ڏاکڻي اوڀر ايشيائي معاهدن جي تنظيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

8 سيپٽمبر 1954ع تي آسٽريليا، نيوزيلئنڊ، فرانس، برطانيه، پاڪستان، فلپينس ، ٿائلئنڊ ۽ آمريڪا، ڏاکڻ اوڀر ايشيائي معاهدن جي تنظيم يا سائوٿ ايسٽ ايشين ٽريٽي آرگنائيزيشن (South East Asian Treaty Organization SEATO) ٺاهه تي فلپائن جي شهر منيلا ۾ صحيون ڪيون. هن ٺاهه جو بنيادي مقصد ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ڪميونزم جي وڌندڙ اثر کي روڪڻ هيو. هن ٺاهه ذريعي آمريڪا پنهنجا محدود قومي مفاد ته پورا ڪيا، پر ان تي صحيون ڪندڙ ملڪ سفارتي طرح سوويت يونين کان پري ٿي ويا. هن ٺاهه سرد جنگ کي هٿي ڏني ۽ دنيا وڌيڪ ٻن بلاڪن ۾ ورهائجي وئي. تنظيم جو مرڪز ٿائلينڊ بئنڪاڪ ۾ رکيو ويو. 30 جون 1977ع تي هيءَ تنظيم ختم ڪئي وئي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري آرڪائيو ڪيا ويا 2019-10-21 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد