چاچو نواز علي کوسو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نواز علي کوسي 1926ع ۾ ٿر جي ڳوٺ ڪٻڙي ۾ جنم ورتو.

سوانح[سنواريو]

نواز علي کوسي کي سنڌ جا ماڻهو ٿر جي ”انسائيڪلو پيڊيا“ جي نالي سان پڻ سڃاڻين ٿا. هن وٽ سنڌ جا ڏاها، اديب، شاعر، محقق ڪَهي ايندا هئا. انهن سُڄاڻ ماڻهن نواز علي کوسو ٿر جي تاريخ، ثقافت، لوڪ ادب ۽ سگهڙائپ تي وڏا وڏا بحث ڪندو هو. وٽس ٿر جي حوالي سان ڄاڻ جو وڏو خزانو هوندو هو.

سال 1992ع ۾ جڏهن انهيءَ وقت جي ٿر جي ڊي سي عبدالقادر منگي ٿر سيمينار ڪوٺايو هو، تڏهن ناليوارا اديب، محقق، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، انور پيرزادو، بدر ابڙو، عبدالله ورياھ ۽ ٻيا دوست، تاريخ جي هن ڄاڻو ماڻهو سان مليا ۽ ٿر جي تاريخ بابت هن کان ڄاڻ حاصل ڪئي.

چاچو نواز کوسو ڀٽائيءَ جو پارکو پڻ هو. هن کي لطيف جي شاعري ۽ ڀڳت ڪبير جي شاعري تمام گهڻي ياد هوندي هئي.

هن جو سڀ کان پهريون انٽرويو حسن مجتبا هڪ انگريزي مئگزين لاءِ ڪيو هو ۽ جنهن کان پوءِ کيس ملڪي سطح تي مشهوري ملي هئي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. چاچو نواز علي کوسو : ٿر جو هڪ ديومالائي ڪردار | SindhSalamat, وقت 2017-08-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-27