پاڪ سنگهار (يوسي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(پاڪ سنگھار کان چوريل)

پاڪ سنگهار پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو الهيار جي تعلقي ٽنڊو الهيار ۾ هڪ ڳوٺ ۽ يونين ڪاؤنسل آهي. هن ڳوٺ جو نالو پاڪ سنگهار درگاهه جي نالي پويان رکيو ويو آهي. هيءَ درگاه ٽنڊي الهيار شهر کان پنج ميل اوڀر طرف پاڪ سنگهار نالي وليءَ ۽ درويش جي درگاهه آهي. هن درويش جو اصل نالو سيد لطيف شاهه هو ۽ ڏهين صدي هجريءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق مٽياري سادات جي لڪياري خاندان سان هو. پاڻ مخدوم نوح سرور هالائيءَ جو ساٿي، مريد ۽ خليفو هو.