ٽام ڪروز
| ٽام ڪروز | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم جو نالو | (انگريزي ۾: Thomas Cruise Mapother IV) |
| ڄم | |
| رهائش | لاس اينجلس |
| شھريت | |
| قد | |
| زال | نڪول ڪڊمين (24 ڊسمبر 1990–2001) |
| ٻارن جو تعداد | |
| عملي زندگي | |
| پيشو | |
| ڪم جي ٻولي | |
| ڪل دولت | |
| دستخط | |
| ويب سائٽ | |
| ويب سائٽ | |
| ترميم | |
ٽام ڪروز (ٽام ٿامس ڪروز؛ 3 جولاءِ 1962) تي پيدا ٿيو، جيڪو هڪ آمريڪي اداڪار ۽ فلمون ٺاهيندڙ آهي. [1] هي هڪ ناليوارو هالي ووڊ اداڪار آهي، سندس مشهور ۽ ناليوارين فلمن ٽاپ گن[2]، نائيٽ اينڊ ڊي[3]، مشن امپاسيبل سیریز [4] جون چار فلمون شامل آهن. تازو راڪ آف ايجز ۾ ادا ڪيل سندس يگاني ڪردار کي تبصري نگارن ساراهيو آهي.[5] اڄڪلهه ٽام ڪروز، جيڪ ريچر فلم ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. [6]
فني ڪيرئیر
[سنواريو]ٽام ڪروز شروع ۾ ننڍا ڪردار ادا ڪيا. ٽام، هدايتڪار ٽوني اسڪاٽ مرحوم جي فلم ٽاپ گن مان نامياري ماڻي، ان فلم باڪس آفيس تي 176 ملين ڊالرز جو ڌنڌو ڪيو هيو. [2]ان کان سواءِ کيس بارن آن دي فورٿ آف جولاءِ، ميگنوليا، دي لاسٽ سيمورائي. ڪوليٽرل آور آ فيو گڊ ۾ سٺي اداڪاري ڪرڻ تي پڻ ايوارڊز ملي چڪا آهن. هن فلمساز جي حيثيت ۾ مشن امپاسبل کان شروعات ڪئي. سندس ادا ڪيل ايڪشن سينن ڏاڍي مشهور ماڻي آهي. اڄڪلهه، هو جيڪ ريچر فلم ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سندس ڪرادر جاچ آفيسر جو آهي. [6]هن فلم جون هدايتون ڪرسٽوفر مڪ ڪيوري ڏئي رهيو آهي.[7] ان کان سواءِ ٽاپ گن 2 ۽ مشن امپاسيبل 5 جي شروعات پڻ جلد ٿيڻ واري آهي. [1]
ذاتي زندگي
[سنواريو]ٽام ڪروز ٽي وهانءَ ڪيا، جيڪي ٽن طلاقن سان پڄاڻيءَ تي پهتا. سندس پهرين شادي اداڪارا مِمي روجرز سان، ٻي نڪول ڪڊمين ۽ ٽئين اداڪارا ڪيٽي هومز سان ٿي، جنهن جي پڄاڻي ڪيٽي هومز جي طرفان عدالت ۾ خلع جي درخواست ذريعي طلاق سان ٿي. ڪيٽي هومز مان کيس هڪ ڌي سوري ڪزوز آهي. جيڪا پنهنجي ماءُ سان گڏ رهي ٿي.[8] ٽام ڪروز سائينٽولوجي مذهب کي مڃڻ وارن مان آهي. ٽام ڪروز جا ناليواري فٽ بالر ڊيوڊ بيڪم سان ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن۔ [9]
اعزازَ
[سنواريو]2012ع ۾ ٽام ڪزوز کي فوربس ميگزين جي پاران ست ڪروڙ پنجاهه لک ڊالر ساليانو ڪمائڻ واري هالي ووڊ اداڪارن جي فهرست ۾ شامل ٿيڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي.[10] [11] ٽام ڪروز کي ٽي ڀيرا گولڊن گلوب ايوارڊ ملي چڪو آهي.
نوٽس
[سنواريو]- 1 2 Royalnews.tv[مئل ڳنڍڻو]
- 1 2 جیو اردو نیوز - Geo Urdu News, Latest Urdu News Pakistan - urdu.geo.tv
- ↑ http://search.jang.com.pk/altafhussain.asp?id=98553%5Bمئل+ڳنڍڻو%5D
- ↑ http://waqtnews.tv/18166%5Bمئل+ڳنڍڻو%5D
- ↑ راک آف ایج میں ٹام کروز راک سٹار روپ میں جلوہ گر ہوں گے - Daily Pak News | Pakistan News | Latest News - Breaking News, archived from the original on 2016-03-04, retrieved 2016-11-11
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (help) - 1 2 ٹام کروز نظر آئیں گے تفتیشی افسر کے روپ میں | Geo Urdu, archived from the original on 2024-09-12, retrieved 2024-09-12
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (help) - ↑ http://www.samaa.tv/urdu/urdu-news-8-21-2012-11589-4.html
- ↑ ٹام کروز اور کیٹی ہومز طلاق لے رہے ہیں - BBC News اردو
- ↑ ہالی وُڈ اداکار ٹام کروز نے برطانیہ کے مشہور فٹ بالر[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ BBC Urdu - فن فنکار - ’ہالی وڈ میں اب بڑی فیس نہیں ملتی‘
- ↑ tom croze sab se zyada amdani walay adakaar qarar, archived from the original on 2012-07-09, retrieved 2016-11-11
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (help)
| وڪيميڊيا ڪامنز ۾ ٽام ڪروز سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
- وڪي ڊيٽا سانچن ۾ غلطي
- مضمون جن ۾ انگريزي ٻولي جو متن شامل آھي
- وڪي ڊيٽا سانچو ۾ خرابي
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- رهائش وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- زندگي ڀائيوار وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از July 2024
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- Articles with dead external links از September 2023
- CS1 errors: unsupported parameter
- Articles with dead external links از April 2026
- 1962ع
- 1962ع جون پيدائشون
- آمريڪي مرد فلمي اداڪار
- آمريڪي اداڪار
- آمريڪي فلم اداڪار
- آمريڪي معذور افراد
- اداڪار
- جيئرا ماڻهو
- جيئريون شخصيتون
- فلمر اداڪار
- فلمساز
- ويهين صدي جا آمريڪي مرد اداڪار
- جيوت ماڻهو