهين اندر مڪمل ٿيندو، جنهن ۾ دنيا جي سڀ کان اوچي عمارت، بين الاقوامي معيار جا شاپنگ سينٽر ۽ ٻيون اهم رٿائون تعمير ڪيون وينديون. اخباري خبرن موجب ان رٿا تي 15 کان 20 ارب ڊالر خرچ ٿيڻا هئا. سنڌ واسين جي سخت مزاحمت ۽ ٻيٽن جي مالڪيءَ واري تڪرار سبب اها رٿا رولڙي جو شڪار ٿي وئي. [2]

حوالا[سنواريو]

  1. "بنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ خلاف مزاحمت جو اعلان، ڪراچي ۾ اجلاس - Wikinews". sd.wikinews.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-06-30. 
  2. [ http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=85#6447 آرڪائيو ڪيا ويا 2017-09-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ جو مستقبل، ليکڪ؛ نصير ميمڻ، اختيار کوکر] پاران سنڌسلامت ڊاٽ ڪام