ڳوٺ ڏتل ابڙو
ڏيک
(ڏتل ابڙو کان چوريل)
ڳوٺ ڏتل ابڙو، لاڙڪاڻي کان 15.7ڪلوميٽر پري آھي ھي ڳوٺ قمبر شھدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ ۾ اچي ٿو. ھن ڳوٺ ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالھائڻ وارا رھن ٿا، جھڙوڪ؛ ابڙو، جنھن ٻہ وڏا پاڙا، اگھم ابڙو ۽ تاجاڻي ابڙو آھن. ھن شھر ۾ ٻيا بہ قبيلا آباد آباد آھن، جن ۾ سيد، بخاري سيد، سومرو، ميراڻي ، لاشاري، حاصلو، ملاڻو، چانڊيو، منگي ۽ ڪلهوڙو شامل آھن.
تاريخ
[سنواريو]ڳوٺ ڏتل ابڙو سنڌ جي قديم مهاڳن مان هڪ آهي. ڳوٺ قديم وقت کان وٺي شاندار ۽ ترقي يافته رهندو آيو آهي. ان جي شاهدي ميان شاهل محمد جي قبرستان مان ملي جتان پراڻا جنڊ ، ٺڪر جا دلا ۽ ٿانو ملندا رهن ٿا. انگريزن جي حڪومت هيٺ ڳوٺ جو نالو ڏتل ابڙو درج ڪيو ويو. ان وقت هن ڳوٺ ۾ هندن جو هڪ وڏو تعداد رهندو هو. جن ۾ اڪثريت واپارين جي هئي. پر 1947 ع جي ورهاگي مهل هندن ڏتل ابڙي کي خيرآباد چيو ۽ انڊيا ڏانهن هجرت ڪري ويا.