مواد ڏانھن هلو

پروگريسو يوٿ الائنس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انساني تاريخ طبقاتي ڪشمڪش سان ڀريل آھي۔ ھر دور ۾ حڪمران طبقن محڪوم عوام تي ظلم ۽ ستم جا پھاڙ ڪيرايا آھن۔ ڪيئي ھزار سالن کان انسانن جي اڪثريت سسڪي سسڪي ڪري زندگي گزاري رھيا آھن۔ پر ظلم ۽ ستم ۽ بربادين جي ھر دور کان پوءِ انقلابي دور ايندا آھن۔ جڏھن مظلوم ماڻھو ظالمن اڳيان اُٿي بيھندا آھن ۽ پنھنجي مٿان ٿيندڙ ظلمن جو حساب وٺندا آھن ۽ پنھنجن گذريل نسلن جي ڏکن ۽ دردن جو انتقام وٺندا آھن۔ اڄ اسان ھڪ سرمائيداراڻي سماج ۾ زندگي گزاري رھيا آھيون پر غلام داري ۽ جاگيرداريءَ سميت ماضيءَ جي سڀني نظامن وانگر سرمائيداري به ڪائي ازلي ۽ ابدي سچائي ڪونھي۔ ٻن عالمي جنگين سان ڀريل پوئين صديءَ جي تاريخ بالخصوص واضح اشارو ڏئي ٿي ته سرمائيداراڻو نظام تاريخي طور تي ختم ٿي چڪو آھي ۽ انسانيت جي وڏي اڪثريت کي آسودگي ۽ خوشحالي ڏيڻ کان قاصر آھي۔ 2008ء ۾ عالمي معاشي بحران جي آغاز کان پوءِ انساني سماج ھڪ نئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آھي۔عالمي سرمائيداري 1929ء جي ’گريٽ ڊپريشن‘ کان پوءِ ھڪ وڏي ’بريڪ ڊاؤن‘ جو شڪار ٿي آھي۔ عدم استحڪام، انتشار ۽ عوام جي زندگيءَ جي معيار ۾ لڳاتار گراوٽ ھن دور جو معمول آھي۔ سرمائيداريءَ جا پنھنجا دانشور ۽ معيشت دان ھن نظام جي مستقبل جي باري ۾ وڌيڪ پُراميد ڪونه آھن۔ اڪانومسٽ ۽ فنانشل ٽائمز سميت سرمائيداري نظام جا تقريباً تمام سنجيدہ ۽ وڏن رسالن ۾ ھڪ ٻئي معاشي ڪريش جون پيشن گوئيون ڪيون وڃي رھيون آھن۔ چين ۽ پوءِ پوري دنيا ۾ اسٽاڪ مارڪيٽن جو ھاڻوڪو ڪريش ان جي واضح علامت آھي۔ اڄ ھي نظام اُھي سڀ سھولتون ۽ مراعتون واپس کسي رھيو آھي جيڪي پوئين ڪئي سو سالن ۾ پورھيت طبقي ڊگھي جدوجھد کان پوءِ حاصل ڪيون ھيون۔ عام سوچ تحت خوشحال ۽ ترقي يافتہ سمجھي ويندڙ يُورپي ملڪن ۾ صورتحال ڪجهه مختلف ڪانه آھي۔ ٻئي عالمي جنگ کان پوءِ قائم ڪئي ويندڙ ’فلاحي رياست‘ کي آھستي آھستي ٽوڙيو وڃي رھيو آھي۔ يونان جون حالتون سڀ آڏو آھن جٿي معيشت 2007ء کان پوءِ تقريباً 30 فيصد سڪڙجي چڪي آھي، اوسط اجرت ۽ پينشن 50 فيصد تائين گھٽ ٿي چڪي آھي ۽ نوجواننن ۾ بيروزگاريءَ جي شرح 60 فيصد کان مٿي ٿي چڪي آھي۔


انھن حالتن ۾ جتي پورھيت طبقي تي لڳاتار معاشي حمله پوري دنيا ۾ جاري ھجن ۽ اُتي نوجوانن کان انھن جو حال ۽ مستقبل به کسيو وڃي رھيو آھي۔ ماضيءَ ۾ سرمائيداراڻي نظام ۾ اصلاحن جي گنجائش ڪنھن حد تائين موجود ھيون. نه صرف يورپ بلڪه پاڪستان جھڙن ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ به رياستيون ڪنھن حد تائين مفت تعليم فراھم ڪرڻ جي قابل ھيون۔ اڄ ھيءَ گنجائش بلڪل ختم ٿي چڪي آھي۔ تعليم جي نظام جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي ۽ تعليم کي سرمائيدارن جي منافعي جو ذريعو بڻايو ويو آھي۔سرڪاري تعليمي ادارن کي ڄاڻي واڻي برباد ڪيو وڃي رھيو آھي ته جئين انھن کي ٽڪن جي مُلھ وڪتو وڃي سگھي۔ برطانيه ۾ گذريل ڪجهه سالن اندر سرڪاري يونيورسٽين جي فيس ٻيڻيءَ کان ٽيڻين ٿي چڪي آھي۔ آمريڪا ۾ شاگرد فيسون ادا ڪرڻ لاءِ بئنڪن کان قرض وٺڻ تي مجبور آھن ۽ ھڪ اوسط شاگرد 25 ھزار ڊالر جو قرضي ٿي ڪري يونيورسٽيءَ کان پاس آؤٽ ٿيندو آھي۔ ٻين مغربي ملڪن ۾ به مفت يا سستي تعليم جي سھولت آھستي آھستي ختم ڪئي وڃي رھي آھي۔


