ڇپائي

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

ڇپائي (Printing): اڄ کان صديون اڳ، جڏهن عام ماڻهن ۾ لکڻ پڙهڻ جو ڪو منظم سلسلو ڪونه هو، تڏهن اُهي ڪاٺ جي تختين تي يا غارن ۽ گفائن جي ڀتين تي ڪي شڪليون ۽ تصويرون اُڪيري ڇڏيندا هئا. اهي هڪ قسم جي تصويري لکت جو نمونو چئي سگهجي ٿو. ان کانپوءِ ٺڪر جي ٽِڪين (مهرن) تي لکت وجود ۾ آئي، جيڪا اٽڪل چار هزار ق. م قديم چئي وڃي ٿي. اڄ به لنڊن جي عجائب گهر ۾ اهڙيون هزارين تختيون رکيل آهن، جن کي سنڌو لکت واريون تختيون يا مهرون چيو وڃي ٿو.

ارتقا[سنواريو]

سورهينءَ صديءَ ۾ ڪتابن جي ڇپائي

باقاعدي اشاعت ۽ طباعت (ڇپائيءَ) جو آغاز سترهين صديءَ جي آخر ڌاري چيو وڃي ٿو ۽ هن وقت دنيا ۾ معلومات جا وسيع ذريعا پيدا ٿيا آهن، پرنٽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن جو گهڻو حصو گرافڪس آرٽ، ٽائپوگرافيءَ ۽ ليٿوگرافيءَ تي مشتمل آهي. ڇپائيءَ جي فن جي ايجاد کان اڳ ڪتاب مهانگا هوندا هئا، جيڪي دولتمند خريد ڪري سگهندا هئا. ڇپائيءَ جي ايجاد علم ادب، فڪر ۽ تدبر کي ترقي ڏياري آهي، ان ڪري هيءَ ايجاد انسانذات جي ٻين سمورين ايجادن کان وڌيڪ اهميت واري ليکي وڃي ٿي. باوجود ان جي ڇپائي اول يورپ ۾ ٿي يا چين ۾، ان جو اندازو نه لڳايو ويو آهي.

برصغير ۾[سنواريو]

