مواد ڏانھن هلو

چنيوٽ ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لاءِ ٻيو استعمال, ڏسو Chiniot۔
چنيوٽ ضلعو
Chiniot District
ضلع چنیوٹ (اردو، پنجابي)
مٿيان: چنيوٽ جي شاهي مسجد
هيٺان: چنيوٽ جو هڪ قبرستان
پنجاب جي نقشي ۾ چنيوٽ ضلعو نمايا ڪيل
پنجاب جي نقشي ۾ چنيوٽ ضلعو نمايا ڪيل
ملڪ  پاڪستان
صوبو  پنجاب، پاڪستان
ڊويزن فيصل آباد ڊويزن
ضلعو بڻايو ويو پهرين جولائي، 2009ع
هيڊ ڪوارٽر چنيوٽ
Government
 • Type ضلعا انتظاميا
 • ڊپٽي ڪمشنر محمد آصف رضا
 • ضلعي پوليس آفيسر وسيم رياض خان
 • ڊسٽرڪٽ هيلٿ اٿارٽي CEO: طارق سهيل
DHO: ڊاڪٽر شهزاد خليل
 • آبادي شهري: 4,91,672
ڏيهي: 10,71,352
ڪل:1,563,024 (2023)
Area
 • ضلعو
2,643 ڪ.م2 (1,020 ميل2)

چنيوٽ ضلعو (اردو:ضلع چنيوٹ)، صوبي پنجاب، پاڪستان جو هڪ ضلعو آهي. پهرين جولاءِ 2009ع تي، صوبي پنجاب جو مکيه وزير، شهباز شريف باضابطه طور تي چنيوٽ کي صوبي جي 36 هين ضلعي طور ٺاهڻ جي منظوري ڏني ۽ جولاءِ 2009ع ۾ هن کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو. ان کان اڳ، اهو جهنگ ضلعي جو هڪ تعلقو هو. سال 2023ع جي آدمشماري جي موجب ضلعي جي ڪل آبادي 15,63,024 آهي.[1]

چنيوٽ پنهنجي دستڪاري فرنيچر، جيڪو نه رڳو پاڪستان ۾، بلڪ سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، جي ماهرن لاءِ مشهور آهي. ان جا انتهائي خاص ۽ ماهر دستڪاري جا شاهڪار جهروڪا سڄي ملڪ ۾ مشهور آهن.

نالو

[سنواريو]

هن علائقي جو نالو، "چنيوٽ" شايد شهزادي چندن خان، ملڪ ماڇيءَ خان، کوکر راجپوت قبيلي سان تعلق رکندڙ چنيوٽ جو راجا، جي ڀيڻ جي نالي تي رکيو ويو. راجپوت راجا بادل خان کوکر پاران قائم ڪيل، ماڙي ٽيپو ان وقت آباد نه هو، پر انڌيري ٽيپو جو علائقو آباد هو ۽ ان جي اتر ۾ ڌولار (راڻي چندن جو گھر) هو، جنهن کي چندنيوٽ سڏيو ويندو هو، جيڪا پوء چنيوٽ ٿي ويو. سر ڊينزل ايبٽسن جي مطابق، ان جو اصل نالو، "چنديوٽ" ٻن لفظن، "چن" (چناب ندي کان) ۽ يوٽ (تعلق رکندڙ يا جي پار) جو مرڪب هو، جيڪو بعد ۾ چنيوٽ بڻجي ويو (پنجابي ذاتون، ايڇ ڊي روز پاران پنجاب جي قبيلن ۽ ذاتين جي هڪ لغت).

تاريخ

[سنواريو]

سنڌو ماٿري جي تهذيب دوران چنيوٽ علائقو هڪ زرعي علائقو هو، جنهن ۾ ٻيلا هئا، جيڪا ويدڪ دور ۾ هند-آريائي ثقافت جي خاصيت آهي جيڪا وچ ايشيا کان لڏي پنجاب علائقي ۾ آباد ٿي. ڪمبوجا، داردا، ڪيڪيا، مدرا، پوروا، يوڌيا، مالوا ۽ ڪورو قديم پنجاب علائقي تي حملو ڪيا ۽ آباد ٿيا ۽ پوء هتان حڪومت ڪيا. 331 قبل مسيح ۾ فارس جي هخامنشي سلطنت کي فتح ڪرڻ کان پوءِ، سڪندر اعظم 50,000 جي فوج سان موجوده پنجاب جي علائقي طرفان وڌو. چنيوٽ علائقي تي موريا سلطنت، هند-يوناني بادشاهت، ڪشن سلطنت، گپتا سلطنت، سفيد هنن، ڪشنانو-هفتاليئن ۽ هندو شاهي بادشاهتن جي حڪومت رهئي آهي.

سال 997ع ۾، سلطان محمود غزنوي، پنهنجي پيءُ، سلطان سبڪتگين پاران قائم ڪيل غزنوي خاندان جي سلطنت تي قبضو ڪيو. سال 1005ع ۾، هن ڪابل جي سلطنت کي فتح ڪيو ۽ ان کانپوءِ پنجاب علائقي جي فتحن جو سلسلو شروع ڪيو. دهلي سلطنت ۽ پوء مغل سلطنت هن علائقي تي حڪومت ڪئي. جئين ته اسلام جو تعارف هتان اٺين صدي ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ آمد سان ٿيو، پر وچ پنجاب جي علائقي ۾ اسلام گهڻو ڪري اولياء الله جي تبليغ جي ڪارڻ ڦهليو.

مغل سلطنت جي زوال کان پوءِ، سک سلطنت نارووال ضلعي کي فتح ڪيو. سک راڄ دوران مسلمانن کي پابندين جو سامنا ڪرڻو پيو. برطانوي راج 1848ع ۾ چنيوٽ ضلعي تي قبضو ڪيو. هندستان جي برطانوي راج کان آزادي جي وقت مسلم آبادي جي اڪثريت مسلم ليگ ۽ پاڪستان تحريڪ جي حمايت ڪئي. سال 1947ع ۾ پاڪستان جي آزادي کان پوءِ، اقليتي هندو ۽ سک هندستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي ويا، جڏهن ته هندستان مان مسلمان پناهگير چنيوٽ جي علائقي ۾ آباد ٿيا. پهرين جولاءِ 2009ع تي، صوبي پنجاب جي وڏي وزير، ميان محمد شهباز شريف باضابطه طور تي چنيوٽ کي صوبي جي 36 هين ضلعي طور ٺاهڻ جي منظوري ڏني.

انتظاميا

[سنواريو]

ضلعي کي انتظامي طور تي ٽي تعلقن ۾ ورهايو ويو آهي.

تعلقي جو نالو[2] پکيڙ (km²)[3] آبادي (2023) گھاٽائي (نفر/km²) خواندگي(2023) جي شرح[4] يونين ڪائونسلن جي تعداد
ڀوانه 879 428,617 487.62 48.94% ...
چنيوٽ 709 633,621 893.68 57.31% ...
لاليان 1,055 500,786 474.68 57.26% ...

آباديات

[سنواريو]

آبادي

[سنواريو]

سانچو:Historical populations

As of the 2023 census, Chiniot district has 256,438 households and a population of 1,563,024. The district has a sex ratio of 102.41 males to 100 females and a literacy rate of 55.05%: 64.64% for males and 45.19% for females.[5][6] 417,070 (26.68% of the surveyed population) are under 10 years of age.[7] 491,672 (31.46%) live in urban areas.[5]

مذهب

[سنواريو]
Religion in Chiniot district (2023)[8]
Religion Percent
اسلام
  
95.35%
قاديانيت
  
4.3%
عيسائيت
  
0.33%
ٻيا مذهب
  
0.02%

Muslims are the majority community in the district. Unlike the rest of Pakistan, Chiniot district has a sizeable Ahmadi community as the location of Rabwah, the main settlement of the Ahmadis after Partition.

چنيوٽ ضلعي ۾ آبادي جي مذهب وار واڌ
مذهبي گروپ 1941[9]:42 2017[10] 2023[8]
آبادي شرح (%) آبادي شرح (%) آبادي شرح (%)
مسلمان 2,76,745 86.98% 1,306,663 95.47% 1,490,359 95.35%
هندو[lower-alpha 1] 39,219 12.33% 62 0% 132 0.01%
سک 2,188 0.69% N/A N/A 14 0%
عيسائي 23 0.01% 2,174 0.16% 5,211 0.33%
قادياني [lower-alpha 2] N/A N/A 59,748 4.37% 67,223 4.3%
ٻيا [lower-alpha 3] 8 0% 12 0% 85 0.01%
ڪل آبادي 318,183 100% 1,368,659 100% 1,563,024 100%
Note: 1941 census data is for Chiniot tehsil of erstwhile Jhang district, which roughly corresponds to contemporary Chiniot district. District and tehsil borders have changed since 1941.

ٻوليون

[سنواريو]

Page سانچو:Pie chart/styles.css has no content.

Script error: No such module "Piechart".

At the time of the 2023 census, 95.08% of the population spoke Punjabi, 3.41% Urdu and 1.14% Pashto as their first language.[11]

نباتات

[سنواريو]

ضلعي جي نباتات ۾ هيٺ ڏنل وڻ شامل آهن:

  1. جنڊ (Prosopis spicigera)
  2. ڪرير (Capparis aphylla)
  3. بيري (Zziphus jujuba)
  4. وان (Salvadora abeoides)
  5. ڪيڪر (Acacia arabica)
  6. شيشم (ڊالبرگيا) ۽
  7. آڪ (ڪالوٽروپس هيملٽني) *

عمارتون

[سنواريو]
  1. عمر حيات محل: جنهن کي گلزار منزل به چيو وڃي ٿو، چنيوٽ ۾ 19هين صدي جو محل آهي.
  2. شاهي مسجد: اها نواب سعد الله خان ٺهرائي هئي. ان جي اڏاوت ساڳي آهي، جھڙي بادشاهي مسجد، لاهور جي آهي. نواب سعد الله مغل سلطنت جي ڪابينا ۾ وزير هو.

اهم شهر ۽ ڳوٺ

[سنواريو]
  1. هرسه شيخ
  2. فتح ڪوٽ تاجا
  3. ڀوانا جو ڳوٺ پاڪستان جي سول سروس آفيسرن کي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت جي ڪري چنيوٽ ضلعي جي مشهور ترين شهرن مان هڪ آهي.

پڻ ڏسو

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو