پنجابي گھاگرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پنجابي گھاگرو
پنجابي رقص

پنجابي گھاگرو (پنجابی: ਘੱਗਰਾ) چار حصن ۾ ورھايل ھڪ لباس آھي،[1] جنھن کي تيور بہ چيو وڃي ٿو۔ روايتي طور تي ھن لباس کي خطي پنجاب جو عورتون پھرن ٿيون۔ ھن ۾ ھڪ گلوبند (ڦولڪاري)، ڪرتو يا ڪرتي شامل آھن۔[2] ان کان علاوہ سُٿڻ يا پنجابي سلوار بہ ھن جو حصو آھن۔[3] جديد دور ۾ گھاگرو ھرياڻہ، پاڪستاني پنجاب جي ٻھراڙيءَ جي علائقن[4] ۽ ھماچل پرديش جي ڪجهه حصن ۾ پھريو وڃي ٿو۔[5]۔ روايتي گِڌّا رقص جي دوران بہ گھاگرو پھريو ويندو آھي۔[6]

تاريخ[سنواريو]

گھاگري جي شروعات چنداتَڪا ۾ ٿي جيڪو گپت دور ۾ ھڪ مقبول لباس ھو۔[7] چنداتڪا مردن جي نيم پتلون جھڙو لباس ھو[8] جيڪو اڳتي ھلي ڪري گھاگري جي شڪل اختيار ڪري ويو۔ان جي وچين شڪل جي باري ۾ چيو ويو تہ مردن ۽ عورتن ٻنھي جي لاءِ قميص جھڙو ھڪ لباس ھو جيڪو سيني کان رانن تائين پھريو ويندو ھو۔ [9][10] چنداتڪا ستين صدي تائين عورتن جو مقبول لباس رھيو۔[11]

حوالا[سنواريو]

  1. Punjab District Gazetteers: Ibbetson series, 1883-1884
  2. Biswas, Arabinda (1985) Indian Costumes
  3. http://revenueharyana.gov.in/html/gazeteers/hissar%201915.pdf
  4. Chaudhry, Nazir Ahmad (2002) Multan Glimpses: With an Account of Siege and Surrender [1]
  5. Mehta, Parkash and Kuma, Anjala (1990) Page 19 Poverty and Farm Size in India: A Case Study [2]
  6. Nrityabhakti.com, وقت 2017-09-24 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-10 
  7. Subbarayappa, B. V. (1985) Indo-Soviet Seminar on Scientific and Technological Exchanges Between India and Soviet Central Asia in Medieval Period, Bombay, November 7–12, 1981: Proceedings [3]
  8. Bose, Mainak Kumar (1988) Late classical India
  9. Gupta, Dharmendra Kumar (1972) Society and Culture in the Time of Daṇḍin [4]
  10. Chandra, Moti (1973) Costumes, Textiles, Cosmetics & Coiffure in Ancient and Mediaeval Indi [5]
  11. Uma Prasad Thapliyal (1978) Foreign elements in ancient Indian society, 2nd century BC to 7th century AD [6]