مواد ڏانھن هلو

ڏاکڻي يورپ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڏکڻ يورپي ملڪ

ڏاکڻي يورپ (Southern Europe) هڪ جاگرافیائي اصطلاح آهي جيڪو خاص طور تي ڏکڻ يورپ ۾ واقع سڀني ملڪن کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. مختلف وقتن ۾ ان جي استعمال ۾ مختلف، سياسي، لساني ۽ ثقافتي معني ۽ نباتات (Flora) يا موسمي جاگرافي جي حوالي سان پڻ مختلف معنا شامل آهن. ڏاکڻي يورپ جا اڪثر ملڪ رومي ميڊيٽرينين سمنڊ سان ملن ٿا. اها "ميڊيٽرينين يورپ" جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو،[1] ڇاڪاڻ ته ان جي جاگرافيائي بيهڪ رومي ميڊيٽرينين سمنڊ سان لڳل آهي. ڏکڻ يورپ جي تعريف ۾ اچڻ واري ملڪن/علائقن ۾؛ البانيا، بلغاريا، مالٽا، يونان، قبرص، اوڀر ٿريس(ترڪي، اتر مقدونيا، سربيا، بوسنيا ۽ هرزيگوينا، ڪروشيا، مونٽي نيگرو، سلووينيا، اٽلي، موناڪو، سان مارينو، ويٽيڪن سٽي، فرانس (ڏاکڻي)، انڊورا، اسپين، پرتگال ۽ جبرالٽر شامل آهن.[2][3][4][5][6][7][8]

ڏاکڻي يورپ ٽن وڏي جزيري نما (Peninsula)، بلقان، آئبيريا ۽ اپئنيئن پيننسولا تي فوڪس ڪندو آهي، جيڪا يورپ کنڊ جي انتهائي ڏکڻ ۾ آهن.[9] [10] اها ٽي جزيري نما يورپ جي باقي حصن کان الپس، بلقان ۽ پيرينيز جبلن جي سلسلن ذريعي ڌار ٿين ٿا. رومي سمنڊ جي وچ ۾ هنن جو محل ۽ گڏوگڏ انهن جو جبلن وارو پس منظر، انهن کي يورپي کنڊ جي باقي علائقن کان مختلف قسم جي آبهوا، خاص طور ذيلي اڀرندڙ رومي ساموندي (Mediterranean Subtropical) آبهوا مهيا ڪندو آهي. گرمصحارا جي وچ کان اڀرندڙ "سروڪو" گرم هوا، اٽلي جي مٿان گذرندي، الپس جي "پو وادي" جي اندرين تائين پهتي ٿي. الپس هن کي باقي يورپ تائين پکڙجڻ کان روڪي ٿو. جڏهن ته ٻئي طرف الپس ۽ پيرينيز جبل اطالوي ۽ آئيبيريائي جزيري نما کي ڏاکڻي فرانس کان ايندڙ ورساتن ۽ برفاني هوائن، "مسٽرل" (Mistral) ۽ "ٽرئمونٽاني" (Tramontane) کان بچائندا آهن. جڏهن اها هلنديون آهن، فرانس جي ساحل تي هڪ "اوچتو" رجحان پيدا ٿئي ٿو، جيڪو مٿاڇري جي پاڻي کي ٻاهر سمنڊ ڏانهن ڌڪيندو آهي ۽ سمنڊ جو اونڌو، ٿڌو پاڻي ڪناري تي آڻيندو آهي، جن جي ڪري، فرانس جي ساحلن جي پاڻيءَ جو پد، اونهاري ۾ به تمام ٿڌو ھوندو آهي ۽ باقي رومي سمنڊ واري علائقي سان مختلف هوندو آهي. [11] [12] [13] هن ئي طرح جو عمل بلقان جبل جي ٻن چاڙين وچ ۾ ٿئي ٿو. هن کان سواء اها جبل، آبادي کي پکڙڻ سان روڪڻ ٿا ۽ خاص ڪري ڏاکڻي يورپ جي آبادي کي رومي سمنڊ واري علائقي تي مرڪوز رکڻ جو وڏو ڪارڻ بڻجڻ ٿا. انھي ڪري، علائقي جي آبهوا ۽ ثقافتون تمام مخصوص آهن.

