ٻلديو گاجرا
گهڻو ڪري هي مضمون وڪيپيڊيا ۾ معروفيت جي عمومي اصول جي مطابق ناهي۔جيڪڏهن مضمون حوالن کان مُڪمل خالي آهي ته ان صورت ۾ جيڪڏهن اهو وڪيپيڊيا جي فوري حذف شدگي جا معيار جي ُمطابق آهي ت فوري حذف شدگي (ڊانهڻ) عمل ۾ ايندي، بصورت ٻيو حذف(ڊاٺ، ڊانهن) جي ڪارروائيءَ جي لاءِ حذف لاءِ مضمون جو استعمال ڪيو ويندو۔ |
هن مضمون ۾ وڪيپيڊيا جي معيار جي مطابق صفائي جي ضرورت آهي، |
ٻلديو گاجرا:(انگريزي ٻولي: Baldev Gajra) سنڌي ٻوليءَ جو مشھور اديب، شاعر ۽ نقاد ٻلديو تارا چند گاجرا، تخلص ”گمنام“، 9 سيپٽمبر 1909ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو. ھن کي شاگرديءَ واري زماني کان ئي علم ادب سان دلچسپي ھئي. 1947ع ۾ ورھاڱي کان پوءِ ھو بمبئيءَ لڏي ويو. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ 1930ع ۽ 1942ع جي وچ ۾ ٽي سال جيل پڻ ويو. ڀارت ۾ ”ڀارت واسي“ اخبار جو 1953ع کان 1991ع تائين ايڊيٽر ٿيو، سندس تصنيفن ۾ ”گمنام صدا“ (1954ع)، ”ڦول ۽ ترانا“ (1956ع)، ”ادبي تنقيد“ (1984ع)، ”جنگي ترانا ۽ متفرق گيت“، ”آزاديءَ جي يڌ ۾ سنڌ جو ڀاڳ“ ۽ ”شاعر ته بيوس“ وغيره شامل آھن. ھن ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ تي تنقيدي رايا لکيا ۽ ساڳئي نالي سان ڪتاب به شايع ڪيو. ھن جي ڪتاب ”آزاديءَ جي يڌ ۾ سنڌ جو ڀاڳ“ ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ترجمو (1984ع، 1986ع) پڻ شايع ٿي چڪو آھي، ان کان سواءِ مھاتما گانڌيءَ جي سو ساله سالگرهه تي ھن ”گانڌي گرنٿ“(1972ع) شايع ڪيو. هن کي ادبي صحافتي خدمتن تي ”سنڌي شريمن“ (1991ع) ۽ ٻيا ڪيترا اوارڊ پڻ مليا. هي سنڌي ٻولي، ساهتيه ۽ ڪلا وڪاس سڀا، آل انڊيا سنڌي ڪانگريس مينس فورم، مهاراشٽر ساهتيه اڪيڊمي وغيره سان به لاڳاپيل رهيو. هو 1991ع ۾ وفات ڪري ويو .