اگر معاشي ۽ سماجي طور تي ترقي يافتہ ترين ملڪن ۾ ھي حالتون آھن ته پاڪستان جھڙي پٺتي پيل ملڪن ۾ صورتحال جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناھي۔ پر ڳالھ صرف مھنگي تعليم تي ئي ختم نه ٿي ٿئي۔ جيڪي شاگرد پنھنجي والدين جي جمع پونجي لُٽائي ڪري يا پارٽ ٽائم نوڪريون ڪري ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي تعليم مڪمل ڪري به ڇڏين ٿا انھن لاءِ روزگار ئي ڪانھي۔ بيروزگاري ھن دور ۾ سماجي وبا جي شڪل اختيار ڪري چڪي آھي۔ جٿي پھريون کان روزگار تي لڳل ماڻھن کان روزگار کسيو ويندو ھجي ۽ مستقل نوڪرين کي ٺيڪيداري نظام تحت ڏھاڙي يا ڪانٽريڪٽ جي نوڪرين ۾ تبديل ڪيو ويندو ھجي اتي نئين روزگار جو سوال ئي پيدا ناھي ٿيندو۔ پاڪستان ۾ 20 لک نوجوان ھر سال محنت جي منڊيءَ ۾ داخل ٿيندا آھن۔ايتريون نوڪريون پيدا ڪرڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 10 فيصد جي معاشي ترقي گھربل آھي جڏھن ته حڪومت جي پنھنجن انگن اکرن موجب ترقيءَ جي شرح 2 فيصد کان وڌي ئي ڪونه ٿي۔ گذريل ڏينھن موجودہ حڪومت جي ھڪ وزير پاڻ خود تسليم ڪيو آھي ته بيروزگاريءَ ۾ گھٽتائيءَ جي ڪائي صورت ڪانھي ڇو ته 7 فيصد کان وڌيڪ ترقيءَ ۾ ئي ڪجهه روزگار پيدا ٿي سگھي ٿو۔


ان ئي طرح جيڪي نوجوان ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي سگھ رکندا به آھن انھن لاءِ تعليمي ادارن کي جيل خانو بڻايو ويو آھي۔ اداري جي مئنيجمنٽ ۾ شاگردن جي مرضي ۽ منشا صفر (zero) آھي۔ انتظاميه جي بي وجه ڏاڍ، شاگردن جي تذليل، ڳالھ ڳالھ تي جرمانه، حاضري ۽ ٻين معاملات ۾ خوامخواہ جي سختين جھڙا جبري قدم ناقابلِ برداشت ٿي چڪا آھن۔ پاڪستان ۾ شاگرد يونين تي پوئين ٽيھ سالن کان پابندي لڳل آھي۔ ضيا آمريت جي ان قدم کان پوءِ ڪنھن به نام نھاد ’’جمھوري حڪومت‘‘ ان کي ختم ناھي ڪيو ڇوته اڄ به سياست تي ضياءُ الباطل جا سياسي ۽ نظرياتي وارث ئي ويٺل آھن۔ سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي انھن سياسي گماشتن باقاعدا منصوبه بنديءَ تحت شاگردن کي پنھنجي حقن جي جدوجھد ۽ سياست کان بيگانو ڪيو آھي ته جئين سياست تي حڪمران طبقه ۽ انھن جون اچڻ وارين نسلن جي اجاريداري لڳاتار رھي ۽ بغاوت جي ڪائي چڻنگ ئي نه ڀڙڪي سگھي۔


اگر اسين شاگرد سياست جي تاريخ جو جائزو وٺون ته عالمي سطح تي ان جي زوال پزيري 1980ء جي ڏھائيءَ ۾ شروع ٿي ھئي۔ ان کان پھريان شاگرد تحريڪ ھڪ ٺوس سياسي ۽ سماجي قوت جو درجو پوري دنيا ۾ رکندي ھئي۔ خاص ڪري 1960ء ۽ 70ء وارن ڏھائين ۾ شاگرد سياست جوعروج واري دور جو درجو رکندي ھئي۔ ھن دور ۾ مضبوط ٽرِيڊ يونينز ۽ مزدور تحريڪ موجود ھئي ۽ پوري دنيا ۾ انقلابي تحريڪون اُڀري رھيون ھيون۔ ڪيوبا، شام، مصر، يمن، ايٿوپيا، موزمبيق ۽ ٽئين دنيا جي ڪئي ملڪن ۾ انقلاب برپا ٿي رھيا ھئا ۽ سامراج مخالف کٻي ڌر جون ڪيتريون ئي قوتون اقتدار ۾ آيون۔ جنگ ويت نام ھن دور جي ڪردار جي علامت جو درجو رکندي آھي۔ سامراج خلاف ھيءَ جنگ صرف ويت نام جي جنگ ۾ ئي نه پر آمريڪا جي رستن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ به وڙھي وئي ھئي۔ آمريڪي رياست جي بد ترين تشدد ۽ جبر جي باوجود به شاگردن جنگ مخالف تحريڪ جاري رکي ۽ سامراج کي گوڏن ٽڪڻ تي مجبور ڪيو۔ 1968ء جي انقلابِ فرانس جي شروعات ئي شاگردن ڪئي ھئي جنھن ۾ بعد ۾ پورھيت طبقو به شامل ٿي ويو۔فرانس جون فيڪٽرين، دفترن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تي پورھيتن ۽ نوجوانن قبضا ڪري ڇڏيا، انتظامي ڪمن لاءِ ڪميٽيون منتخب ڪيون ويون ۽ رياست کي مفلوج ڪيو ويو۔ پر روايتي ٽريڊ يونين قيادت جي غداريءَ ان انقلاب کي وڃائي ڇڏيو جيڪو يورپ ۽ سڄي دنيا جو نقشو بدلائي ڇڏي ھا۔ پاڪستان ۾ به 1968-69ء جي انقلاب جي شروعات شاگردن ئي ڪئي ھئي۔ پاڪستان ۾ اُن وقت نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (NSF) ۽ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (PSF) جھڙين کٻي ڌر جي وڏين شاگرد تنظيمن جو اُڀار ٿيو جن جون نوجوانن ۾ وڏيون بنيادون ۽ حمايت موجود ھئي۔ بعد ۾ رياستي جبر ۽ قومي استحصال خلاف بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن (BSO) جي جدوجھد جي به ڊگھي تاريخ آھي۔


پيپلز پارٽي جي پھرين حڪومتي دور ۾ تعليم جي بجٽ ۾ ڪئي دفعا اضافو، مفت تعليم جي يقين ڌھاني، شاگردن کي ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ معافي ۽ نجي تعليمي ادارن جي نيشنلائزيشن ان ئي انقلاب جا ثمر ھئا جنھن ۾ شاگردن سڀ کان پھريون ڪردار ادا ڪيو۔