ڏاکڻي يورپ جون جاگرافيائي ۽ نسلي ثقافتي سرحدون اتر ۾ پيرينيز ۽ الپس جبل ۽ ڏکڻ ۾ بلقان ۽ رومي سمنڊ آهن

ڏاکڻي يورپ کي بيان ڪن لاءِ مختلف طريقا استعمال ٿيڻ ٿا، جنهن ۾ سياسي، اقتصادي، تاريخي ۽ ثقافتي رجحان شامل آهن. ڏاکڻي يورپ ان جي فطري خاصيتن، جاگرافي، آبهوا ۽ نباتات ذريعي به بيان ٿي سگهجي ٿو. سياسي طور تي، ڏاکڻي يورپ جي نو رياستون، يورپي يونين جو ميڊيٽرينين گروپ، "اي يو ميڊ گروپ" (EU Med Group) ٺاهينديون آهن، ۽ ڍلي طور تي، ڏاکڻي يورپ ۽ يورپ جي رومي سمنڊ واري علائقي جو اصطلاحون هڪ ٻئي کان مطابقت رکنديون آهن.

جاگرافي

[سنواريو]
ميڊيٽرينين سمنڊ جي چوڌاري ڏاکڻي يورپي ملڪن جي جاگرافيائي خاصيتون
آبهوا: نباتات: 

تاريخ

[سنواريو]

آباديات

[سنواريو]

ٻيون درجه بنديون

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

باب:جاگرافي ۽

باب:يورپ

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Southern Europe, اصل کان 24 فيبروري 2021 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 21 آگسٽ 2024۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  2. José María Magone; Magone, José María Magone (2003). The Politics of Southern Europe: Integration Into the European Union. Greenwood Publishing Group. pp. 292–. ISBN 978-0-275-97787-0. https://books.google.com/books?id=KOj2BwVxczUC&pg=PA292.
  3. Europe, Southern: Italy, Cyprus, Greece, European Turkey: Selected References. Air University Library. 1992. https://books.google.com/books?id=IZgyAQAAIAAJ.
  4. Encyclopedia of Social and Cultural Anthropology, Alan Barnard and Jonathan Spence. Retrieved 10 October 2015.
  5. UCF Libraries – Southern Europe
  6. Which Countries Make Up Southern Europe? WorldAtlas
  7. "Global Forest Resources Assessment 2000 - Chapter 30. Southern Europe", Food and Agriculture Organization of the United Nations, 2000, حاصل ڪيل 26 نومبر 2021۔
  8. Romania | History, Map, & Facts | Britannica
  9. Robert E. Dickinson (1969). The Makers of Modern Geography. Routledge Library Editions: Social and Cultural Geography. p. 16. ISBN 9781317907336. https://books.google.com/books?id=1yXJBQAAQBAJ. "He (August Zeune) divided Europe into its major divisions. Southern Europe falls into three units — the Pyrenean, Alpine, and Balkan peninsulas."
  10. "Europe: Physical Geography", National Geographic Society, 4 January 2012, حاصل ڪيل 21 February 2022, "Europe's main peninsulas are the Iberian, Italian, and Balkan, located in southern Europe"
  11. "Mediterranean sea-surface temperature", ESA, 2012, حاصل ڪيل 19 نومبر 2021۔
  12. Barale, Vittorio (January 2011), "Fig. 3.a: Sea surface temperature of the Mediterranean Sea (water masses and physical processes).", The coastal dimension of maritime spatial planning (ٻولي ۾ انگريزي), ResearchGate, اصل کان Apr 23, 2023 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 04 سيپٽمبر 2021۔
  13. "2010-2019 SST in the Mediterranean", eo science for society, 24 جون 2019, حاصل ڪيل 19 نومبر 2021۔