مواد ڏانھن هلو

چائو يو گوانگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چائو يو گوانگ
 

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو (چيني ۾: 周耀平)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم
موت
شھريت چين
جمھوريا چين (1912ء–1949ء)
چنگ گهراڻو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
ٻارن جو تعداد
عملي زندگي
پيشو ترجميڪار   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي
دلچسپي
ويب سائٽ

چائو، چُنگ جي شاهي گهراڻي جي صاحبي (انگريزي ٻولي: Qing Dynasty) واري زماني ۾ 1906ع ۾ ڄائو هو، پوءِ اڳتي هلي چين جي ڪميونسٽ حڪمرانن جو سخت مخالف ٿي ويو.

Zhou Youguang and his family, c. 1930.

پن ين

چائو يو گوانگ چيني: 周有光 يا زائو يو گوانگ (انگريزي ٻولي: Zhou Youguang)، چيني ٻوليءَ کي رومن اسڪرپٽ يا رومن رومن لپي يعني پن ين (Pinyin) جو ٺاهيندڙ ۽ چيني ٻوليءَ کي پن ين تي آڻڻ جو بُنياد رکندڙ ۽ مهندار هو.

سوانح

چائو (Zhou)، ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان رومن لپي ٺاهڻ واري ڪاميٽيءَ جي انچارج يا سرواڻ جي حيثيت ۾، 1950ع ۾ چيني ٻوليءَ لاءِ پن ين يعني لکڻ ۽ پڙهڻ جو هڪ اهڙو نظام ٺاهڻ لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي، جنهن جي ذريعي چيني ٻوليءَ کي رومن الفابيٽ ۾ لکي ۽ پڙهي سگهجي ۽ ٽن سالن جي لڳاتار جاکوڙ ۽ محنت کانپوءِ نيٺ چائو پن ين لپي ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

نئين لپيءَ نه رڳو ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ سٺو سوڻ ثابت ٿي، پر ان تعليم جي واڌاري ۽ عام ماڻهن تائين تعليم پهچائڻ ۾ پڻ اهم ڪرادار ادا ڪيو.

چائو، جواني ۾، آمريڪا ۾ پڻ رهيو ۽ وال اسٽريٽ ۾ بروڪر جي طور تي ڪم پڻ ڪيائين.

چائو، 1949ع ۾، چين ۾ ڪميونسٽ انقلاب اچڻ کانپوءِ موٽي آيو ۽ چيني بوليءَ لاءِ رومن لپي ۾ اهڙو نظام ٺاهڻ جي ڪاميٽيءَ جو انچارج مقرر ڪيو ويو، جنهن تحت چيني ٻوليءَ کي رومن يا انگريزي الفابيٽ جي ذريعي لکي ۽ پڙهي سگهجي.

هن هڪ ڀيري 1912ع ۾، بي بي سي وارن کي ٻڌايو ته، اسان کي چيني ٻوليءَ لاءِ رومن لپي يا پن ين ٺاهڻ ۾ ٽي ورهيه محنت ڪرڻي پئي، پر چيني ٻوليءَ لاءِ ٺاهيل رومن لپي يا پن ين جو شروع ۾ ماڻهو مذاق اڏائيندا هئا ۽ چٿرون ڪندا هئا ۽ اسان کي چيني ٻوليءَ کي انگريزي الفابيٽ جي 26 اکرن تي آڻڻ لاءِ نه رڳو ڊگهو وقت لڳو، پر ان حوالي تمام گهڻي محنت پڻ ڪرڻي پئي. [1]

ديهانت

چائو يو گوانگ، 14 جنوري، 2017ع تي، ڇنڇر جي ڏهاڙي، 111 ورهين جي ڄمار ۾، بيجنگ (Beijing) ۾ ديهانت ڪري ويو.

حوالا