چيھو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
چيها پکي آکيري ۾

چيهو(انگريزي: Warbler ) جنھن جو عربي نالو مليح الصوت، ھندي نالو چڪوا چڪو، چيه، قرغور ۽ بلبل سبز آھي جهرڪيءَ کان ٿورو ننڍو رنگارنگي، خوش آواز ڪندڙ پکي اڪثر دريائن يا پاڻيءَ وارن هنڌن تي رهندو آهي.[1] چيھو سَولوِيئِڊَئَي (Sylviidae) خاندان سان تعلق رکندڙ ٻولڻ وارن ننڍڙن پکين جو ھڪ قسم آهي جيڪو ڪيڙا کائيندو آهي ۽ باغن، ٻيلن ۽ دلدل وارن ھنڌن تي ملندو آھي[2]. سولويئڊئي خاندان ۾ پکين جون 350 جنسون اچي وڃن ٿيون جيڪي يورپ، ايشيا، آسٽريليا ۽ آفريڪا ۾ رھندڙ آھن[2]. چيھو ۽ ان جي ڪٽنب وارن پکين جي سائيز 9 کان 26 سينٽي ميٽر (3.5 کان 10 انچ) تائين ھوندي آھي[2].

طب[سنواريو]

ان جي گوشت جي تاثير گرم تر ۽ اھو دير هضم آهي ۽ اھو يرقان، ٻرهل، جلندر، صفراوي، دستن جي بند ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. قوت باهه کي وڌائي ٿو. رت ۽ پتو ان جو اک جي ڦلي، ڌنڌ، قولنج، ۽ صفرا جي فساد کي دفع ڪري ٿو. وِٺ اُن جي ڪوڙهه ۽ چٽيءَ جي داغن کي مکجي ته فائدو ٿيندو.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. "چيهو 2 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-08-01. 
  2. 2.0 2.1 2.2 [ https://www.britannica.com/animal/warbler ]
  3. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.