برصغير هند- پاڪ ۾ فن طباعت (ڇپائيءَ جو هنر) ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ پرورچوگيزن متعارف ڪرايو ۽ پهريون ڇاپ خانو بمبئيءَ ويجهو گووا ۾ لڳايو ويو هو، جيڪو پرتگال جي بادشاهه تحفي طور ڏنو هو. ان کانپوءِ 1798ع ۾ هڪ انگريزي ڇاپ خانو عيسائي مبلغن ڪلڪتي ويجهو سيراب پور ۾ لڳايو هو. هڪ سال جي اندر 1799ع جي آخر تائين باقاعدي ٽائپ فائونڊيريءَ به ڪم شروع ڪري ڏنو، جنهن ۾ انگريزي کانسواءِ ڪجهه هندستاني زبانون مثلاً: بنگالي، تيلگو، تامل وغيره به ٽائيپ ٿيڻ لڳيون. 1800ع ۾ ڪلڪتي جي فورٽ وليم ڪاليج ڪنهن حد تائين اردو ٽائيپ ٺاهڻ ۾ ڪاميابي ماڻي، جيڪو ’نستعليق رسم الخط‘ جي ويجهو هو، پر هن رسم الخط ۾ صرف ڪاليج جا درسي ڪتاب ئي شايع ڪيا ويندا هئا. 1845ع ۾جڏهن ڪاليج بند ٿيو ته اهڙي ڇپائي به ختم ٿي وئي. ارڙهين صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾ ليٿوگرافيءَ جو ڪم شروع ٿيو، جنهن کي اردو ڪتابن جي طباعت لاءِ ڪتب آندو ويو. ليٿوگرافيءَ جي تڪڙي مقبوليت جو سبب هيءُ هو ته ڪتابت خالص ’نستعليق‘ خط ۾ ٿيندي هئي. پوءِ ڪتابت ٿيل مواد کي ڪيميائي عمل سان پٿر جي پليٽ تي منتقل ڪيو ويندو هو. هٿ سان ٽائيپ جي اکرن کي ڄمائڻ جي مقابلي ۾ هيءُ نئون طريقو تيز رفتار ۽ سٺو به هو. 1850ع تائين پوري برصغير ۾ اردوءَ کان سواءِ ٻين سمورين زبانن ۾ ڪتاب ۽ رسالا ٽائيپ ٿيندا هئا. صرف اردو ڪتابن ۽ رسالن جي طباعت ليٿوگرافيءَ ۾ ٿي رهي هئي. انگريزي ڇاپخانن کانپوءِ اردو ليٿوگرافيءَ جي ڇاپخانن ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي. آهستي آهستي هن ڪرت باقاعدي هڪ مڪمل صنعت جو درجو حاصل ڪري ورتو. آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام وقت سنڌ ۾ ڪجهه ننڍا ننڍا ڇاپ خانا هئا، جن ۾ پراڻيون مشينون هلي رهيون هيون. ڪجهه ڇاپخانا صرف هڪ مشين واري پرنٽنگ شاپ کان وڌيڪ حيثيت نه رکندا هئا. شروع ۾ هر قسم جي ڇپائي ’ليٽر پريس‘ تي ٿيندي هئي. ڪجهه ليٿوگرافڪ پريسون به هيون، جن ۾ پٿر ۽ زنڪ جون پليٽون استعمال ٿينديون هيون، جن ذريعي هڪ ئي وقت هڪ ئي رنگ جي طباعت ٿي سگهندي هئي، فوٽو آفسٽ مشين ڪا نه هئي، ڇپائيءَ کان اڳ جا فن ڊيزائننگ، ٽائيپ سيٽنگ، رنگ آميزيءَ ۽ پليٽ سازي وغيره جا هنرمند به نه هئا. روايتي طريقي سان ڇپائيءَ جو ڪم سُست رفتار هو. ان ڪري هڪ وقت ۾ اخبار جا ٻه صفحا فليٽ پيپر تي 2000 داٻ في ڪلاڪ جي رفتار سان ڇپجي سگهندا هئا. اڳتي هلي سڀني ملڪن ۾ ڇپائيءَ جي فن ۽ سائنس ترقي ڪري جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ جي صورت اختيار ڪري ورتي. ان کان پوءِ پاڪستان ۾ به طباعت، صـنـعـت جـي حيـثيـت اختيار ڪــري ورتي. تــرقـي پـسـنـد پبلشرن وقت جي چئلينج کي قبول ڪيو ۽ جديد ماڊل جون پرنٽنگ مشينون گهرايون، انهن خود به اعليٰ مهارت ۽ تربيت حاصل ڪئي ۽ ڪارڪنن کي به ملڪ ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ اعليٰ فني تربيت ڏيارڻ جو بندوبست ڪيو. پهرئين ڏهاڪي ۾ حڪومت جي آزاد درآمدي پاليسي ۽ پاڪستاني سڪي جي مستحڪم مالي حيثيت سبب ملڪ ۾ مجموعي طور صنعتي شعبي ۾ ترقي ٿي. جنهن ۾ ڇپائي ۽ گرافڪس آرٽ جي صنعت به شامل هئي، جن سيڪيورٽي پرنٽنگ ۽ پيڪنگ جا شعبا قابل ذڪر هئا. ابتدائي سالن ۾ ’پاڪستاني سيڪيورٽي پرنٽنگ پريس‘ جو ادارو هڪ غير ملڪي فورم جي تعاون سان قائم ٿيو، جتي ڪرنسي نوٽ، پوسٽ جون ٽڪليون، روينيو جون ٽڪليون، عدالتي اسٽامپ پيپر ۽ ٻيا سرڪاري دستاويز ڇاپڻ جو انتظام ڪيو ويو، ان سان گڏ خاص ڪاغذ ٺاهڻ جو هڪ خاص ڪارخانو به قائم ٿيو.

پاڪستان ۾[سنواريو]

