پارپتي رام ڪرشن آڏواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ليکڪا پارپتي رامڪرشن آڏواڻي 18 اپريل 1924ء تي، حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي. بي.اي ڪرڻ کان پوءِ ايل.ايل.بي ۽ بي.ٽي ڪيائين. ادبي دنيا ۾ پاڻ کي ھڪ نثر نگار جي حيثيت سان متعارف ڪرايائين. سندس لکڻ جي خاص صنف مضمون ھئي. سندس رچنائون ٽڙيل پکڙيل آھن. گيتا تي، انگريزي ٻوليءَ ۾ 50 صفحن جي ٽيڪا لکڻ تي، سوامي ڄيٺانند وٽان کيس سونو ٻلو انعام ۾ مليو. ورھاڱي کان پوءِ ھندستان لڏي وئي، جتي گگن تارا، تلڪ نگر، بمبئيءَ ۾ رھائش اختيار ڪيائين.[1]