1978ء ۾ چين ۾ سرمائيداريءَ جي بحالي ۽ 1991ء ۾ سوويت يونين جي خاتمي سان مزدور تحريڪ سان گڏوگڏ شاگرد تحريڪ کي به شديد دھچڪا لڳا۔ 1989ء ۾ چيني افسر شاھيءَ تيانامن اسڪوائر ۾ چيني شاگردن جي عظيم الشان تحريڪ کي رت ۾ ٻوڙي ڇڏيو۔ پوري دنيا ۾ روايتي کٻي ڌر ٽٽي ڪري بکڙجڻ لڳي، ٽريڊ يونينز کي ڪچليو ويو ۽ پورھيت طبقو پسپائيءَ جو شڪار ٿي ويو۔ ’’سوشلزم جي خاتمي‘‘ جي زھريلي پروپيگنڊي جي لشڪرڪشي سامراج ۽ حڪمران طبقي پوري دنيا ۾ ڪئي ۽ انقلابي مارڪسزم جي قوتون تمام محدود ٿي ويون۔ انھن تلخ ۽ معروضي حالتن جا نوجوانن تي اثر لازم ھئا۔ پورھيت عوام ۾ ڦھلجڻ واري مايوسيءَ جو فائدو حڪمران طبقي سٺو ورتو ۽ آئي ايم ايف جھڙن سامراجي مالياتي ادارن جي بنياد تي پوري دنيا ۾ نجڪاريءَ جو سلسلو شروع ڪيو ويو۔ سماجي ۽ سياسي جمود ۽ نيو لبرل ازم سرمائيداريءَ کي وقتي طور تي ڪجهه آڪسيجن ضرور مھيا ڪئي پر تاريخي طور تي ختم ٿيل نظام جي تضادن کي وڌيڪ عرصي تائين دٻائي نٿو سگھجي۔


2008ء وارو معاشي ڪريش ثابت ڪري ٿو ته سرمائيداري نظام انسانيت کي ترقي، آسودگي ۽ خوشحالي ڏيڻ کان قاصر ٿي چڪو آھي۔


پر ٻن ڏھائين کان پوءِ اڄ مايوسي، جمود ۽ پراگندگيءَ جو دور ماضيءَ ۾ بدلجي رھيو آھي ۽ ھڪ نئون دور اُڀري رھيو آھي جيڪو ڌماڪا ڪندڙ واقعن ۽ انقلابي تحريڪن سان ڀريل آھي۔ پوئين ڪجهه سالن اندر تعليم جي نجڪاري ۽ فيسن ۾ اضافي خلاف فرانس، چلي، سپين، يونان ۽ برطانيه ۾ شاگردن جي طاقتور ايجي ٽيشن، آمريڪا ۾ آڪيو پائي وال اسٽريٽ تحريڪ ۽ 2011ء ۾ پوري مشرقِ وسطيٰ کي لوڏائي ڇڏڻ واري عرب انقلاب جھڙا واقعا ثابت ٿا ڪن ته پورھيتن وانگي نوجوان به پوري دنيا ۾ اُٿڻ لاءِ ڪَرَ ڀڃي رھيا آھن ۽ تاريخ جي ميدانِ عمل ۾ لھي رھيا آھن۔ ھن نظام وٽ ڏيڻ لاءِ جھالپ، بيروزگاري، ذلت، محرومي ۽ غربت کان سواءِ ڪجهه به ڪونھي۔ سرمائيداريءَ جو بحران گھٽ ٿيڻ بجاءِ لڳاتار وڌندو ۽ حڪمران طبقو وڌيڪ زوردار معاشي حملا ڪندو۔ وڙھڻ کان سواءِ ڪوئي چارو ناھي پر ڪاميابي تڏھن ممڪن آھي جڏھن ان ويڙھ کي انقلابي مارڪسزم جي نظرين تحت طبقاتي بنيادن تي بيھاريو وڃي۔ پاڪستان ۾ جمود جو ھي دور ھميشه ڪونه ھلندو۔ نوجوانن لاءِ حالات برداشت کان ٻاھر ٿي چڪا آھن۔ ھُو بغاوت ڪندا ۽ بغاوت جي تياري ھاڻي سان انھن جي نظرياتي تربيت ۽ تنظيم سازيءَ جي ذريعي ڪرڻ اڄ جو تاريخي ڪم آھي جنھن کي ادا ڪرڻ لاءِ پروگريسو يوٿ الائنس (PYA) سڄي ملڪ ۾ نوجوانن جي ترقي پسند رجحانن ۽ شاگرد تنظيمن کي ھڪ پليٽ فارم تي ڪٺو ڪرڻ ۾ سرگرم آھي ۔


پروگريسو يوٿ الائنس (PYA) ڇا آھي؟ پروگريسو يوٿ الائنس (PYA) ڪائي شاگرد يونين يا فيڊريشن ناھي۔ PYA جو مقصد ترقي پسند رجحان رکندڙ نوجوانن ۽ شاگرد تنظيمن کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ آھي ته جئين سياسي جمود ۽ پراگندگيءَ جي شڪار زوال پذير شاگرد سياست کي موجوده دور جي تقاضن مطابق نظرياتي بنيادن تي منظم ۽ متحرڪ ڪري نوجوانن جي حقن ۽ سوشلسٽ انقلاب جي جدوجھد کي اڳتي وڌائجي۔ PYA جٿي شاگردن ۾ منشيات، جرم، غنڊا گردي ۽ اسلحي ڪلچر جي شديد مذمت ڪندي آھي اُتي انھن رجحانن جي ذميدار ھن سرمائيداراڻي نظام ۽ موجودہ حڪمرانن خلاف ناقابل مصالحت جدوجھد جو عزم ڪندي آھي۔