اوائلي دور ۾ بلاڪن جي ڇپائي

1956ع ۾ هڪ دورانديش صنعتڪار هڪ ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ سان گڏ شراڪت جي بنياد تي هن شعبي ۾ داخل ٿيو ۽ وسيع پئماني تي هڪ ’پيڪيجز لميٽيڊ‘ لاهور ۾ قائم ڪيائين. ان کانپوءِ ڪاغذ جي ڪارخاني ۽ هڪ بورڊ مل جو به اضافو ٿيو. 1964ع ۾ جپان کانپوءِ پاڪستان پهريون ملڪ هو، جنهن ’ڪلر اسڪينر‘ درآمد ڪيو ۽ هتي نئين معيار جي رنگين ڇپائي ٿيڻ لڳي. 1984ع ۾ ڪلر اسڪيننگ واپاري بنيادن تي شروع ٿي وئي، جنهنڪري هڪ ئي وقت چئن رنگن ۾ ڇپائيءَ جو ڪم شروع ٿيو ۽ اهڙيءَ ريت اخبارن، رسالن ۽ اشتهارن وغيره جي ڇپائي وڏي صنعت جو روپ اختيار ڪري ورتو. جلد سازي به ڇپائيءَ جي صنعت جو هڪ لازمي جزو آهي. پهرين صرف ڌاڳي واري هٿ جي سادي جلد بندي ٿيندي هئي، هاڻي اڪثر پريسن سان گڏ بائيڊنگ جون آٽوميٽڪ مشينون نصب ٿي ويون آهن، جن ۾ ڊائي ڪٽنگ، جزبندي سلائي يا بغير ڌاڳي جي گم بائيڊنگ ۽ ڪٽائيءَ ڪرڻ جو ڪم تيز رفتاريءَ سان ٿيندو آهي. اڄڪلهه گَم بائيڊنگ وارن پيپرن ذريعي هڪ ئي وقت ۾ ڪتاب جون چار هزار ڪاپيون هڪ ڪلاڪ ۾ تيار ٿي سگهن ٿيون. ڪاغذ ۽ مس به ڇپائيءَ جي صنعت جا ٻه اهم جزا آهن. اخباري ڪاغذ (نيوز پرنٽ) جو ڪارخانو اڃا قائم نه ٿيو آهي. مَس ٺاهڻ جا ڪارخانا قائم ٿيا آهن پر اعليٰ ڪوالٽيءَ جو مَسون جپان ۽ ٻين ملڪن کان درآمد ٿين ٿيون. پاڪستان ٺهڻ وقت اخبارن جي ڇپائي في ڪلاڪ ٻه هزار داٻ جي رفتار سان ٿيندي هئي، پر هينئر تيز رفتار مشينن تي هڪ ئي وقت ۾ 24 صفحن جي رنگين ڇپائي في ڪلاڪ 25 هزار داٻ جي رفتار سان ٿي رهي آهي. قيام پاڪستان جي وقت اخبارن رسالن ۽ ڪتابن جي اشاعت ۽ طباعت ڪاتبن جي محتاج هئي. 1980ع ۾ ’نوري نستعيلق‘ جي ڪمپيوٽر تي ڪتابت ڪرڻ جي طريقي ايجاد ٿيڻ سان ڇپائيءَ جي صنعت وڏي ترقي ڪئي آهي.

سنڌ ۾[سنواريو]

سنڌيءَ ۾ ڇپائيءَ جو آغاز به ورهاڱي کان گهڻو اڳ ٿيو هو، بلڪه 1870ع کانپوءِ ڪجهه سرڪاري ڪتاب، لغتون وغيره ڇپيون هيون. تحريڪ آزاديءَ دوران ڪافي مواد سنڌيءَ ۾ ڇپيو. شڪارپور جي پوڪر داس پرنٽر (ڏسو: پوڪرداس، جلد ٽيون) سوَن جي تعداد ۾ ڪتاب ۽ اخباري مواد ڇپائي، منظر عام تي آڻيندو رهيو. اڄڪلهه ڪمپيوٽر جي جديد ٽيڪنالاجيءَ وسيلي سنڌيءَ ۾ ڇپائيءَ لاءِ لفظن جا ڪيترا ’فونٽ‘ ۽ لکت جا گهاڙيٽا تيار ٿي چڪا آهن، ناليواري ڪمپيوٽر ماهر ماجد ڀرڳڙي، اياز شاهه ۽ ٻين ان ڏس ۾ قابل تحسين ڪم ڪيو آهي. ان سبب ڇپائيءَ جي جديد تقاضائن واري ميدان ۾ سنڌي ٻولي ڪافي سگهاري ٿي چڪي آهي. هن وقت ڪمپيوٽر تي سنڌي ٽائيپنگ ۽ ڪمپوزنگ کان پوءِ ڇپائيءَ جي صنعت بي پناهه ترقي ڪئي آهي. سنڌ ۾ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ڇپائيءَ جا وڏا مرڪز آهن، جڏهن ته سنڌ جي سکر، لاڙڪاڻي وغيره شهرن ۾ به ننڍي پئماني تي ڇپائي ٿيندي آهي. پاڪستان ۾ ڇپائيءَ جو وڏي ۾ وڏو مرڪز لاهور شهر آهي.[1]

حوالو[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012