پاڪستان رينجرز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پاڪستان رينجرز
Pakistan Rangers
Founded آگسٽ 14, 1947
ملڪ  پاڪستان
تعداد 100,000 فعال فوجی[1]
حصو پاڪستان جا نيم فوجي دستا
صدر دفاتر اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور
مخصوص چوڻي Daim's Sahir'n "ھميشہ تيار"
ڳاڙھو ۽ نيرو
        

پاڪستان رينجرز ھڪ نيم فوجي ادارو آھي، جنھن جو ڪم سرحدن جي حفاظت ۽ جنگ ۽ وڳوڙن واري علائقن ۾ عوام کي تحفظ فراھم ڪرڻو آھي۔

تاريخ[سنواريو]

رينجرز بارڊر فورس آھي جنھن کي سنڌ رينجرز نالي سان برطانيا حڪومت ٺاھيو ھيو پوءِ ان کي پاڪستان رينجرز نالو ڏنو ويو. رینجرز کي رینجرز آرڊیننس 1959 جي تحت ٺاھيو ويو. 1989 جي آخر ۾، سنڌ ۾ وڌندڙ وڳوڙن ۽ لا ائنڊ آرڊر جي صورتحال سبب، اندرون سنڌ ۾ علائقائي ڌاڙيل مخالف(اسٽريٽجڪ اينٽي-ڊاڪوئٽ) آپريشن لاءِ ھڪ نئين فورس ٺاھي وئي، جيڪا مھراڻ فورس نالي سان ڪم ڪندي ھئي ۽ ان ۾ انھيءَ مھل ھاڻوڪي سنڌ رينجرز، پاڪستان آرمي جي 3 بٽالين (بشمول ايس ايس جي SSG)، اترئين اسڪائوٽ (نادرن اسڪائوٽس) شامل ھئي. مھراڻ فورس ڪراچي ۾ پنھنجي مرڪزي ھيڊڪوارٽر ساڻ ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان رينجرز جي سڌو ظابطي (ڊائريڪٽ ڪنٽرول) ۾ ھئي. ھاڻي پاڪستان رينجرز کي ٻن الڳ فورسز ۾ ورھايو ويو آھي، ھڪ پاڪستان رينجرز (پنجاب) جنھن جو ھيڊڪوارٽر لاھور ۾ آھي جيڪا ڀارت سان 1300 ڪلوميٽر جي سرحدي علائقي (لائن آف ڪنٽرول LOC) تي پنھنجي ڀارتي مخالف بارڊر سيڪيورٽي فورس (بي ايس ايف) سان گڏ سرحدن جي حفاظت لاءِ رکيل آھي ۽ ٻئي پاڪستان رينجرز (سنڌ) جنھن جو ھيڊڪوارٽر ڪراچي ۾ آھي، جيڪا ڀارت سان 912 ڪلوميٽر جي سرحدي علائقي (لائن آف ڪنٽرول LOC) جي حفاظت لاءِ رکيل آھي.

تصويرون[سنواريو]

  1. Pakistan Intelligence, security Activities and Operations Handbook, Int'l Business Publications, 2011 Edition, pp. 131, ISBN 0-7397-1194-6