شاگردن جا حق، مسئلا ۽ جدوجھد

شاگرد حقن جو حصول ۽ تحفظ PYA جي جدوجھد جو محور آھي. شاگرد ڪنھن به سماج جو ھر اول، حساس ۽ باشعور حصو ھوندا آھن جيڪي سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين، ظلم ۽ استحصال کي سڀ کان پھريان محسوس ڪندا آھن ۽ ان خلاف احتجاج ۽ بغاوت جو آغاز به عموماً شاگرد ۽ نوجوان ئي ڪندا آھن۔ ان ڪري PYA جو ھي سڀ کان پھريون فرض آھي ته ھُو شاگردن ۽ نوجوانن جي بنيادي سياسي ۽ جمھوري حقن جي حصول جي جدوجھد سان گڏوگڏ نوجوانن ۽ شاگردن جي انقلابي تربيت جو به اھتمام ڪري۔ اگر موجودہ دور ۾ شاگردن ۽ نوجوانن جي مسئلن کي ڏٺو وڃي ته انھن ۾ سرِ فھرست شاگرد يونين جي بحالي، طبقاتي ۽ فرسودہ تعليمي نظام جو خاتمو، ھر سطح تي آباديءَ جي تناسب سان جديد تعليمي ادارن جو قيام، شاگردن کي تعليم جي مفت فراھمي ۽ روزگار جي ضمانت سان گڏو گڏ راند، ٽرانسپورٽ ۽ ثقافتي سرگرمين تائين پھنچ شامل آھن۔ PYA شاگرد سياست ۾ غنڊا گردي، اسلحي ڪلچر ۽ جنوني دھشت گرد عنصرن جي شديد مخالفت ڪندي آھي ۽ ان خلاف جدوجھد جي علمبردار آھي۔ جئين ته حڪمران طبقا شاگرد اتحاد کي ٽوڙڻ لاءِ شعوري طور تي شاگرد سياست ۾ دھشتگردي ۽ غنڊا گردي جھڙي گھناؤني ڪلچر کي پنھنجي پالتو بنياد پرست ۽ انتھاپسند تنظيمن جي ذريعي اُڀاريندا آھن ته جئين شاگردن کي غير ضروري ويڙھين ۾ الجھائي ۽ ھُو پنھنجي حقن جي جدوجھد نه ڪري سگھن۔ اسين سمجھون ٿا ته ھر شھريءَ کي مفت تعليم، مفت علاج ۽ روزگار فراھم ڪرڻ رياست جي اولين ذميداري آھي۔ انھن حقن جي حصول لاءِ سڀني شاگردن کي متحد ٿيڻو پوندو ته جئين پنھنجي مسئلن جي حل جي جدوجھد کي اڳتي وڌائيندي محنت ڪش طبقي جي مسئلن جي جدوجھد سان گڏ ڳنڊي ڪري ھن نظام جي خلاف وڙھجي۔ شاگرد حقن تي ھن رياست جي سڀ کان وڏي ڦر شاگرد يونين تي پابندي آھي۔ شاگرد يونين جيڪا شاگردن جي حقن جي جدوجھد جو سڀ کان منظم ادارو ھو جنھن جي ذريعي سڀ شاگرد پنھنجي ووٽ جي ذريعي قيادت چونڊيندا ھئا جيڪي تعليمي ادارن جي انتظامي ۽ ٻين معاملن ۾ شاگردن جا حقيقي نمائندا ھوندا ھئا۔ تعليمي ادارن جي فيسن ۾ اُن وقت تائين ھڪ روپئي جو اضافو به ممڪن نه ھوندو ھو جيستائين شاگرد يونين اُن جي اجازت نه ڏئي۔ حڪمرانن شاگرد يونين تي پابندي ھڻڻ کان پوءِ تعليمي ادارن جي فيسن ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو جنھن سبب غريب ۽ پورھيت طبقي جي نوجوانن لاءِ معياري تعليم جو حصول ھڪ خواب بڻجي ويو۔ ھن رياست ۽ نظام جو ٻيو وڏو جرم بي روزگاري آھي۔ انھن سڀني مشڪلات کي پار ڪندي نوجوان تعليمي ادارن کان فارغ ٿيڻ بعد ڊگريون ھٿن ۾ کڻي اکين ۾ خواب سجائي روزگار جي تلاش ۾ فيڪٽرين، صنعتن ۽ ٻين سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ دربدر ڀٽڪندا آھن، پر اُنھن کي روزگار نه ملي سگھندو آھي۔ بيروزگاريءَ جي لڳاتار اذيت جو شڪار ٿي ڪري نوجوان مسئلن جي حل لاءِ يا ته جرم جو رستو اختيار ڪندا آھن يا وري مايوسي ۽ بددلي جي اندھيرن ۾ ٻڏي ڪري منشيات جو سھارو وٺي ڪري فرار جو رستو اختيار ڪندا آھن ۽ برباديءَ جي راھ تي نڪرندا آھن۔ روزگار جي تلاش ۾ نوجوانن جو ھڪ وڏو انگ مشرقِ وسطٰي،يورپ ۽ آمريڪا ۾ انتھائي ذلت ڀريل زندگي گذارڻ تي مجبور آھن۔ نوجوانن جي سڀني مسئلن جو حل ھن نظام جي خاتمي سان ڳنڊيل آھي ۽ PYA ۾ جڙيل نوجوانن ۽ شاگرد تنظيمن جو ھي عزم آھي ته ھُو انھن مسئلن ۽ ھن نظام جي خاتمي جي نظرئي ۽ پروگرام جي بنياد تي نوجوانن ۽ شاگردن کي منظم، متحد ۽ متحرڪ ڪندي آخري فتح تائين جدوجھد جاري رکندا.

