ڄارجو وڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڄارجو وڻ
سيلويڊورا پرسيڪا
سائنسي درجا بندي
ڄار جو وڻ

ڄار جو وڻ (انگريزي: Salvadora ) گهميل ۽ خشڪ علائقن ۾ ٿئي ٿو. هن وڻ جا جاگرافيائي ۽ موسمي لحاظ کان ڌار ڌار قسم ٿين ٿا. ٿر، ڪاڇو، چولستان (روهي) ۽ راجسٿان ۾ ڄار جو قسم ريگستاني آهي. ڄار جو وڻ موسمي اثرن کي برداشت ڪندڙ وڻ آهي. انهي ڪري ٿر جهڙي ريگستان ۾ به هي سدائين سائو رهي ٿو.

ٿر ۾ ڄار جو وڻ[سنواريو]

ڄار جا پيرون ٿر جي ماڻهن لاءِ ڄڻ ته انگورن وانگر آهن، جيڪي اهي شوق سان کائيندا آهن. ٿر ۾ ڄار جو وڻ اپريل کان مئي مهيني تائين پيرون جهلي ٿو. مارچ کان ڄارين ۾ ٻور جنهن کي مِڪ سڏيو وڃي ٿو، ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. مارچ کان ٿر ۾ ڏکڻ جي هوا لڳڻ شروع ٿيندي آهي، جنهن ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي. ٿر جي ڄار جيئن ته ريگستاني وڻ اهي، انهي ڪري ٻين ريگستاني ٻوٽن جيان ڄار پڻ پاڻي جي ضرورت نه رڳو زمين پر هوا جي گهم مان به پوري ڪري ٿي. انهي ڪري ڄار جي جنهن پاسي مارچ جي مهيني جون هوائون وڌيڪ لڳن ٿيون، ان پاسي اها وڌيڪ ٻور جهلي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ان پاسي پيرون وڌيڪ ٿيندا آهن.[1]

وڻ جي جنس لاءِ پيدا ٿيل خطره[سنواريو]

ڄار (Jjaar) جو نباتاتي نالو سلواڊورا اوليآدس (Salvadora oleoides) آهي. هن وقت هي وڻ اڻلڀ ٿيندو پيو وڃي، انهي جو وڏو سبب وڻن جي پاڙن کي ڪٽي ڏندڻ طور ۽ ڪاٺين يا ٿڙن کي ٻارڻ طور ڪتب آندو پيو وڃي. ان کانسواءِ غيرآباد زمينن کي آباد ڪرڻ سبب هن وڻ کي وري ٻيهر اُسرڻ ڪونه پيو ڏنو وڃي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-23 
  2. زرعي صفحو، کيتي سر سيتي، ڪالم؛ سنڌ جا ديسي وڻ؛ کٻڙ ۽ ڄار، ليکڪ؛ سراج الدين مجيداڻو، روزآني عبرت، سومر، 09 آڪٽوبر، 2017ع

.