پپيتو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search
پپيتو

پپيتو تاڑ هڪ ٻوٽي ڪيريڪا پيپايا ( Carica papaya ) جو ميوو آهي جيڪو هيڊي رنگ جو هوندو آهي ۽ ڪنهن قدر گدري سان مشابهت رکندو آهي. هي ميوو، جنهن کي انگريزيءَ ۾ پاپا ۽ هندستاني ۾ پپيتا چوندا آهن، سو جيتوڻيڪ اصل ڏکڻ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جو آهي، تڏهن به هن ملڪ ۾ اهڙو عام ٿي ويو آهي جو شمار ۾ ڏيهي ميوو اچي ٿو.[1] هي ميوو شڪل ۾ ناسپاتيءَ جهڙو، قد ۾ وڏي ناريل جيڏو، رنگ جو ڦڪو سائو يا پيلو ٿئي ٿو. سڀ کان عمدو قسم سينگاپور ۽ مولمين ۾ ٿئي ٿو. وڍڻ کانپوءِ اندران ڏاڍو وڻندڙ شڪل جو ڏسبو آهي، واڱڻائي رنگ جي ڳر واري گدري وانگي هوندو آهي. منجهس گهڻي خوشبوءِ ڪا نه ٿيندي آهي مگر تمام ٿڌو ۽ لذيذ ٿيندو آهي. ميوي جو وچ سنهڙن ڇيرن جهڙي ٻج سان ڀريل رهي ٿو، جو گهڻن ماڻهن کي پسند ايندو آهي.[1]

افاديت[سنواريو]

هي ميوو معدي جي لاء فائديمند سمجھيو ويندو آهي.”ڊان“ صاحب لکي ٿو ته ”هن وڻ مان کير جهڙي هڪڙي رس نڪرندي آهي، سا پاڻيءَ ۾ گڏي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو گوشت ڌوئي صاف ڪبو، ته تمام نرم ٿي پوندو، اهڙو جو سيخ تي چاڙهي پچائبو ته پچڻ کان اڳئي ڇڻي پوندو، يا ديڳڙي ۾ رڌيندي ڀُري پوندو. ڪراڙي جانور يا پکيءَ جي گوشت کائڻ لاءِ اها ترتيب ڪم آڻيندا آهن. پر اهڙو گوشت جلد کائڻ گهرجي نه ته ستت ئي ڪنو ٿي ويندو.“ ڊاڪٽر ”هولڊر“ جو ته چوڻ آهي ته ”انهيءَ وڻ مان جيڪو بخار نڪري ٿو، سو ئي ڳاريندڙ آهي. تنهنڪري باريڊوز جي ٻيٽ جا ماڻهو، گوشت جون رانون توڙي پکي کائڻ کان اڳي، انهيءَ وڻ جي مٿين ٽارين ۾ لڙڪائي ڇڏيندا آهن.“ پر ڊاڪٽر ”ڊيويءَ“، آزمودي وٺڻ کانپوءِ لکيو آهي ته ”وڻ ۾ ڪا اهڙي خاصيت ڪانهي، مگر ميوي جي رس ۾ هضم ڪرڻ جي طاقت زياده آهي، جنهنڪري بدهاضمي جي بيماريءَ ۾ طبيب اها گهڻو ڪم آڻيندا آهن.[1]

پوک[سنواريو]

پپيتو پاڪستان ۽ ڀارت کان علاوه ڪجھ ٻين علائقڻ ۾ به پوکيو ويندو آهي۔ هن جو وڻ پهرين فيبروريءَ ۾ گل ڪري ٿو ۽ مارچ ۽ اپريل ۾ ڦر ڏئي ٿو. وري مينهن جي موسم ۾ ٻور جهلي ٿو، جو آسپاس کي واسي ڇڏيندو آهي ۽ سياري جي ساريءَ ۾ موسم ۾ هن جو ميوو کائڻ ۾ اچي سگهي ٿو. پوکڻ جو رستو اهو آهي ته جڏهن ٻج مان وڻ پيدا ٿين ۽ ڦر جهلين، تڏهن ڪي ٿورا ميوا ڇڏي ٻيا پٽي ڇڏجن ۽ پوءِ جيڪي گل جهلي سي به ڇني ڇڏجن. ڦر جهلڻ وقت جي زمين خشڪ هجي ته ججهو پاڻي ڏيڻ گهرجي. ٻج فيبروري، مارچ ۽ سيپٽمبر مهينن ۾ پوکبو آهي. سلا جلد وڌندا آهن ۽ سگهو ئي اٺن ڏهن فوٽن جيڏا ٿيو وڃن ۽ ڏهن مهينن جي عرصي اندر ڦر جهلين ٿا. ننڍائيءَ ۾ وڻ کجيءَ جهڙو سهڻو ٿئي ٿو، مگر وڏي هوندي اهڙو سهڻو نه ٿو ٿئي. هڪڙن وڻن جا گل نَر ٿيندا آهن ۽ ٻين جا ماديون، تنهنڪري گهڻا وڻ اڪثر ڦر ڪين جهليندا آهن. هن وڻ جي اها خاصيت مشهور آهي.[1]

تصويرون[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو