مواد ڏانھن هلو

لليتپور (پاتن)

بيھڪ: 27°40′N 85°19′E / 27.667°N 85.317°E / 27.667; 85.317
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لليتپور ميٽروپولٽن شھر
ललितपुर महानगरपालिका
پاتن، يالا
ميٽروپوليٽن
ललितपुर महानगरपालिका
پاتن درٻار چوڪ جو فضائي منظر اھا درٻار يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنل آهي
پاتن درٻار چوڪ جو فضائي منظر اھا درٻار يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنل آهي
لليتپور ميٽروپولٽن شھر is located in Nepal
لليتپور ميٽروپولٽن شھر
لليتپور ميٽروپولٽن شھر
نيپال ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°40′N 85°19′E / 27.667°N 85.317°E / 27.667; 85.317
ملڪ نيپال
صوبو صوبو نمبر 3
زون باغمتي زون
ضلعو لليتپور
Incorporated 1918
حڪومت
 • قسم ميئر ڪائونسل
 • ميئر شري بابو مھاراجن
 • ڊپٽي ميئر گيتا ستيال
پکيڙ
 • ڪل 15.43 ڪ.م2 (5.96 ميل2)
آبادي (2015)
 • ڪل 284,922

لليتپور ميٽروپوليٽن سٽي (انگريزي: Lalitpur Metropolitan City؛ نيپالي: ललितपुर महानगरपालिका) جنھن جو تاريخي نالو پاتن (انگريزي: Patan؛ هندي: पाटन؛ نيپالي: पाटन) ۽ يالا (انگريزي: Yala؛ هندي: यल) آھي، جيڪو کٽمنڊو ۽ پوکارا کانپوءِ نيپال جو ٽيون وڏو شهر آهي.

پاتن، پتن يا پتڻ، نيپال جي لليتپور واري علائقي ۾ آهي. پاتن وارو شاهي ڪامپليڪس سترهين صديءَ ۾ بادشاهه، نرسما مَل جي وقت ۾ ٺهڻ شروع ٿيو، جيڪو سندس پٽ شري نواسا جي وقت تائين هليو. درٻار ڄڻ ته هڪ وڏو آڳر آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن ۽ وچ تي مختلف عمارتون ٺهيل آهن، اتي ڪجھه ننڍا ننڍا الڳ احاطا به آهن، جن ۾ وري مختلف عمارتون آهن. انهن احاطن يا چوڪن کي، "سنداري چوڪ" (1647ع)، "ڪجن لي مُل چوڪ" (1666ع) ۽ "ڪيشاو نارائڻ چوڪ" (1734ع) چيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ اشوڪا (Ashokaa)، جيڪو 250 قبل مسيح ۾ نيپال آيو هو، ان هِنَ پتڻ جي چئني ڪنڊن تي اسٽوپا ٺهرايا هيا.

مل چوڪ جي چوڌاري خوبصورت پٿر جي اُڪر ٿيل آهي. ان جي گيٽ وٽ ٻه شينهن بيٺل آهن، جيڪي سال 1662ع ۾ باهه لڳڻ ڪري سڙي ويا هيا، پر پوءِ سري نواسا مَل 1665ع ۾ ان جي مرمت ڪرائي. ان احاطي جي وچ ۾ هڪ مندر، "بديا" يا "وديا" ديويءَ جي نالي سان ٺهيل آهي. وديا، "سرسوتيءَ" جو ٻيو نالو آهي، هوءَ برهما جي زال هئي، "وديا" جي لفظي معني آهي "صحيح ڄاڻ". هن ديويءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته کيس اهڙي شڪتي "پرم پراڪرتي" آهي، جيڪا ماڻهو کي ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪري، هن کي سگھه ڏئي ٿي. هن کي ڄاڻ جي، عقل جي ۽ منطقي سوچ جي ديوي سڏيو ويندو آهي.

تاليجو مندر (Naalijo Mandir) به ان احاطي جي چوڌاري ٺهيل آهن. تليجو يا تاليجو ديوي کي چار مٿا ۽ ڏهه ٻانهون آهن. اها ديوي نيپال جي حڪمران، مَل بادشاهن جي ديوي هئي، جن نيپال تي 12هين کان 18هين صديءَ تائين حڪومت ڪئي. "تاليجو"، "درگا ديويءَ" جو روپ آهي، اتي ئي تاليجو گھنڊ به لڳل آهي، جيڪو بادشاهه "وشنو مَل"، 1736ع ۾ فريادين لاءِ لڳايو هو ته جڏهن به کين ڪو آزار هجي ته ان گھنڊ کي وڄائن. ان گھنڊ جو وڄائڻ عبادت لاءِ به آهي.

گيلري

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]