پاتن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

پاتن، پتن يا پتڻ، نيپال جي لليت پور واري علائقي ۾ آهي. پاتن وارو شاهي ڪامپليڪس سترهين صديءَ ۾ بادشاهه نرسما مَل، جي وقت ۾ ٺهڻ شروع ٿيو، جيڪو سندس پٽ شري نواسا جي وقت تائين هليو. درٻار ڄڻ ته هڪ وڏو آڳر آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن ۽ وچ تي مختلف عمارتون ٺهيل آهن، اتي ڪجھه ننڍا ننڍا الڳ احاطا به آهن، جن ۾ وري مختلف عمارتون آهن. انهن احاطن يا چوڪن کي، سنداري چوڪ (1647)، ڪجن لي مُل چوڪ (1666)، ۽ ڪيشاو نارائڻ چوڪ (1734) چيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ اشوڪا (Ashokaa)، جيڪو 250 قبل مسيح ۾ نيپال آيو هو، ان هِنَ پتڻ جي چئني ڪنڊن تي اسٽوپا ٺهرايا هيا.

مل چوڪ جي چوڌاري خوبصورت پٿر جي اُڪر ٿيل آهي. ان جي گيٽ وٽ ٻه شينهن بيٺل آهن، جيڪي 1662ع ۾ باهه لڳڻ ڪري سڙي ويا هيا، پر پوءِ سرينواسا مَل 1665 ۾ ان جي مرمت ڪرائي. ان احاطي جي وچ ۾ هڪ مندر بديا يا وديا ديويءَ جي نالي سان ٺهيل آهي. وديا، سرسوتيءَ جو ٻيو نالو آهي، هوءَ برهما جي زال هئي، وديا جي لفظي معني آهي صحيح ڄاڻ. هن ديويءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته کيس اهڙي شڪتي پرم پراڪرتي (Param Piraakiriti) آهي، جيڪا ماڻهو کي ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪري، هن کي سگھه ڏئي ٿي. هن کي ڄاڻ جي ۽ عقلي ۽ منطقي سوچ جي ديوي سڏيو ويندو آهي.

تاليجو مندر (Naalijo Mandir) به ان احاطي جي چوڌاري ٺهيل آهن. تليجو يا تاليجو ديوي کي چار مٿا ۽ ڏهه ٻانهون آهن. اها ديوي نيپال جي حڪمران مَل بادشاهن جي ديوي هئي، جن نيپال تي 12 کان 18 صديءَ تائين حڪومت ڪئي. تاليجو، درگا ديويءَ جو روپ آهي، اتي ئي تاليجو گھنڊ به لڳل آهي، جيڪو بادشاهه وشنو مَل، 1736ع ۾ فريادين لاءِ لڳايو هو ته جڏهن به کين ڪو آزار هجي ته ان گھنڊ کي وڄائن. ان گھنڊ جو وڄائڻ عبادت لاءِ به آهي.

حوالا[سنواريو]