پروگرام ۽ مطالبا

  • سڀني تعليمي ادارن خاص ڪري يونيورسٽي فيسن ۾ اضافو في الفور واپس ورتو وڃي۔
  • تعليمي ادارن ۾ يونين سازي شاگردن جو آئيني، سياسي ۽ قانوني حق آھي۔ شاگرد يونين تان پابندي في الفور ختم ڪري يونين اليڪشن ڪرائي وڃي، شاگردن کي پنھنجي حقن جو آواز اُٿارڻ جو حق ڏنو وڃي ۽ تعليمي ادارن جي سڀني انتظامي ڪمن ۾ شاگردن جي رائي کي فوقيت ڏني وڃي۔
  • تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي فنونِ لطيفه، ٽيڪنڪ، ريسرچ ليبز، فيلڊ وزٽ، راندين جا موقعا، تفريحي ۽ ثقافتي سرگرمين جي لاءِ سھولتون فراھم ڪيون وڃن۔
  • ھر تعليمي اداري ۾ ھاسٽل ۽ ٽرانسپورٽ شاگردن جي تعداد جي تناسب سان فراھم ڪئي وڃي۔
  • تعليمي ادارن ۾ ’’ڊسيپلن‘‘ جي نالي تي انتظاميه جي بي وجھ ڏاڍ جو خاتمو ڪيو وڃي۔ شاگردن کي ڪنھن به طرح ڌھمڪائڻ يا بليڪ ميل ڪرڻ واري انتظاميه يا فيڪلٽي اھلڪارن جو احتساب ڪيو وڃي۔
  • طرح طرح جي انٽري ٽيسٽ، ’’ميرٽ‘‘ ۽ سيلف فنانس کي فوري طور تي ختم ڪري طبقاتي تعليمي نظام جو خاتمو ۽ ھر سطح تي ھڪ جھڙو تعليمي نظام لاڳو ڪيو وڃي۔
  • فني تعليم ۽ ووڪيشنل ٽريننگ کي عام ڪيو وڃي۔
  • تعليم ۽ نوڪرين ۾ عورتن کي برابر موقعا فراھم ڪيا وڃن ۽ مخلوط تعليمي نظام لاڳو ڪيو وڃي۔ جنسي بنيادن تي ھر قسم جي تعصب ۽ استحصال جو خاتمو ڪيو وڃي۔
  • فرسودہ تعليمي نظام ۽ امتحاني طريقن کي ختم ڪيو وڃي، مدرسي وارن ادارن کي نيشنلائز ڪري جديد سائنسي بنيادن تي بيھاريو وڃي۔
  • استادن جي پگھارن ۽ سھولتن ۾ اضافو ڪري ٽيوشن مافيا جھڙي لعنت جو خاتمو ڪيو وڃي۔
  • سڀني ادارن کي خاص ڪري تعليمي ادارن کي فوري طور تي منشيات جي ڪاروبارن کان پاڪ ڪيو وڃي۔
  • سڀني پرائيويٽ تعليمي ادارن کي نيشنلائز ڪري تعليم جي ڪاروبار کي بند ڪيو وڃي۔
  • تعليم جي بجٽ ۾ گھٽ ۾ گھٽ 10 گنا اضافو ڪيو وڃي۔ رياست آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جھڙن سامراجي مالياتي ادارن جا قرض ضبط ڪندي انھن وسيلن کي عوام جي صحت ۽ تعليم تي خرچ ڪري۔
  • سڀني بيروزگارن کي رجسٽر ڪري روزگار يا گھٽ ۾ گھٽ 15 ھزار روپيا بيروزگاري الاؤنس ڏنو وڃي۔
  • ڪم جا دورانيه 6 ڪلاڪن تائين آندا وڃن ته جئين چار شفٽن ذريعي روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿين۔
  • چائلڊ ليبر تي پابندي يقيني بڻائي وڃي ۽ سڀني بي سھارا ٻارن جي پرورش رياست ڪري۔
  • سڀني نجي بئنڪن کي نيشنلائز ڪري اُن سرمائي سان عوامي سھولتن ۽ صنعتڪاري جا منصوبا شروع ڪيا وڃن۔
  • بند نجي صنعتن کي نيشنلائز ڪري ھلايو وڃي ته جئين نوان روزگار پيدا ٿين۔
  • انفرادي دھشت گردي ۽ مذھبي فرقه واريت خلاف ڀرپور جدوجھد ڪئي وڃي۔
  • قومي، لساني، مذھبي ۽ علاقائي تعصب جي خلاف پر عزم جدوجھد ڪئي وڃي۔
  • مظلوم قوميتن جي حق خود اراديت کي تسليم ڪيو وڃي۔
  • رياست کي مذھب کان الڳ ڪيو وڃي۔
  • شاگردن ۽ نوجوانن جي سياسي ۽ نظرياتي تربيت ڪندي سوشلسٽ انقلاب جي جدوجھد تيز ڪئي وڃي۔

موجودہ دور ۽ PYA جي ڪارڪردگي

تاريخ جي ھر دور جو پنھنجو مخصوص ڪردار ھوندو آھي۔ تاريخ جي ڪنھن به دور جي ڪردار ۽ ان جي مستقبل جي تناظر کي سمجھڻ کان سواءِ ان کي بدلائي نٿو سگھجي۔ اھڙيءَ طرح ھر دور جا پنھنجا نظريا ھوندا آھن جيڪي ھن دور کي سمجھندي ۽ ان جي وضاحت ڪرڻ جي اھليت رکندا آھن۔ انقلابين جو سڀ کان پھريون فرض ھي ھوندو آھي ته ھُو جنھن دور ۾ زندہ ھوندا آھن سڀ کان پھريون ان دور جي مخصوص ڪيفيتن ۽ ڪردارن کي ان جي تاريخي تسلسل جي پس منظر ۾ سمجھندي ان جي مستقبل جو تناظر تخليق ڪن ۽ پوءِ ان تناظر جي مطابق پنھنجي انقلابي ڪردار جو تعين ڪن۔ اڄ جي جديد سائنسي دور ۾ ڪنھن به شيءِ جي صحيح وضاحت صرف سائنسي بنيادن تي ئي ممڪن آھي۔ جيڪا سائنس اسان کي انساني سماجن جي ارتقا، عروج ۽ زوال ۽ تبديلين جي عمل جي درست سمجھ ۽ وضاحت ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آھي، اُھا مارڪسزم آھي۔ مارڪسي فلسفي جو بنيادي اصول آھي ته ھن ڪائنات جي ھر شيءِ بشمول انساني سماج ھر حرڪت ۽ تبديلي جي مسلسل عمل سان گذري رھي آھي ۽ ڪائي به شيءِ حتمي يا مقدس ناھي۔ اگر موجودہ دنيا کي ڏٺو وڃي ته اڪويھين صديءَ جي آغاز تي اسان پوري دنيا ۾ جيڪو معاشي بحران، جنگن، خونريزي، دھشت گردي، بک، بيروزگاري، افلاس ۽ عدم استحڪام نظر اچي ٿو ھو ان ڳالھ جي عڪاسي ڪندو آھي ته عالمي سطح تي سرمائيداراڻو نظام پنھنجي زوال جي انتھائن کي ڇُھي رھيو آھي ۽ ھاڻي ان ۾ انسانيت کي ترقي ڏيڻ ۽ ان جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي معمولي گنجائش به باقي ناھي پر سرمائيداري نظام جو وجود ئي ھر روز نون مسئلن کي جنم ڏئي رھيو آھيو۔ ٻئي طرف سرمائيداراڻي گلوبلائزيشن پوري دنيا کي معاشي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي حوالي سان ھڪ اھڙي اڪائي بڻائي ڇڏيو آھي جٿي دنيا جي ڪنھن به خطي ۾ ظاھر ٿيڻ وارو ڪوئي واقعو، حادثو يا تبديلي پوري دنيا تي پنھنجا اثر ڇڏي ٿي۔ عالمي سامراج آمريڪا ۽ ننڍيون سامراجي ۽ علاقائي قوتون ڏکڻ ايشيا، افغانستان، مشرقِ وسطٰي ۽ آفريڪا ۾ منڊين تي تسلط، معدني ذخيرن جي لُٽ مار ۽ اسلحه ساز صنعت جي منافعن لا معصوم انسانن ۽ تھذيبن کي برباد ڪري سرمائيداري جي لاش جي اُکڙيل ساھن کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن۔ اڄ ھڪ طرف ٽيڪنالوجي ترقيءَ جي ان معيار کي ڇُھي رھي آھي ته انسان چنڊ، مريخ ۽ ان کان به پري پري وارن سيارن تي زندگيءَ جا آثار ڳولھي رھيو آھي ته ٻئي طرف ان ڌرتيءَ تي انساني نسل جي اڌ کان وڌيڪ آبادي بک ۽ بيماريءَ سان سسڪي سسڪي ڪري مرڻ لاءِ جي رھي آھي ۽ جيئڻ لاءِ مري رھي آھي۔ دولت جو چند ھٿن ۾ اچڻ وڌي رھيو آھي۔ 2016ء ۾ امير ترين 1 فيصد ماڻھن جي دولت دنيا جي 99 فيصد آباديءَ جي سڄي دولت کان مٿي ٿي ويندي۔ پوري دنيا کان غربت جي مڪمل خاتمي لاءِ صرف 150 ارب ڊالر گھربل آھن جڏھن ته 2 ھزار ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم ھر سال جنگين ۽ ھٿيارن تي خرچ ڪئي پئي وڃي۔ اھريءَ ئي طرح ملٽي نيشنل اجارہ داريون ۽ وڏا سرمائيدار 32 ھزار ارب ڊالرڪنھن پيداواري عمل ۾ خرچ ڪرڻ بجائي آف شور بئنڪن ۽ ٽيڪس ھيوِنز ۾ لڪائيندا آھن۔ ھن ڌرتيءَ تي ايترو اناج پيدا ٿيندو آھي جو 10 ارب انسانن جون غذائي ضرورتون پوريون ڪري سگھجن ٿيون پر نجي ملڪيت ۽ منافعي جي حوس تي بيٺل ھن نظام تحت بک وڌي رھي آھي۔ خود حڪومت جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ 60 فيصد آبادي غذائي عدم تحفظ ۽ قحط جو شڪار آھي ۽ 44 فيصد ٻارڙن جي جسماني ۽ ذھني واڌ ويجھ نا مڪمل آھي۔ ٽئين دنيا جي سڀني ملڪن جي لڳ ڀڳ اھا ئي صورتحال آھي۔ اگر اڄ جي جديد ٽيڪنالوجي ۽ پيداواري صلاحيت کي سرمائيداري جي منافعي جي حوس پوري ڪرڻ بجائي سوشلزم جي ذريعي انسانن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ انسانن جي زندگي جي معيار کي بھتر بنائڻ لا استعمال ڪيو وڃي ته صرف ڏھن سالن ۾ ھن ڌرتي کان سرمائيداري جي پيدا ڪيل غربت، جھالت، بيماري، دھشتگردي ۽ جرم سميت سڀني مسئلن جو نشان تائين مٽائي ڪري ھن دنيا کي انسانن لا حقيقي جنت بڻائي سگھجي ٿو۔ عالمي سطح تي اسان ھڪ اھڙي حالت ۾ داخل ٿي چڪا آھيون جٿي ھڪ طرف مرندڙ سرمائيداري نظام پاڻ سان گڏ انساني نسل کي به بربريت طرف ڌڪي رھيو آھي ته ٻي طرف سڄي دنيا ۾ پورھيت ۽ نوجوان ھن نظام جي خلاف بغاوت جي طرف مائل ٿي رھيا آھن۔ خاص ڪري 2008ء جي عالمي مالياتي ڪريش کان پو سڄي دنيا ۾ عوام جي زندگي جو معيار مسلسل گراوٽ جو شڪار آھي ۽ ان بحران جي قيمت پورھيتن ۽ نوجوانن کان وصول ڪئي پئي وڃي۔ سڄي جا سڄا عالمي، مالياتي ۽ سامراجي ادارا (IMF، ورلڊ بئنڪ، WTO ) پنھنجي قاتلاڻي معاشي پاليسين (ڊاؤن سائزنگ، نجڪاري وغيرہ) کان پو پورھيت طبقي، نوجوانن ۽ شاگردن کي برباد ڪندا وڃن ٿا۔ اقوام متحدہ ھڪ بيڪار ۽ سامراج جي دلال ۽ مفلوج اداري طورتي بي نقاب ٿي چڪو آھي ۽ ان ۾ ڪشمير ۽ فلسطين سميت ڪنھن به مسئلي کي حل ڪرڻ جي اھليت ڪانه آھي۔ ڇوته سرمائيداري نظام ۽ عالمي سامراج ئي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مظلوم، محڪوم ۽ استحصال جي شڪار عوام جي غلامي ۽ مصيبتن جو اصل سبب آھي انڪري سرمائيداري کي عالمي سطح تي شڪست ڏيڻ کان سوا سوشلزم جي تعمير ۽ انساني نسل جي حقيقي آزادي ممڪن نه آھي۔ موجودہ دور جي سڀ کان بنيادي خاصيت اھائي آھي ته عالمگيريت جي دور ۾ جٿي استحصال ۽ جبر ۽ غلامي بين الاقوامي آھي ته ان استحصال ۽ غلامي جي خلاف اڀرڻ واري پورھيتن ۽ نوجوانن جي تحريڪ جو ڪردار به بين الاقوامي آھي۔ ان بنياد تي PYA ھي سمجھي ٿو ته پاڪستان جي شاگردن جي تحريڪ کي فتح مند ڪرڻ لا ننڍي کنڊ ۽ پوري دنيا جي شاگردن ۽ پورھيتن جي تحريڪن سان طبقاتي جڙت بڻائيندي سرمائيداري جي خاتمي ۽ عالمي سوشلسٽ انقلاب جي جدوجھد ڪرڻي پوندي۔ سرمائيدار رياستون انسانن کي ورھائي ڪري انھن کي ٻين جا دشمن بڻائينديون آھن جڏھن ته سوشلزم جو مقصد انسانن جي وچ ۾ تفريقن ۽ تقسيمن کي مٽائيندي عظيم عالمي انساني يڪجھتيءَ کي فروغ ڏيڻ آھي۔ اِھو ئي اُھو فرض آھي جنھن جي تڪميل جو آغاز شاگردن ۽ نوجوانن ڪري ڇڏيو آھي ۽ جنھن جي تڪميل پوري دنيا جا پورھيت، شاگرد ۽ نوجوان ڪندا۔

سوشلزم جو عَلم کڻي اڳتي وڌو…آخري فتح اسان جو مقدر آھي!

عالمي منظر نامو ۽ اسان جو مؤقف • اسين عالمي سامراج کي ڌرتيءَ تي ناسور تصور ڪريو ٿا ۽ پوري دنيا ۾ عالمي سامراج جي خلاف سرگرم قوتن سان گڏي ڪجھتيءَ جو اظھار ڪريون ٿا۔ اسين سمجھون ٿا ته سامراجيت سرمائيداريءَ جو لازمي نتيجو آھي جنھن جو وجود ئي پوري دنيا ۾ بک، ننگ، افلاس، قحط، جنگ، استحصال، ظلم، جبر، بربريت ۽ سماجي نا انصافيءَ جو سبب آھي۔ انڪري اسين عالمي سامراج کي نيست ونابود ڪرڻ خاطر پوري دنيا ۾ شاگردن، مزدورن ۽ ھارين جي اتحاد جي جھنڊي ھيٺان جدوجھد جا خواھشمند آھيون. • اسين غير متزلزل يقين رکون ٿا ته سوشلزم ئي دنيا کي نااميديءَ ۽ رياست جي اڻ کُٽندڙ اندھيرن کان ڪڍي سگھي ٿو۔ سوشلزم ئي انسانيت جي بقا جو ضامن آھي۔ انڪري اسين عملي طور تي سوشلزم جي جدوجھد جي حمايت ڪريون ٿا ۽ پنھنجو پاڻ کي عالمي سوشلسٽ انقلاب برپا ڪرڻ لاءِ ڪئي ويندڙ جدوجھد جو نه ٽٽندڙ حصو سمجھون ٿا۔ • سڀئي نام نھاد غير جانبدار عالمي ادارا (آئي ايم ايف، ورلڊ بئنڪ وغيرہ) عالمي سامراج جا ھٿيار آھن. انڪري عالمي سطح تي انھن ادارن بجائي پورھيت طبقي جي انقلابي تحريڪن سان جڙت ٺاھيندي سوشلسٽ انقلاب کي جاري رکڻ اسين پنھنجو بين الاقوامي فرض سمجھون ٿا۔

دستور شق نمبر 1: ھن دستور جو تعلق پروگريسو يوٿ الائنس (PYA) جي سڀني ممبرن، عھديدارن ۽ اتحادي تنظيمن تي ھوندو آھي۔ شق نمبر 2: ھر اُھو شاگرد، نوجوان يا تنظيم جيڪا PYA جي بنيادي نظرين، تناظر، پروگرام، ڪارڪردگيءَ ۽ طريقي ڪار سان متفق آھي، PYA جي نظرين کي ٻين تائين پھنچائي ۽ PYA جي سرگرمين ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري اُھو PYA جو ممبر ھوندو۔ شق نمبر 2 ھيٺيون شق نمبر (i) بنيادي نظريو: PYA جو بنيادي مقصد تعليم جي واپار، مذھبي بنياد پرستي، بيروزگاري، رياستي جبر، انتظاميه جو ڏاڍ، جنسي تفريق ۽ جمھوري حقن جي صلبي خلاف جدوجھد جي لاءِ شاگردن ۽ نوجوانن کي سياسي طور تي گڏ ۽ متحرڪ ڪرڻ آھي۔ اسين سمجھون ٿا ته ھي مسئلا آخري تجزئي ۾ تاريخي طور تي ختم ٿيندڙ سڙيل کڙيل سرمائيداري نظام جي پيداوار آھن جنھن جو خاتمو سوشلسٽ انقلاب جي ذريعي ئي ڪيو وڃي سگھجي ٿو۔ انڪري سائنسي سوشلزم جي بنيادن تي شاگردن ۽ نوجوانن کي نظرياتي، سياسي ۽ تنظيمي طور ٿي گڏ ڪرڻ ئي PYA جو بنيادي نظريو آھي۔

