پرولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پرولي __ (Riddle):

پرولي ھڪ ڳجھارتي فن آھي، اهڙو وسيلو، جنھن ۾ ٺاھيندڙ ڪا معنيٰ رکي، جيڪا سندس ذاتي معنيٰ کان ڳجھي ھجي ۽ جتي ٻاھريون ۽ اندريون مطلب ڪڍيو وڃي. پرولي لفظ ”پروئڻ“ مان نڪتل لڳي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي ”موتين جي لڙهي“. پرولي سنڌيلوڪ ادب جي ھڪ پراڻي صنف اھي.ويچار کان پوءِ ڪنھن شيءِ جو پتو لڳائڻ کي پرولي ڀڃڻ چئبو اھي. پروليون ڪيئن ٺھيون ۽ ڪھڙي وقت کان مروج ٿيون، ان جو پورو پتو نھ ٿو پوي، ٻھراڙين ۾ عام طرح ڪچھرين ۾ پروليون ڏيڻ جو چھچٽو لڳندو اھي. پرولين ۾ ڪيتريون ئي ڳجھيون معنائون ۽راز رکيل ھوندا اھن، جيسگھڙ ۽ سمجھدار پروڙي ۽ سمجھي سگھندا اھن. پروليون، سوليون ڳجهارتون آهن. [1]ڳجهارت در حقيقت پرولي ئي آهي. ان جو بنياد به پروليءَ تي رکيل آهي، پر سٽاءُ جي لحاظ کان ٻنهي ۾ فرق ضرور آهي. پرولي ڀڃڻ ۾ آسان ۽ ان جا اهڃاڻ نمايان ملندڙ هوندا آهن، پر ڳجهارت جي ڳولا ڪرڻ انتهائي ڏکيو هوندو آهي، جنهن جي ڳجه ڳولڻ لاءِ وڏي غور خوض جي ضرورت پوندي آهي. ڊاڪٽر بلوچ پرولي ۽ ڳجهارت بابت خاص فرق سٽاءَ جي لحاظ کان ٻڌايو آهي. سندس مطابق: ”منوي لحاظ کان جيتوڻيڪ ڳجهارت هڪ قسم جي پرولي آهي، مگر سٽاءَ جي لحاظ کان ڳجهارت ۽ پروليءَ ۾ فرق آهي. ’پرولي‘ جو بنياد تشبيه ۽ استعاري تي آهي، ۽ ’ڳجهارت‘ جو مدار تجنيس ۽ تلميح تي آهي.“[2][3]

سوال-جواب واريون پروليون[سنواريو]

آڳاٽي ادب ۾ سوال جواب وارو رجحان گهڻو هوندو هو، جنهن ۾ ٻين لفظن ۾ بحث به ٿيل هوندو هو. خاص طور تي ھن قسم جي پرولين ۾ پڇندڙ ڪو سوال ڪندو اھي جنھن جو جواب پڇڻو ھوندو اھي ۽ جواب بھ وري وزن ۾ شعر وانگر چئجي. مثال طور: سوال: شينھن کي گھر تي چاڙھي ڏيکاريو؟ جواب: رسيءَ ۾ ور، شينھن چڙھيو گھر. سوال: شينھن کان پٽڪو ٻڌائي ڏيکاريو؟ جواب: سوڙ ۾ سٽڪو، شينھن ٻڌو پٽڪو[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. {. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: (1969) ”ڳجهارتون“، ص 1، آن لائين لائبريري، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.}
  3. {محمود ڏاھري جي مضمون"ديوان ڪوڙيمل چندنمل کلناڻيءَ جي ڪتاب ”سنڌي ڳجهارتون“ جو جائزو", مھراڻ رسالو سال 2018, شمارو 1۽2, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}