ڀڪر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڀڪر
ڀڪر
شھر
ڀڪر جو ٿل ڪئنال
ڀڪر جو ٿل ڪئنال
ڀڪر is located in Punjab, Pakistan
ڀڪر
ڀڪر
ڀڪر is located in Pakistan
ڀڪر
ڀڪر
Location in Pakistan
جاگرافي بيهڪ: 31°37′40″N 71°3′45″E / 31.62778°N 71.06250°E / 31.62778; 71.06250مڪانيت: 31°37′40″N 71°3′45″E / 31.62778°N 71.06250°E / 31.62778; 71.06250
ملڪ  پاڪستان
صوبو  پنجاب، پاڪستان
ضلعو ڀڪر ضلعو
تحصيل ڀڪر تحصيل
بلندي 522 ft (159 ميل)

ڀڪر(انگريزي: Bhakkar) پاڪستان جي صوبي پنجاب جو ھڪ شھر ۽ ساڳي نالي سان ھڪ ضلعي ۽ ھڪ تحصيل جو صدر مقام آهي جيڪو درياء سنڌ جي کاٻي ڪپ تي واقع آھي.

انتظامي تقسيم[سنواريو]

ڀڪر شھر ضلعي صدرمقام سان گڏ ڀڪر ضلعي جي چئن تعلقن مان ھڪ ڀڪر تحصيل جو پڻ مرڪز آهي. ضلعي اندر ڪل 17 يونين ڪاؤنسلون آھن جن مان ٽي يونين ڪاؤنسلون ڀڪر شھر ۾ واقع آھن.[1]

تاريخ[سنواريو]

خيال آهي تہ ھن شھر جو قيام پندرهين صدي عيسويءَ جي پوري ٿيڻ واري دؤر ۾ ٿيو. ان وقت ڊيرا اسماعيل خان مان ماڻھو ھتي اچي آباد ٿيا ھيا.[2]

برٽش انڊيا واري دؤر ۾ ڀڪر ميانوالي ضلعي جي تحصيل ھيو [2] امپيريل گزيٽيئر مطابق: ھي شھر ٿل ريگستان جي ڪناري تي درياءَ جي ڀرسان واقع ھيو جتي اولھندو ھيٺاھون پاسو آبڪلاڻي جي ڪري زرخيز ھيو ۽ درياء ۽ شاخن ۾ ٻيڙيون پڻ ھلنديون ھيو. شھر جو اوڀر وارو پاسو خشڪ ۽ غير آباد ھيو جتي وڻ ڪان ھيا ۽ رڻپٽ ھيو. زرخيز زمينن جو وڏي حصي تي کوھن جي پاڻي تي آبادي ٿيندڙ ھئي ۽ درياء جي آبڪلاڻي کان بچڻ لاءِ بند ٻڌل ھئا. امپيريل گزيٽيئر مان وڌيڪ خبر پئي ٿي تہ سال ۾ اتي ٻہ يا ٽي فصل ٿيندا هئا . شھر جي پسگردائيءَ ۾ انبن ۽ کجين جا باغ پڻ ھئا ۽ ميوي جي پيداوار افغانستان طرف برآمد ٿيندي هئي. امپيريل گزيٽيئر مان وڌيڪ خبر پئي ٿي تہ ھن شھر جي ميونسپلٽي 1874 ۾ قائم ٿي. 1902 ۽ 1903 واري مالياتي سال ۾ ميونسپلٽي جو خرچ 7700 روپيا ھيو ۽ آمدني 8600 ھئي جيڪا آڪٽراء مان ٿيندي ھئي. 1901 جي آدمشماري مطابق ھن شھر جي ابادي 5312 ھئي. ان وقت شھر ۾ ھڪ ڊسپينسري ۽ ھڪ ورنيڪيولر مڊل اسڪول ھيا. [2]

سياحتي مقام[سنواريو]

ھتي ھڪ تاريخي باغ واقع آهي جنھن جو نالو دلڪشہ باغ آھن جنھن لاء چيو وڃي ٿو تہ مغل بادشاھ ھمايون ٺھرايو ھو، پر تاريخ ۾ ھمايون جي ھن شھر ۾ آمد ثابت ناھي. تاريخ ھمايون جي آمد سنڌ جي شھر بکر ۾ ٻڌائي ٿي جتي شاھ محمود کان مدد وٺڻ لاءِ ويو هو.انگريز ليکڪ ھينري ريورٽي ان آمد جي بہ ترديد ڪئي آهي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. Tehsils & Unions in the District of Bhakkar – Government of Pakistan آرڪائيو ڪيا ويا 9 February 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  2. 2.0 2.1 2.2 Bhakkar Town – Imperial Gazetteer of India, v. 8, p. 44.
  3. Bhakkar District Official Website"Archived copy". وقت 28 November 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 October 2016.