شق نمبر 2 ھيٺيون شق نمبر (ii) تناظر: موجودہ دور جي تقاضن مطابق نوجوانن ۽ شاگردن جي طاقتور اتحاد جي تعمير ڪرڻ لاءِ ضروري آھي ته سائنسي بنيادن تي حالات ۽ واقعات کي سمجھيو ۽ پرکيو وڃي ۽ ان کان پوءِ ھڪ تناظر تخليق ڪرڻ وقت ھڪ مناسب حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي۔ انڪري ھر سال PYA جي مرڪزي بيورو جي طرفان ھڪ دستاويز ڇپائي ڪري سڀني ممبرن ۽ ممبر تنظيمن ۾ ورھائي وڃي جنھن ۾ سماجي تبديليءَ جو تناظر واضح ڪيو وڃي۔ شق نمبر 3: PYA جو حصو صرف اُھي شاگرد تنظيمون ۽ نوجوان بڻجي سگھن ٿا جيڪي ان جي بنيادي نظرين ۽ تناظر سان متفق ھجن۔ شاگرد تنظيمن کي PYA سان گڏجڻ لاءِ پنھنجي مرڪزي ڪميٽيءَ کان منظوري وٺڻي پوندي۔ گڏجڻ کان پوءِ ان تنظيم جي ممبرن کي ڪنوينشن ۾ PYA سان گڏجڻ جو اعلان ڪرايو ويندو۔ ھي الائنس ’ھڪ جو ڏک۔ ۔ ۔ سڀ جو ڏک‘ جي نعري تي ڪم ڪندي سڀني ممبر تنظيمن جي حقن جو دفاع ڪندو۔

شق نمبر 3 ھيٺيون شق نمبر (i) الائنس جي مرڪزي ڪميٽيءَ کان وٺي سڀني ھيٺين ادارن ۾ سڀ ممبر تنظيمن جي نامزد اميدوارن کي متناسب نمائندگي ڏني ويندي۔ الائنس جي ممبر تنظيمون ھر سال باقاعدگيءَ سان پنھنجن سڀني ممبرن جي تعداد جي پوري مڪمل فھرست جمع ڪرائڻ جون پابند ھونديون۔ فيصلي ڪرڻ جي عمل خاص ڪري ملڪ گير احتجاجي مظاھرن ۽ تعليمي ادارن ۾ ھڙتال جھڙن اھم فيصلن ۾ جي ووٽنگ جي نوبت آئي ته مرڪزي ڪميٽي کي ممبر تنظيمن جي ممبرن جي انگ جي بنياد تي ووٽنگ ڪرائڻ جو حق حاصل ھوندو۔

شق نمبر 3 ھيٺيون شق نمبر (ii) PYA جي ھر ممبر ۽ عھديدار جي عمر 30 سالن کان گھٽ ھئڻ گھرجي۔

شق نمبر 4: عھديدارن جو مدو ٻه سال ھوندو ۽ ٻن سالن کان پوءِ سڀني سطحن تي جمھوري طريقي ڪار جي ذريعي نوان عھديدار چونڊيا ويندا۔

شق نمبر 5: فيصلي ڪرڻ لاءِ ھيٺ ڏنل اصول واضع ڪيا وڃن ٿا۔ (i) سڀني ادارن جي اندر ڪنھن اختلافي نقطه نظر کي حل ڪرڻ لاءِ نظرياتي ۽ سياسي بحث ڪئي وڃي۔ ووٽنگ جي عمل کان بچڻ لاءِ آخري حد تائين ڪوشش ڪئي وڃي ۽ گڏيل فيصلو قابل ترجيح ھوندو۔ (ii) اگر ووٽنگ لازمي ٿئي ته اقليت کي اڪثريت جو فيصلو تسليم ڪرڻو پوندو ۽ پوري دلجمعي سان گڏ ان فيصلي تي عمل ڪرڻو پوندو۔ (iii) ڪنھن به ھنٺين اداري جي لاءِ لازمي ھوندو ته ھُو پنھنجي مٿين ادارن جي فيصلن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي۔ (iv) ڪنھڻ ھڪ ممبر يا عھديدار جي خلاف اگر تاديبي ڪاروائي ضروري ٿي وڃي ته اُن لاءِ اُن اداري جي ممبرن جي اڪثريت گھربل ھوندي۔ ان ڪاروائيءَ جي خلاف اُھو شخص PYA جي مرڪزي بيورو يا مٿين سطح جي ڪنھن باڊيءَ کي اپيل ڪرڻ جو حق رکي ٿو۔ (v) ڪنھن به ھيٺين ۽ مٿين اداري جي وچ ۾ اختلاف جي صورت ۾ مٿين اداري جي فيصلي کي وڌيڪ حيثيت حاصل ھوندي۔ (vi) اگر ڪنھن به مٿين اداري جي اندر اختلاف ھجي ته ان کي بحث ذريعي حل ڪيو وڃي۔ شق نمبر 7: PYA جا تنظيمي ڊانچه ھيٺينءَ ريت ھوندا۔ 1۔ مرڪزي ڊانچو (i) صدر (ii) سينئير نائب صدر(iii) نائب صدر (iv) سيڪريٽري جنرل (v) سيڪريٽري انفارميشن ۽ نشر و اشاعت (vi) اسٽڊي سرڪل انچارج (iiv) فنانس سيڪريٽري 2۔ ڊويزنل، ضلعي ۽ تحصيل جا ڊانچه به مرڪزي ڊانچي وانگر ھوندا۔ 3۔ ھر تعليمي اداري يونيورسٽيءَ، ڪاليج، اسڪول ۾ به اداري جي سطح تي اھي ئي ڊانچا ان ئي طرح جا ھوندا۔ شق نمبر 8: ھر سال ضلعي ڪنوينشن جو انعقاد ضلعي عھديدارن جي ذميداري ھوندي۔ شق نمبر 9: ھر ٻن سالن کان پوءِ PYA جي مرڪزي ڪنونشن جو انعقاد مرڪزي عھديدارن جي ذميداري ھوندي۔ شق نمبر 10: ھيٺيون شق نمبر (i) PYA جو نشان پنج ڪنڊن وارو ستارو ھوندو جيڪو انسانيت جي سوشلسٽ مستقبل کي ظاھر ڪري ٿو۔ ستاري ۾ ڪاري رنگ جو مڪوسرمائيداري نظام خلاف بغاوت جي علامت آھي جنھن جي ھيٺان ’پروگريسو يوٿ الائنس‘ لکيل ھوندو۔ شق نمبر 10: ھيٺيون شق نمبر(ii) PYA جو جھنڊو ڳاڙھي رنگ جو ھوندو جنھن تي PYA جو نشان واضح ھُوندو۔