پريم چند
پريم چند Premchand | |
|---|---|
| ڄمڻ | ڌنپت راءِ سِريواستَو Dhanpat Rai Srivastava 31 جولاءِ 1880 لمهي, بنارس رياست, برٽش هندستان |
| وفات | 8 آڪٽوبر 1936 (عمر 56 سال) واراناسي, بنارس رياست, برٽش هندستان |
| قلمی نالو | منشي پريم چند، نواب راءِ |
| پيشو | ناول نگار، مختصر ڪهاڻيڪار |
| ٻولي | هندي, اردو |
| قوميت | انڊين |
| نمايان ڪم | گئودان, بازارِ حُسن, ڪرم ڀومي, "شطرنج جا رانديگر", گبان, مانسرور, "عيدگاه" |
| سرگرم سال | 1920–1936 |
| زال | پهرين زال (m. 1895; ڌار ٿيل) شيوراني ديوي (ش. 1906; died 1936)[1] |
| اولاد | امرت راءِ |
| صحيح | |
ڌنپت راءِ سِريواستَو، (pronounced [mʊnʃiː preːm t͡ʃənd̪] (ⓘ), (پيدائش 31 جولاءِ 1880ع، وفات 08 آڪٽوبر 1936ع)، مُنشي پريم چند جي قلمي نالي سان ڄاتو ويندڙ[2][3]، جديد ادب لکڻ جي حوالي سان مشھور ھندستاني ليکڪ ھو. انڊين ننڍي کنڊ جي سڀني کان وڌيڪ مشھور ليکڪن مان ھڪ ھي بہ آھي ۽ ويھين صديءَ جي شروعاتي سڀني کان وڌيڪ ممتاز ليکڪن منجھ کيس ڳڻيو وڃي ٿو. سندس پنجن ڪھاڻين جو پھريون مجموعو "سوزِ وطن" جي نالي سان 1907ع ۾ ڇپيو.

ھن "نواب راءِ" جي قلمي نالي سان لکڻ شروع ڪيو پر پوءِ تبديل ڪري "پريم چند" رکيائين. اڳتي ھلي اعزازي طور "مُنشي" جو لقب مليس. ناول لکندڙ، ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نگار. ليکڪ کيس "اُپَنياس سَمرت" ترجمو "ناول نگارن جو شھنشاھ" جي نالي سان ياد ڪندا آھن. سندس ڪم درجن کان مٿي ناولن، 300 جي لڳ ڀڳ ڪھاڻين، ڪيترائي مضمون ۽ ٻاھرين ادب جي ھنديءَ ۾ ڳڻپ جوڳن ترجمن تي مُشتمل آھي.
جيون ڪٿا
[سنواريو]شروعاتي زندگي
[سنواريو]ڌنپت راءِ 31 جولاءِ 1880ع ۾ ورناسي (بنارس) جي ويجھو ڳوٺ لامھي ۾ پيدا ٿيو. ھن جا وڏا ڪائيسٿ خاندان سان تعلق رکندڙ ھُيا. سندس ڏاڏو گُرو صاحب راءِ تپيدار ھُيو ۽ سندس پيءُ عجائب لعل ٽپال کاتي ۾ مُنشي ھُيو. سندس ماءُ آنندي ديوي ڪاراني ڳوٺ جي ھُئي، جيڪا امڪاني طور تي سندس ڪَھاڻي "بڙي گھر ڪي بيٽي" ترجمو "وڏي گھر جي نُنھن" جي لاءِ اُتساھہ جو ڪارڻ ھُئي[4]. عجائب لعل ۽ آنندي جي ٻارن مان ھي چوٿين نمبر تي ھُيو، پھريان ٻہ ڇوڪريون کير پياڪي ۾ ئي فوت ٿي ويون ھُيون ۽ ٽئين نمبر تي سوگي نالي ڇوڪري ھُئي[5]. سندس چاچو مھابير جيڪو ھڪ وڏو جاگيردار ھُيو، تنھن کيس "نواب جو لقب ڏنو. "نواب راءِ"سندس چونڊيل پھريون قلمي نالو ھُيو.[6]
ستن سالن جي عُمر ۾ ھن لامھي جي ويجھو موجود لالپور جي مدرسي ۾ پڙهائي شروع ڪئي[7]. اردو ۽ فارسي مدرسي جي مولوي کان سکيائين. اٺن سالن جي عُمر ۾ سندس ماءُ ڊگھو عرصو بيمار رھڻ بعد فوت ٿي وئي. سندس ڏاڏي جنھن ھن جي پرگھور لھڻ جي ذميواري کنئي ھُئي، سا بہ سُتت ئي گُذاري وئي[8]. اُن کانپوءِ ھي بلڪل اڪيلو ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ سندس وڏي ڀيڻ سوگيءَ جي اڳ ۾ شادي ٿي وئي ھُئي ۽ سندس پيءُ سدائين پنھنجي ڪم ۾ لڳو رھندو ھو. سندس والد جي پوءِ گورکپور ۾ بدلي ٿي وئي جتي ھُن ٻي شادي ڪري ورتي پر پريمچند کي اُن ويڳي ماءُ جو ڌيان گھٽ حاصل ٿي سگھيو، جنھن جو اثر سندس ڪم ۾ بار بار ظاهر ٿيندو رھيو.[9]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Kumar, Kuldeep (6 February 2020). "Not just Premchand's wife". The Hindu. 2021-08-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Premchand". The Free Dictionary. https://encyclopedia2.thefreedictionary.com/Premchand.
- ↑ https://www.britannica.com/biography/Premchand
- ↑ "Premchand" (en ۾). Wikipedia. 2021-11-14. https://en.wikipedia.org/w/index.php?title=Premchand&oldid=1055226531.
- ↑ "Premchand" (en ۾). Wikipedia. 2021-11-14. https://en.wikipedia.org/w/index.php?title=Premchand&oldid=1055226531.
- ↑ "Amrit Rai" (en ۾). Wikipedia. 2021-08-09. https://en.wikipedia.org/w/index.php?title=Amrit_Rai&oldid=1037922023.
- ↑ "Premchand" (en ۾). Wikipedia. 2021-11-14. https://en.wikipedia.org/w/index.php?title=Premchand&oldid=1055226531.
- ↑ "Untitled Page". pib.gov.in. 2021-11-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Premchand" (en ۾). Wikipedia. 2021-11-14. https://en.wikipedia.org/w/index.php?title=Premchand&oldid=1055226531.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Premchand. |
| وڪي قول ۾ Premchand جي متعلق قول موجود آھي۔ |
- Pages using the Phonos extension
- Commons link is locally defined
- Commons category wi local airtin different than on Wikidata
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ISNI سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- SELIBR سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BIBSYS سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- NLA سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ليکڪ
- 1880ع جون پيدائشون
- 1936ع جون فوتگيون