ٻولين جون منزلون
? جهڙيءَ ريت ٻالپڻ، جواني، ۽ پيري ماڻهوءَ جي جويت جون منزلون آهن، تهڙيءَ ريت ٻولين کي به ڪن منزلن مان لنگهڻو پوي ٿو. هتي انهن جو ٿورو ذڪر ڪجي ٿو، ته سمجهڻ ۾ سولو ٿئي، ته سنڌي ٻولي هينئر ڪهڙيءَ منزل تي آهي!
(1) ٻولين جي پهرين منزل اها آهي، جنهن ۾ سڀ لفظ ”هڪ پدا“ يعني هڪڙي پد وارا (Mono syllables) هوندا آهن، ۽ ڪي به پڇاڙيون (Suffixes) ساڻن گڏيل نه هونديون آهن، اهي ساڳيا لفظ ڪٿي اسم ته ڪٿي فعل وغيره ٿي ڪم ايندا آهن؛ ۽ اها خبر ڳو جملن مان پوندي آهي ته فلاڻو لفظ جملي ۾ ڪهڙي ڪم آيو آهي. هن کي ”شبد ويچاري“ يا ”نحوي ترتيب“ واري منزل (Syntactical Stage) چئبو آهي. چينائي ٻولي انهيءَ منزل وارين ٻولين جو هڪ مثال آهي. (2) ٻي منزل اها آهي، جنهن ۾ ڪي لفظ اسم، اسم فاعل وغيره ٿي ڪم اچڻ جي طاقت وڃايو ڇڏين، جنهنڪري اهي لفظن جي پٺيان پڇاڙين (Suffixes) وانگر گڏبا آهن ته اسم جي حالتن ۽ فعلن جي زمانن ۽ ضميرن جي سُڌ انهن مان پوندي آهي.اهڙيءَ ٻوليءَ کي مرڪب منزل(Agglutinative stage) واري ٻولي چئبو آهي، جنهن ۾ پڇاڙين پٺيان پڇاڙيون وَت گڏيندو! سنٿالن جي ٻولي، توڙي تُرڪي، هنگاري ۽ فلش انهيءَ منزل واريون ٻوليون آهن.
(3) ٻولين جي ٽين منزل اها اهي، جنهن ۾ ڪي اسم، اسم فاعل وغيره ڌار لفظ ٿي ڪم اچڻ جي طاقت بنهه وڃايو ڇڏين، جنهنڪري اهي ٻين لفظن سان پڇاڙين وانگر گڏي ڪم آڻبا آهن، جيئن ٻولين جي ٻيءَ منزل ۾ ٿئي ٿو. پر، هن ٽين منزل ۾ هيئن ٿئي ٿو، ته اهي پڇاڙيون سدائين لفظن سان ڳنڍيل رهن ٿيون، جنهنڪري اهي لفظ يڪا ليکڻا پون ٿا- مثال لاءِ وٺو سنسڪرت لفظ ”ڪار“ معنيٰ ڪم ڪندڙ يا جوڙيندڙ. اهو ٻين لفظن سان گڏي ڪم آڻبو آهي، جهڙوڪ: سنسڪرت ”ڪنڀ“ معنيٰ ٿانءُ يا باسڻ ۽ ”ڪنڀڪار“ معنيٰ ٿانءُ جوڙيندڙ. ساڳيءَ طرح ”لوهڪار“ معنيٰ لوهه جو ڪم ڪندڙ. اهڙيءَ طرح اها ”ڪار“ پڇاڙي اهڙن لفظن سان سدائين ڳنڍيل رهي ٿي، جنهنڪري اهي يڪا لفظ ڪري ليکجن ٿا. هن منزل وارين ٻولين کي ”سنجوڳي“ يا ”مجمل منزل“ (Syntactical stage) واري ٻولي چئبو آهي. ان ۾ اهڙيون پڇاڙين گڏيل لفظن جو گردان يا ڦيرو ٿي سگهندو آهي، تنهنڪري اهي گردان يا ڦيري واريون ٻوليون (Inflectional Languages) به سڏبيون آهن. سنسڪرت، گريڪ (يوناني) ۽ انهيءَ منزل واريون ٻوليون آهن.
(4) ٻولين جي چوٿين منزل اها آهي، جنهن ۾ لفظن جون اهڙيون پڇاڙيون، سمي پائي، گَسي پيسي وڃن ٿيون؛ جنهنڪري پهرينءَ منزل جي ٻولين وانگر اهي لفظ پڇاڙين کان سواءِ ٻيا ڀانئبا آهن، ۽ انهن جي ڦيري ڪرڻ لاءِ ڪي معاون يا مددي لفظ (Ausiliary words) انهن جي پٺيان گڏبا آهن- مثال لاءِ ساڳيا مٿيان سنسڪرت لفظ ”ڪنڀڪار“ ۽ ”لوهڪار“ وٺو، جن جا اچار سنڌيءَ ۾ ڪنڀار- ڪنڀر ۽ لوهار- لهار- لُهر آهن. هتي ڏسو ته وچ مان ”ڪ“ نڪري ويو آهي، ته باقي ”آر“ پڇاڙي بچي آهي، جنهن جو اچار گهٽائي ”آر“ ڪريون ٿا: هاڻ ”ڪار“ لفظ سڃاڻڻ کان پري ٿي پيو آهي، ۽ ”ڪنڀار“ ۽ ”لوهار“ يڪا لفظ پيا ڀانئجن. انهن جو ڦيرو ڪبو ته ڪي حرف جر ڪم آڻبا، جهڙوڪ ”ڪنڀار کان دلو وٺ“- هتي ”کان“ حرف جر ڪم آيو آهي، ۽ اهو ”ڪنڀار“ لفظ کان ڌار ٿيو بيٺو آهي، پر حالت جريءَ جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
هنن کي مفصل منزل (Analytical Stage) واريون ٻوليون چئبو آهي. انگريزي ۽ فرينچ انهيءَ منزل واريون ٻوليون آهن. [1]